علم ڦهلايو جهالت گهٽايو، عزت،شرافت، امن ۽ علم سلامت ته سنڌ سلامت

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2011۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: علم ڦهلايو جهالت گهٽايو، عزت،شرافت، امن ۽ علم سلامت ته سنڌ سلامت

    سهڻي ۽ آسان انداز سان سمجهايل

    مهرباني ونڊ ڪرڻ جي۔ جيتوڻيڪ ايم ايس آفيس ۾ اسان ايم بي سنڌيء ذريعي به ڪم ڪري رهيا آهيون۔ مان سمجهان ٿو اسان جي يونيورسٽين کي پنهنجي ڪمپيوٽر ۽ آئي ٽي جي ڊپارٽمينٽ جي شاگردن کي ڪجه پروجيڪٽ ڏئي گهڻو ڪم وٺي سگهجي ٿو پر خبر ناهي ڇو ان طرف ڏيان نه ٿو ڏنو وڃي۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: علم ڦهلايو جهالت گهٽايو، عزت،شرافت، امن ۽ علم سلامت ته سنڌ سلامت

    [justify]
    هر شئي جي ترقي، بنياد ۽‌ پائيداريءَ جو سبب علم ئي آهي، علم سان مسئلن جو حل ممڪن آهي ڇو ته علم هوندو ته ڄاڻ هوندي ته ڪنهن به صورتحال کي ڪيئن منهن ڏجي۔۔
    ادا سليمان! توهان جو چوڻ‌ به پنهنجي جاءِ‌ تي صحيح آهي پر يونيورسٽين ۽ ڪاليجن کي اهي گهربل فنڊ نه ٿا ملن جن جي بنياد تي اهي پراجيڪٽ ڪري سگهن۔۔ هتي جيڪي شاگرد پنهنجي صلاحيتن جي مطابق ڪم ڪرڻ‌ چاهين ٿا ته انهن کي وري ڪا اهڙي سهولت نه ٿي ملي جيڪا انهن کي پراجيڪٽن جي تڪميل ۾‌مددگار ثابت ٿئي، خاص ڪري اها صورتحال سنڌ ۾ آهي، جڏهن ته پاڪستان جي ٻين صوبن سميت دنيا جي مڙنئي ملڪن ۾ اهو رجحان آهي ته مشهور معروف ڪمپنيون پنهنجي مسئلن کي هڪ پرپوزل جي شڪل ۾ تيار ڪري اتان جي يونيورسٽين جي اڳيان پيش ڪنديون آهن جيڪي وري پنهنجي ڄاڻايل ٽيڪنالوجيءَ‌ واري ڊپارٽمنٽ جي شاگردن کي ان بابت ڪو پراجيڪٽ تيار ڪرڻ تي همٿائينديون آهن ۽ ان سموري پراجيڪٽ جو خرچ اهي ڪمپنيون يا ادارا برداشت ڪن ٿا ۽ ڪاميابيءَ جي صورت ۾ ان پراجيڪٽ تيار ڪندڙ‌ شاگردن کي نوڪريءَ جي آڇ پڻ‌ڪن ٿا۔۔۔ پر افسوس جو مقام آهي ته سنڌ جي يونيورسٽين ۾‌اهڙو ڪو نظام نه آهي، يا وري اهڙو ڪو نظام هجي جيڪو شاگردن کي پراجيڪٽن جي اهميت ٻڌائي۔۔۔ هتي ته شاگرد مارڪيٽ‌ مان ٺهيل ٺڪيل پراجيڪٽ‌ پئسن تي وٺي پنهنجي ڊگريءَ جي تڪميل ڪندا آهن۔۔۔
    [/justify]
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: علم ڦهلايو جهالت گهٽايو، عزت،شرافت، امن ۽ علم سلامت ته سنڌ سلامت

    ڪم ته ڀلو آهي ۔۔۔۔ پر هڪ سوال ٿو پيدا ٿئي ٿي ته ڇا ان جي ضرورت هئي۔۔۔۔
    هيئنر جڏهن اسان اڳ ئي مائڪروسافٽ ورڊ جهڙي پاورفل، پروفيشنل ۽ مڪمل فيچرس سان حامل سافٽويئر تي ايم بي سنڌ سافٽويئر ذريعي سنڌي لکي سگهو ٿا۔۔۔ ته سنڌ يونيورسٽي کي گهرجي ها ته ڪنهن ٻئي پروجيڪٽ مثال طور سنڌي ڊجيٽل ڊڪشنري، گوگل ٽرانسليشن، ٽرانسليٽيريشن يا ڪنهن اهڙي پروجيڪٽ تي ڪم ڪري ها جنهن جي بي انتها کوٽ آهي۔۔۔ ان باوجود به هي پروجيڪٽ سٺو ثابت ٿي سگهي جيڪڏهن هن کي ڀرپور نموني استعمال ڪجي ۽ هن جا لڳاتار اپڊيٽ ورجن اچڻ لڳن۔۔۔
     
