• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

Rabel Napar Sindhi طرفان موجوده مواد

  1. Rabel Napar Sindhi

    ابراهيم جويو صاحب

    پڪيءَ وهيءَ جي ڏاڪي تي رسيل ڪو جوان مرد ائين ڏسجي ڄڻ هو سڀڪجهه وڃائي ويٺو آهي مائٽ، دوست، زندگيءَ جو ذوق ۽ چاهه ۽ هن جي اکين مان هن جي فقط بي خيالي ۽ بيزاري بکي رهي هجي. پنهنجي جسماني سالميت ۾ ئي هن کي ڪو ڀروسو نه رهيو هجي ۽ هن جي وجود مان اندروني هڪ بي وقتي ٿڪاوٽ پئي ڏسجي. ڄڻ پرانهين ڪنهن دس...
  2. Rabel Napar Sindhi

    آڪاش انصاري

    هڪ سپني جي ساڀيان خاطر * هڪ سپنو ! جنهن جي ساڀيا خاطر، پنهنجي نيڻ جي صليبن تي ٽنگيل، سوين سپنن کي گُهٽا ڏئي اسان ماريو آ، اهو سپنو ! سهاڳ رات جي جوڙي جيان، ٻهڪيل ٻهڪيل. سهاڳ رات جي مينديءَ جيان خوشبوءِ خوشبو، سهاڳ رات جي ڳيچن جيان، سادو، سادو. سهاڳ رات جي لمحن جيان، جاڳيل، جاڳيل،...
  3. Rabel Napar Sindhi

    جنگ جو طبل

    جنگ جو طبل ...... مياڻ جي سُتل تلوار مٿان ڏيئو جاڳي رهيو آهي ڌرتيءَ کان حفاظتن جا سمورا حق وڃائجڻ لڳا آهن محاذ تان هٽي ويل سپهہ سالار لذت لڱن مان مڌ جهڙا پيالا پي جسم جي بستر تي مدهوشيون ماڻي رهيو آ سالن کان خيمي جي در تي بيٺل سپاهي جنگ جون سڀئي مشقون مارائي چڪو آ ڌرتي ڌارين جي لتاڙ هيٺان پنهنجا...
  4. Rabel Napar Sindhi

    مرد پڙهيو فرد پڙهيو مختصر ڪهاڻي عباس ڪوريجو

    ڪراچيءَ جي روڊن تي رلندي ڌاري بولي ڳالهائيندڙ محبوبہ فخريہ انداز ۾ چيو : ڏس! منهنجي علائقي جا نوان روڊ رستا ، صفائي ۽ خوشحالي . . . . تنهنجي علائقي ۾ ائين ڇو نہ آهي !؟ بدحواس ٿي وراڻيومانس : تنهنجي ناني به ايم اي پاس آهي ، ۽ منهنجي ننڍڙي ڀيڻ کي اڄ بہ اسڪول نٿو وڃڻ ڏنو وڃي . عباس ڪوريجو
  5. Rabel Napar Sindhi

    وتايو فقير

    پاڙي جي ملان تمام چڱيءَ ريت وتايي فقير کي هدايت ڪئي، مسلمانن کي نماز پڙهڻ گهرجي، جيڪو نماز نٿو پڙهي، سو مسلمان ئي ناهي ، اُٿي هلي نماز پڙھ . وتايو ساڻس گڏجي نماز پڙهڻ ويو ، اڃا فرض جوٽيائون تہ پٺيان واڪو ٿيو تہ ” وتايا ڪٿي آهين ؟ ڊوڙي آءٌ تنهنجي گهر جي لوڙهي کي باهہ لڳي ويئي آهي. اهو آواز ٻڌي...
  6. Rabel Napar Sindhi

    وتايو فقير

    هڪڙي ماڻهوءَ چيو ، وتايا الله سائين بي نياز آهي ، تو ساڻس مسخريون ۽ حُجتون ٿو ڪرين، ڏينهن قيام ابتو ڪري ٽنگيندءِ، وتايي فقير چيو هڪ سنئين سڌي ماڻهوءَ کي ابتو ڪري ٽنگڻ بہ مسخري آهي
  7. Rabel Napar Sindhi

    استاد بخاري

    هي ڪائنات سمجهيو مومل جي ڪاڪ آهي هت حسين، پيار، دوکو هر جاءِ آ هيڪاندو بخاري
  8. Rabel Napar Sindhi

