• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ضراب حيدر طرفان موجوده مواد

  1. ضراب حيدر

    سرحدن کان اڳتي

    سرحدن کان اڳتي (ڪهاڻي) ضراب حيدر ڪارونجهر، ننگر شهر جي مٿان ڪرَ کنيو بيٺو هو، سانوڻ جا آگم ائين ڀريا بيٺا هئا، جيئن تازي وئايل مينهن جا ٿڻ، کڙ سان ڀريا بيٺا هوندا آهن. ننڍيون ننڍيون ڪڪريون جبل جي چوٽيءَ سان ڪُڏي رهيو هيون، ڪجهه ڪڪريون جبل سان ٽڪرائجي اُڀ ڏانهن ٿي هليون ويون ته وري ڪي جبل جي...
  2. ضراب حيدر

    سگريٽ کي ڪٿان دُکائجي؟

    سگريٽ کي ڪٿان دُکائجي؟ ضراب حيدر سنڌو درياهه، ٺٽي جي ٻاهران پاڻيءَ ۾ ريٽ ملائي سمنڊ ڏانهن ڪاهيندو ڌوڪيندو ٿي ويو. سمنڊ کان اُٿندڙ واهوندي. اڇن ڪارن ڪڪرن کي اتر ۽ اوڀر ڏانهن گهليندي ٿي وئي. ڪينجهر جون نيريون ڇوليون، نوريءَ جي قبر جي گول ٿلهي کي ڇُهي رهيون هيون. موٽر لڳل هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ ناکئو،...
  3. ضراب حيدر

    هڪ غريب دؤر جي امير ڪهاڻي....

    هڪ غريب دؤر جي امير ڪهاڻي ضراب حيدر هُن اڃان پنهنجي پهرين ڪهاڻي ڪونه لکي هُئي، الڳ ٿلڳ ته هوءَ ننڍپڻ کان ئي هئي، پر جڏهن جوانيءَ ۾ داخل ٿي هئي، ته ڪي قدر مختلف ضرور ٿي وئي هئي. هُن جي سوچن جو محور مادي شيون ڪين هيون، هوءَ سوچيندي هئي تارن متعلق، هُن ستارن جا رستا آسمان ۾ تڪي ۽ جانچي ورتا هئا...
  4. ضراب حيدر

    عاقبت جو توشو

    عاقبت جو توشو ضراب حيدر سرواڻ، ڍوريءَ مان ڪُنڍيءَ سان مُنڍا ڦاسائي، لَئِي جي ٽاريءَ مان ٺاهيل چيئن ۾ اٽڪائي، ڍوريءَ جي ڪناري ۾ ٽُنبي رکندو ٿي ويو. ڪجهه مُنڍا هُن ڪانڊيرن جي سُڪل ڍينگرين تي باهه ٻاري سيڪجڻ لاءِ اُڇلائي ڇڏيا هئا، جيڪي پچي وڃڻ کانپوءِ هُن لوڻ مرچ ٻُرڪي کاڌا پئي. سندس پويان ڦاروَن...
  5. ضراب حيدر

    ڪارا ناسي ڪنگڻ

    ڪارا ناسي ڪنگڻ ضراب حيدر ننڍپڻ ۾ بابا، ميلن تي وٺي ويندو هو، انهن ميلن ۽ زندگيءَ جي هاڻوڪن ميلن ۾ ڪيڏو نه فرق پيو ڀائنجي!؟ موت جي کوهه ۾ موٽرسائيڪل هلائيندڙ سوار کي همٿ ۽ جرئت جو مظاهرو ڪندي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويندو هئس، کيس دل ئي دل ۾ ڏاڍو داد ڏيندو هئس، جيڪو پنهنجيءَ جان جي پرواهه نه ڪندي موت جي...
  6. ضراب حيدر

    اِهوئي حق نه ڪي اِناالحق....

    اِهوئي حق نه ڪي اِناالحق... ضراب حيدر درد ئي ته آهي جيڪو سدائين ساڳيو رهندو آهي. درد کي کڻي ڪهڙو به نانءُ ڏجي اُهو سدائين جوان هوندو آهي، سڄڻ ۽ ساڻيهه ساهه جي سرگم ۾ پنهنجي پدن سان سدائين وڄندا رهندا آهن هر ماڻهوءَ جي زندگي جيتوڻيڪ بنهه پنهنجي ۽ ذاتي رهي ٿي پر هو پنهنجو پاڻ کي لاڳاپيل شين کان...
  7. ضراب حيدر

    انت بحر دي ڪل نه ڪائي...

    انت بحر دي ڪل نه ڪائي... شايد هر ماڻهو جو پنهنجو پنهنجو تجسس هوندو آهي، ڪي ماڻهو دنيا لاءِ تجسس رکندا آهن ته ڪي وري روحانيت ۾ ويساھ رکندا آهن. ماڻهوءَ جي انت بحر جي ڪا به خبر ڪونهي، اُهو هر وقت عجب اسرارن سان ڀريل آهي. منهنجو ويساھ جيتوڻيڪ روحانيت ۾ ئي رهيو آهي جو منهنجي نظر ۾ روحانيت ئي هڪ...
  8. ضراب حيدر

    امان! مان ڏاڍو اڪيلو ٿي ويو هان...