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: علم ڦهلايو جهالت گهٽايو، عزت،شرافت، امن ۽ علم سلامت ته سنڌ سلامت

    محترم رشيد سومرو صاحب، توهان طرفان سنڌ يونيورشتي جي پروجيڪٽ تي تنقيد عجيب لڳي. مان سنڌ سلامت جي ٻين رُڪنن کي به ڏسان پيو ته اڄ ڪله اُنهن ۾ ڪن آرٽيڪلس تي به اجائي تنقيد جو بلاجواز رُجهان وڌندو پيو وڄي جيڪو اڳ نه هو. شايد سنڌ سلامت سمجهي ٿي ته هُنن پنهنجي منزل ماڻي ورتي آهي ۽ هاڻ ٻئي طريقي سان پئي سوچي ۽ جڌنهن کين بُانهن غلطن طرف ڌيان ٿو ڏيارجي تو ته سمجڻ بدران ناراضگي۽ ضد، ائين نه هُئڻ کپي ڇو جو اسان سڀني جو مقصد سنڌيت کي اڳيان ڪرڻو آهي .

    هاڻ پروجيڪٽس تي ڳالهائجي. هڪ ته غور سان پڙهو هي پروجيڪٽ سيلبس جو حصو هو، جيئن يونيورسٽين جي اسٽوڊنٽسکي ڏنا وينداآهن، جيئن هُنن کي بنياد جي خبر پئجي سگهي. ٻيو ته هي اڳ جو شروٿ ٿيل هو جو هاڻ تڪميل ٿيو. ٽيو ته الاهياهڙا سافٽ ويئر آهن جيڪي وري وري ڪنهن خاص مقصد سان تشڪيل ڪباآهن، وڊيو ايڊٽنگ، گرافڪس تي به ڪئي سافٽ ويئرآهن. تازپ ان پيج ٿري به ميدان ۾ آيو آهي، توهانجي ڳاله مڇجي ته ايم اي ورڊ سيون جي هوندي ان جي ڪهڙي ضرورت هُئي پاڻ ئي فيصلو ڪريو.

    جن شاگردن اهو پروجيڪٽ ايز اي اسائنمينٽ ورتو هوندو، انهن سکيا جو ڪم ڪيو هوندو، مان ان کي ڏٺو آهي هن ۾ گهڻي ورائٽي به آهي.اسان کي ڪمرشيل انداز۾ سوچڻ نه گهرجي بلڪه تجرباتي بنياد تي اڳتي وڌڻ ِ سکڻ جي بنيادتي سمجهڻ گهرجي. اميد ته ناراض نه ٿيندا. ڇو جو هاڻ سنڌ سلامت وارن ناراض ٿيڻ به شروع ڪيو آهي

    ها بلڪل تنقيد ۽ بحث سکيا لاءِ لازمي آهي محمد سُليمان صاحب مان پاڻ تنقيد نگارآهيان ڇو جو تنقيد سان ئي شيون سهڻيو ٿي سگهن ٿيون، تنقيد تي اختلاف هرگز ناهي. پر سوال ته هن جي ضورت ڇا هُئي، هي ڇو ٿيو، اهو غلطآهي، ها ان ۾ سهڻائپ جمع ڪرائيسگهجي ٿي ته هن ۾ هيئن به هُجي ها ته سٺو لڳي ها وغيره. رهي ڳاله اشاري جي ته مهرباني ڪري منهنجي آرٽيڪل نيوميرالاجي طرف وڃو توهان کي گهڻو ڪجه ملي ويندو. جي ڪنهن هڪ جي مقصد جو ناهي ته هزارن جي مقصد جو آهي، آئون رڳزانو سويل اهڙن عقيدن رکڻ وارا ساراح جوڳا ميل وٺان پيو. پر اهو ٻوڌائڻ به ضروري سمجهان ٿو ته مذهبي عقيدي تحت آئون پان۾ ان کي نٿو مڄان پراهاشي وجود ضرور رکي ٿي اڪثريت جي نظرن ۾ پر آئون انهن تي پنهنجي مرضي ٿوپڻ جو حق نٿو رکان.