    سپنن جي سڃ ( امر جليل

    سپنن جي سڃ : صبح جي ڳالھ عورت : عورت بيوفا دغاباز ۽ مڪار آهي آشا خاموش، اداس وياڪل، خاموش ڇو آهين ؟ جواب ڏي منهنجي سوال جو جواب ڏي آشا اکين ۾ الڪو: چپ تڙپيس، ڦڙڪيس منهنجي مجبوري بہ ڏس شامو مجبوري: هون ( مان تنهنجي لاءِ سڀ ڪجھ ڇڏي آهيو آهيان، سب ڪجھ ٺڪرائي آهيو آهيان. تون مرد آهين شامو، تنهنجي...
  9. Rabel Napar Sindhi

    امر جليل

    ڪنهن بزرگ مون کان پڇيو : ڪهڙو سبب آهي جو اڄ تائين سچل جي عظمت کان انڪار ڪيو ويو آهي ؟ مون کيس جواب ڏنو “ اهو مُلو جنهن ٻہ سئو سال اڳ سچل جي مخالفت ڪئي هئي ۽ مٿس ڪفر جي فتويٰ ڏني هئي، سو مُلو مئو ناهي، اهو مُلو جيئرو آهي، هن هر دور ۾ سچ جي مخالفت ڪئي آهي، هن هر دور ۾ منصور، سرمد ، سچل تي پابنديون...
  10. Rabel Napar Sindhi

    امرجليل

    مون جڏهن لطيف گهوٽ کي جڏهن جلاوطن ٿيڻ لاءِ سفر جو سامان ٻڌندي ڏٺو، تڏهن چيم “ تو مٿان مُلڪ مڙيوئي گهوريان، تون سنڌ ڇڏي ڪيڏانهن ٿو وڃين ؟ لطيف سائين وراڻيو : اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون اٺئي پهراٿن، سعيو ڪنهن سفر جو، سائينءَ کي عرض ڪيم “ توکانسواءِ ننگر ۽ ناڙيون، بندر ۽ بازاريون سڃا ٿي ويندا “...
  11. Rabel Napar Sindhi

    امر جليل

    زهره : گهڙي کن خيالن ۾ گم رهڻ کانپوءِ عجيب سوال پڇيائين ، تون ڪنهن سان محبت تہ نہ ڪندو آهين ؟ مون سندس اکين ۾ نهاريو چيم ها تہ پوءِ شايد سڄي سڄي رات ان عورت جي ياد ۾ جاڳندو آهين؟ ڪنهن حد تائين هوءَ بہ توسان محبت ڪندي آهي ؟ چئي نٿو سگهان هوءَ ڪنهن ٻئي مرد سان محبت ڪندي آهي ؟ شايد اهو تہ ڪو جواب...
  12. Rabel Napar Sindhi

    آڪاش انصاري اڙي عشق تو وٽ وري پيو اچان

    اڙي عشق تو وٽ وري پيو اچان، خودڪشي، زندگيءَ کان پري آ اڃان، جڏهين ڀي تو هٿ مان آ هٿڙو ڪڍيو، هٿن جي لڪيرن سان ورچيو پوان، اوهان جي اکين ۾ ڪي ارغون هئا، اسان جي هئي دل سنڌ ڌرتيءَ جيان، جن جي قسمت ۾ دوزخ ڌُريان ئي لکيو، او خدا ڪيئين توکي چوان مهربان ؟ او سقراط هڪ سُرڪ جي ها ڀرين، زندگيءَ جي زهر...
  13. Rabel Napar Sindhi

    وفا ناٿن شاھ

    جسم تان لباس تو لهي، جيئن هڏن تان ماس ٿو لهي، چپ چڙهن پيا چپن مٿان خوف ۽ حراس ٿو لهي، لُڙڪ ٿا لهن شناس جا، دل تان بي شناس ٿو لهي، رنگ رنگ جو نمائشون، ڪنوار جو لباس ٿو لهي، ائين لهي ويو سرير ۾، دل ۾ جيئن قياس ٿو لهي، ڪنوارين ۾ واس ٿو لهي، هٿ حور جا وڃي وفا، عرش تان گلاس ٿو لهي . وفا ناٿن شاھ
  14. Rabel Napar Sindhi

    امر جليل

    هن سمجهيو هوندو تہ مون دردن کي برداشت ڪرڻ سکي ورتو آ، پر سچ اهو آ تہ خاموشي ئي ماتم جو اصل روپ ٿيندي آ امر جليل
  15. Rabel Napar Sindhi

    امر جليل

    جن انسانن جو ٻين تي وس نہ هلندو آهي سي پاڻ کي خيالن جي صليب تي لٽڪائي ڇڏيندا آهن امر جليل
Back
Top