اڌ مٿي جو سور (Migraine) دماغ کي شديد تڪليف ڏياريندڙ بيماري آهي. هن بيماري ۾ مريض کي مختلف وقفن سان اڌ مٿي ۾ شديد قسم جا سور جا جهٽڪا پوندا آهن. اڪثر مريضن ۾ مائيگرين جو سور دل جي ڌمڪ جيان دماغ جي هڪ حصي ۾ محسوس ٿيندو آهي. سور پوڻ دوران مريض کي الٽي، دل ڪچي ٿيڻ سان گڏوگڏ تيز روشني ۽ تيز آواز به...
انسان ۾ رت جي دوري جو سرشتو: -انسان- جي رت جي دوري جو سرشتو دل ۽ رت جي نالين تي مشتمل آهي.
دل (Heart ):
مشڪن جو هڪ عضوو آهي، جيڪو رت کي جسم جي مختلف حصن ڏانهن ڌڪي ٿو يعني پمپ ڪري ٿو. هيءَ هڪ سخت پردي ۾ ويڙهيل ٿئي ٿي، جنهن کي دل جي ڳوٿري (پيريڪارڊيم) چئبو آهي. دل جا چار خانا ٿين ٿا: مٿين ٻن خانن...
) ٿيليسميا جا قسم (TYPES OF THALASSAEMIA ):
(1) عام ٿيليسميا (Hetrozygote Minor Thalassaemia ):هن قسم جي ٿيليسمياگهڻي ڀاڱي موروثي يا جينياتي ٿيندي آهي. هن قسم جي ٿيليسميا کي نر ماد واري (Autosomal Thalassaemia) پڻ چئبو آهي. هن قسم جي ٿيليسميا جيتوڻيڪ -ٻار- سان سڄي عمر گڏ هلندي (Carries) آهي،...
جراثيم: هيءُ لفظ فارسي ٻوليءَ مان ورتل آهي، جنهن جو مفهوم اهي ننڍڙا جيوڙا جيڪي عام طرح نظر نه ايندا آهن، فقط خوردبينيءَ سان ڏسي سگهبا آهن. -جراثيم-، نامياتي جسم آهن، جيڪي جيوگهرڙن تي مشتمل هوندا آهن. خوردبينيءَ سان ئي ڏسي سگهبا آهن. ڪي اهڙا به آهن، جيڪي خوردبينيءَ سان به ڏسڻ ۾ نه ايندا آهن. اهي...
پتي جون پٿريون ٻن قسمن جون هونديون آهن۔
1۔ڪوليسٽيرول مان ٺهيل پٿريون:
پتي ۾ پٿري ٺهڻ جو عمل گهڻو ڪري ڪوليسٽيرول جي ذريعي ٿيندو آهي۔ اها ڪوليسٽيرول اسان جي بائيل(Bile) جو هڪ اهم جزو آهي۔ جڏهن پتو کاڌو کائڻ کانپو به مڪمل خالي نه ٿئي ته ان ۾ پٿري ٺهڻ جو عمل شروع ٿي ويندو آهي۔پتي ۾ 80 سيڪڙو پٿريون...