    ٻي ڳاله ته هر سُڄي شي هر ماڻوءِ جي هٿ ۾ ناهي، ڪي ايڊوانس سسٽم رکن ٿا ته ڪي رٽارڊ، ڪي ايم ايس ورڊ اِڊوانس استعمال ڪن ٿا ته ڪي ورجن ٿري، ڪياڄ به اهڙاآهن جيڪي سي لينگويج ۾ ڪم ڪن ٿا، نون لاءِ بنيادي اي بي سي لازميآهي جيئن اُهي سمجهي سگهن ۽ ايڊوانس ٿياڳتي وڌن. هن دونيا ۾ هر ڪنهن لاءِ موقعا هُجن، سڄن لا به ته انڌڙن لاءِ به ، اپاهجن لاءِ به ته لولڙن لاءِ به ۽ ان هن کي ڦٽو نٿو ڪري سگهجي. يونيورسٽين ۾ اڄ به والو ۽ ٽيوب، ٽرانسسٽر پڙهايا و_ن ٿا ۽ اهن تي پروجيڪٽ به ٺهن ٿا جڌنهنته هر شي ۾ آءِسيز آهن.
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: علم ڦهلايو جهالت گهٽايو، عزت،شرافت، امن ۽ علم سلامت ته سنڌ سلامت

    سائين عبدالرزاق صاحب مهرباني

    مان نه ٿو سمجهان ته ڪنهن به دوست ڪنهن ناراضگيء جو اظهار ڪيو آهي پر هر ڪنهن جي سوچ مختلف ٿي سگهي ٿي. ڪنهن به دوست هن کي خراب نه چيو آهي پر تعريف ڪئي آهي.

    مٿين پيرا ۾ ڪٿي ، ڪهڙي غلط ڳاله آهي۔ مونکي ته هن ۾ سٺيون ڳالهيون ئي نطر آيون آهن۔

    سڀ دوست سنڌيت جي پرچارڪ ۾ آهن اسان سنڌي يا سنڌ سلامت ڪهڙي منزل تي پهتا آهيون ۽ اوهان جو اشارو ڪهڙيء منزل ڏانهن آهي اهو به ٻڌايو ها ته بهتر ٿئي ها. اسان سڀني کي اڃان گهڻو ڪم ڪرڻو آهي ۽ اسان کي ڪنهن به اختلافن م پوڻ نه گهرجي. ٻي ڳاله ته تنقيد کي هميشه مثبت وٺجي نه ڪي منفي. جيڪڏهن اسان اها سوچ رکنداسون ته خامين تي ڪڏهن به قابو پائي نه سگهنداسون.

    شاباس آهي انهن نوجوانن کي جن هن پروجيڪٽ تي ڪم ڪيو آهي . اسان کي اميد آهي ته هن خطاط کي بهتر بنائڻ ۽ ان کي اپڊيٽ ڪرڻ لاء ضرور ڪم ٿيندو ۽ ان سان گڏ ٻين پروجيڪٽس تي پڻ ڪم ٿيندو

    اوهان جي مضمونن جو قدر آهي جيڪي تمام گهڻا ڄاڻ وارا هوندا آهن پر ضروري ناهي ته هر موضوع کي بي انتها موٽ ملي ؟ ٻي ڳاله ته اوهان به ته صرف پنهنجن موضوعن جي ڳاله ڪندا آهيو ۽ ٻين دوستن جي موضوعن تي ڪا راء ڪونه ڏيندا آهيو ته ان جو مقصد اهو ناهي ته اسان اوهان تي ناراض ٿيون ۔۔۔۔ جيڪڏهن اوهان ناراض نه ٿيو ته مهرباني ڪري اوهان اها اينالائسس ضرور ڪجو ته اوهان جي موضوعن تي ڪيترن دوستن ۽ ڪيترا رايا ڏنا آهن ۽ اوهان گهڻن دوستن جي تحريرن تي پنهنجا ڪمينٽس ڏنا آهن۔

    اميد ته ناراض نه ٿيندا ۽ پنهنجا قيمتي ۽ ڄاڻ وارا موضوع سنڌ سلامت تي ونڊ ڪندا رهندا
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: علم ڦهلايو جهالت گهٽايو، عزت،شرافت، امن ۽ علم سلامت ته سنڌ سلامت

    [justify]منهنجا مٺا دوست عبدالرزاق صاحب، رب اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي، اوهين اسانجي هن اوطاق جا معزز دوست آهيو، بلڪ اسان کان گهڻو سکيل، عمل جي دنيا ۾ به اڳڀرا آهيو ۽ علم دوست به آهيو، اوهانجون لکڻيون ۽ حب الوطني جو جذبو ساراهڻ جوڳو آهي، بلڪ اوهانجون لکڻيون ڏسي اسانکي انتها جي خوشي ٿيندي آهي ۽ پنهنجي وس آهر، انهن تي ٽيڪا ٽپڻي به ٿيندي آهي ۔۔۔

    سڀ کان پهريان معاف ڪجو، اوهان ادي رشيد کي سمي جي بجا سومرو ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔ خئير آهي سنڌي ماڻهون جنهن به ذات سان سڏيا وڃڻ سهڻا لڳندا آهن ۔۔۔