    امان! مان ڏاڍو اڪيلو ٿي ويو هان... ضراب حيدر امان او امان... توتان گهور وڃان. امان توکي پُڪارڻ يا سڏن لاءِ مون وٽ اِن کان وڌيڪ ڪو مقدس لفظ ڪونهي... الائي ڇو امان مون جڏهن به توکي پُڪاريو، سڏيو آهي ته مونکي اُساٽ ۾ به ڇانوري جو احساس ٿيو آهي. تڪليف ۽ پريشانيءَ جي عالم ۾ سدائين منهنجي زبان تي...
  9. ضراب حيدر

    ڀلي پار کان ٻيڙا پار ڪري وئين، صادق!

    ڀلي پار کان ٻيڙا پار ڪري وئين، صادق! ضراب حيدر اهڙا رُساما! ڇو ڀلا؟ صادق تون ته سَچو يار هئين! پوءِ هي ڪهڙي رمز آهي، جيڪا سمجهه ۾ ئي نٿي اچي! بهارون ته اسان سان سدائين کيڏ ڪنديون آهن، جڏهن اڃان گونچ نسرندا ئي ناهِن ته ڪي ئي گل گلاب ڇڻي پوندا آهن، بهارن ۾ خبر ناهي اسان ڪيڏا بهار جهڙا ماڻهو...
  10. ضراب حيدر

    اکين ۾ سنڌ وسائيندڙ عاشق ماڻهو.....(بشير خان قريشي)

    اکين ۾ سنڌ وسائيندڙ عاشق ماڻهو..... (بشير خان قريشي) ضراب حيدر موت برحق آهي. ۽ هر ڪنهن تي هڪ ڏينهن اچڻو آهي.ڪير آهي جيڪو هن دنيا ۾ سدائين لاءِ زندهه رهيو آهي؟؟ ها! هر جسم کي موت اچڻو آهي ۽ هرنفس کي ان جو ذائقو چکڻو آهي. لطيف سائين جي چواڻي ته فانيءَ في...
  11. ضراب حيدر

    هڪ، عاشق بودلو عبدالواحد آريسر....

    هڪ، عاشق بودلو عبدالواحد آريسر.... ضراب حيدر هو شخص جيڪو سمورو سچ ۽ ساڃاهه هو، هو شخص جيڪو سنڌو سڀيتا جو اُتساهه هو، هو شخص جيڪو دراوڙي وصبون ۽ لهجو رکندڙ ٻانڀڻياڻي ٻوليءَ جو ويساهه هو، سو گهُور ننڊ سمهي پيو، هُن اکيون ڇا پُوريون، منظر ئي بدلجي ويا. سنڌ هڪڙي سِسڪي ڀري ۽ ڪيئي هانءُ ڏري پيا...
  12. ضراب حيدر

    سِلوٽي چِترا جو درد ۽ چِڻڪندڙ چِت...

    سِلوٽي چِترا جو درد ۽ چِڻڪندڙ چِت... ضراب حيدر اڄ الائي ڪيئن، اکين ۾ چترا لهي آئي...! چترا جيڪا ساڙهيءَ ۾ ملبوس اسٽيج تي ويهي جگجيت سان گڏ جهونگاريندي هئي، اُداس هرڻي جي اکين جهڙيون اکيون کڻي جڏهن هوءَ نهاريندي هئي ته ايئن لڳندو هو ڄڻ زمانا بيهجي ويا آهن. چترا جنهن جي چت ۾ جگجيت جُڳ جُڳ...
  13. ضراب حيدر

    انب کَٽو آهي...!!

    انب کَٽو آهي...!! ضراب حيدر ڪنهن کي آئينو ڏيکارجي!؟ لڳي ٿو ته ماڻهو نابين ٿي پيا آهن، جڏهن کان مڪتب لاءِ ڪتابن جو ٿيلهو کڻي پڙهڻ لڳا هئاسين، تڏهن کان زندگي سبقن جيان سهڻي ۽ دنيا ڪتابن جيان وسيع محسوس ٿي هئي. الف سان اک به ڏٺيسين ته الف سان انب به کاڌوسين ۽ وري الف کي مد لڳائي آئينه به...
  14. ضراب حيدر

    عدد ناھ عِشق، پُڄاڻي پاڻ لهي.

    عدد ناھ عِشق، پُڄاڻي پاڻ لهي. ضراب حيدر عشق هڪ لافاني شيءَ آهي، جنهن جون ميخون دنيا ۽ زندگيءَ جي سرزمين تي هرگز کُتل ناهن، عشق ته حقيقت ۾ ازل ۽ ابد جو تسلسل آهي، جنهن ڪري ڪائنات جو ضابطو ممڪن آهي، مطلب ته ڪائنات جو توازن صرف اُن عشق جي آڌار برقرار آهي، جيڪو روح کان وٺي عالم ارواح تائين ساڳيو...
  15. ضراب حيدر

    عالمي حسينا ۽ هوءِ ڇوڪري...

    عالمي حسينا ۽ هوءِ ڇوڪري... ضراب حيدر هُن جي حُسنا ڪين جو ڪهڙو بيان ڪجي، هوءَ پل اَپل ۾ روئي ۽ پل اَپل ۾ کلي پوندي هئي. زندگيءَ جو ڏانءُ وٿس ائين هو، اهڙو هو، جهڙو موهن جي دڙي کي تهذيب ڏنو، خبرناهي ڪيڏا زمانه سندس نيڻن ۾ ٻڏندا ترندا هئا، هُن وقت ۽ زماني جي وحشتناڪ نگاهن کي پنهنجي...
Back
Top