ھـوء جـا مـرگـھ نـيـڻن واري،
هـن جـا چپ آڙنـگ ڏينـهن هن جا لڙڪ بڊي جا مينهن،
هن جي سر تي انڊلٺ جهڙي سينڌ سنواريل رهجي وئي آ،
هـن جـي هـڪڙي حسرت آ جو اڻ اظـهاريل رهـجي وئـي آ،
هو جا ڪڻڪي ڪونجھ ويراڳڻ هن کي لاڙ پٽن جي لوري،
هو جا وانجهيل مانجهي سانجهي هن کي تلڪ تڏا نه توري،
هـو ڇـا ڇـاپـي گل ڇتن...
اي لهندڙ سج صبح کي چئجان مان ڪنهنجو ڪين نه غُلام آهيان
منهنجي پنهنجي دُنيا آهي مان به انهي جو امام آهيان
مون ڪالهه جنِين سان جھيڙيو هو ۽ اڄ به انهي سان جھيڙيان ٿو پيو
ظُلم سِتم جا ڏُونگر ڪيئي پاڙن کان ئي ٿيڙيان ٿو پيو
منهنجا لڱ هن لوهي شيخون مان ايئن نه سمجھ ڪو عام آهيان
هت ڪاريون ڪيئي آيون...