    ٻي ڳالهه ته اوهان پنهنجي پوري ليک ۾ سنڌ سلامت جي دوستن کي ناراض ٿي وڃڻ طرف اشارا ڪيا آهن، مٺا دوست اوهان پاڻ شايد هن کان پهريان جيڪو جذبات ۾ اسان طرف محبت نامو لکيو هو سو وري پڙهي ڏسو، اصل ڳچي تي لت رکيل هئي ۔۔۔ ماڻهون جو ساه ٻوساٽبو ته رڙيون ته ڪندو ۔۔۔ اوهان پاڻ ناٽڪ لکي ڄاڻو ۔۔۔ خئير ڳالهه آئي وئي ۔۔۔ اوهان ناراض ناهيو اها ڳالهه سٺي آهي ۔۔۔

    باقي مٿي اوهانجي ليک تي دوستن شايد پنهنجي ڄاڻ مطابق ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آهي ۔۔۔ پاڻ ته ڪمپيوٽر جي معاملي ۾ ايترا ئي ماهر آهيون جيترو ڪمپوٽر اسانجي باري ۾ ڄاڻي ٿو، اسين ته گهر جا اهڙا ڀاتي آهيون جو جڏهن ڪنو پچي تيار ٿيندو آهي ته تسري کڻي بيهندا آهيون ۔۔۔

    دوستن ۾ بحث مباحثو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هلڪي ڪن مهٽ ٿي وڃي ته دل ۾ نه رکجي ۔۔۔ جيئن اوهان ڪيو آهي ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔ هي اوطاق اسان سڀني جي آهي، سنڌين جي آهي، هن اوطاق تي اسين ڪوشش ڪريون ٿا ته ڪنهنجي اجاراداري قائم نه ٿئي ۔۔۔

    لک ٿورا اوهانجي پيار جا ۔۔۔

    هڪ سوال ته جيڪڏهن اوهين انگن اکرن وارو علم سکي ورتو هجي ته مونکي به هڪ سوال آهي، جواب ملي ته چوان ۔۔؟

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    [/justify]
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: علم ڦهلايو جهالت گهٽايو، عزت،شرافت، امن ۽ علم سلامت ته سنڌ سلامت

    وڏن جي وچ ۾‌ ڳالهائڻ‌جي لاءِ‌ معافيءَ جو طلبگار آهيان۔۔۔
    مون فيسبوڪ جو لنڪ پهرين نه کوليو هو، ڇو ته ٽيڪسٽ جي فارميٽنگ سان لنڪ جي خبر نه پئي۔۔ اڄ لنڪ کولڻ سان ان باري ۾ خبر پئي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ (انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالوجي) پاران تيار ڪيل هڪ ورڊ پراسيسر جو تعارف ڏنل آهي۔۔۔ دوستن کي يادگيري ڏياريندو هلان ته مان به انهيءَ ئي اداري ۾ هڪ عارضي ٽيچر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهيان۔۔۔ هي ورڊ پراسيسر اسان جي اداري جي هڪ بهترين ڪوشش آهي، ڇو ته هي خالص سنڌي انٽرفيس فراهم ڪري ٿو ان سان گڏ هن ۾ سنڌي اسپيل چيڪر جي سهولت پڻ ڏني وئي آهي، جنهن تي هڪ سيمينار ٿيو هو، ان باري ۾ به شايد مان سنڌ سلامت تي اڳ ۾ خبر ڏئي چڪو آهيان۔۔۔
    بهرحال هڪ ڳالهه آهي ته اسان وٽ سنڌ جي يونيورسٽين ۾ هڪ ته اهڙا جامع پراجيڪٽ تيار ڪونه ٿا ٿين، پر وري جي تيار به ٿين ٿا ته گهڻو ڪري پنهنجن جي ئي تنقيد جي زد ۾ اچي وڃن ٿا۔۔ پر انهن پراجيڪٽن مان اسان کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ اسان جا آءِ ٽيءَ جا ماهر پاڻ‌ پتوڙي رهيا آهن۔۔۔ هي پراجيڪٽ بنا ڪنهن حڪومتي امداد يا اداري جي فنڊنگ جي تيار ٿيو‌آهي، تيار ڪرڻ وارو صرف هڪ ليڪچرار آهي، فقط نالو اداري جو آهي۔۔۔
     
  9. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: علم ڦهلايو جهالت گهٽايو، عزت،شرافت، امن ۽ علم سلامت ته سنڌ سلامت

    بحث سڄو هنن لفظن ڪري ٿيو ا۔
    پر هڪ سوال ٿو پيدا ٿئي ٿي ته ڇا ان جي ضرورت هئي۔۔۔۔
    هيئنر جڏهن اسان اڳ ئي مائڪروسافٽ ورڊ جهڙي پاورفل، پروفيشنل ۽ مڪمل فيچرس سان حامل سافٽويئر تي ايم بي سنڌ سافٽويئر ذريعي سنڌي لکي سگهو ٿا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو