هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [JUSTIFY]پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو، ۽ پوري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ۔ ڪافي ڏينهن جي غير حاضري کان پو توهان لا کڻي آيو آهيان سنڌ جي کاهوڙي شخصيت محترم پروانو ڀٽي سان ملهايل هڪ شام پروانو ڀٽي جي نان جو اکين ڏٺو احوال تصويري صورت ۾ ، هن سرهي سانجهه ۾ سنڌ جي ناميارن شاعرن اديبن ، فنڪارن فنون لطيف سان تعلق رکندڙ دوستن جن ۾ قابل فخر نالا، سنڌ جو خوبصورت شاعر محترم غلام حسين رنگريز، سنڌ جي بهترين ۽ جاکوڙي شاعره محترما زيب نظاماڻي صاحبه ، انعام ٽکڙائي، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، محترم مشڪور ڦلڪارو، ڊاڪٽر جي ايم گل، ضلع ٽنڊو محمد خان جو ڊي سي او محترم علي محمد لُنڊ، ضلع ٽنڊو محمد خان جو ڊي پي او محترم محمد رياض سومرو هُئا، هي رنگا رنگ تقريب سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان ۽ ضلعي انتظاميه ٽنڊو محمد خان مشترڪا طور ملهائي، هن رنگا رنگ تقريب جي اسٽيج سيڪريٽري وارا فرائض ٽنڊو محمد خان جي بهترين ڪمپيئر محترم اعظم ڀٽي هلائي۔ [/JUSTIFY]

    پيش آهن انهي رنگا رنگ تقريب جون تصويري جهلڪيون۔​


    [​IMG]
    ٽنڊو محمد خان جي آفيسر ڪلب جي هال ۾ هڪڙو وڏو ۽ خوبصورت بينر آويزان هو۔

    [​IMG]
    محترم پروانو ڀٽي شام ملهائڻ تي سڀني جا ٿورا مڃي رهيو آهي ۽ پنهنجون ساراڻيون بيان ڪري رهيو آهي

    [​IMG]
    سنڌ جو تمام پيارو شاعر محترم غلام حُسين رنگريز پروانو ڀٽي صاحب کي پنهنجي پاران خوبصورت لفظن جي ڀيٽا ڏئي رهيو آهي۔

    [​IMG]
    سنڌ جي بولڊ ۽ جذبن کي نئين جوت ڏيندڙ شاعره محترما زيب نظاماڻي صاحبه پڻ پنهنجا ويچار ونڊي رهي آهي۔
    [​IMG]
    سنڌ سلامت جي ميمبر ۽ ناري ڊيولپمينٽ جي چيئر پرسن محترما شبانه امتياز سمون پنهنجا ويچار ونڊي رهي آهي۔
    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر سڀني مهمانن کي آجياڻو پيش ڪري رهيو آهي
    [​IMG]
    ٽنڊو محمد خان جو ڊي پي او محترم محمد رياض سومرو صاحب پروانو ڀٽي جي شخصيت جي باري ۾ پنهنجا ويچار ونڊي رهيو آهي۔

    [​IMG]
    ٽنڊو محمد خان جو ڊي سي او محترم علي محمد لُنڊ انتظاميه پاران پروانو ڀٽي سان شام ملهائڻ جي سلسلي ۾ ضلعي انتظاميه جي ورتل ڪوششن جي تفصيل ٻُڌائي رهيو آهي۔

    [​IMG]
    ڊاڪٽري جي ايم گُل تقرير ڪري رهيو آهي

    [​IMG]
    ٽنڊو محمد خان جو مشهور ڪمپيئر محترم اعظم ڀٽي اسٽيج سيڪريٽري وارا فرض سرانجام ڏيئي رهيو آهي۔​
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

    ڪجهه وڌيڪ تصويرون[​IMG]
    ٽنڊو محمد خان جو ڊي پي او محترم محمد رياض سومرو ، محترما زيب نظاماڻي ۽ ٽنڊومحمدخان جو ڊي سي او محترم علي محمد لُنڊ صاحب۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

    دل چوي ٿي ته ڪجهه وڌيڪ تصويرون ونڊيان توهان سان

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو جهونو نثارناز ٽي درجي وارو شاعر هميشهه آخر سيٽن تي ويهندو آهي سنڌ سلامت لا ڪوريج ڪرڻ کان پو ڪجهه دير ساهه پٽڻ لا ويٺو آهي دوست اورنگزيب ڀٽي مهربانيون ڪري اها تصوير ڪڍي ورتي۔

    [​IMG]
    ٽنڊو محمد نيٽ ورڪ جا نمائندا محترم علي نواز لُنڊ ۽ محمد اسحاق سولنگي۔

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جي ميمبر شبانه امتياز سمون ۽ سنڌ سلامت سان پيار ڪندڙ محترما زيب نظاماڻي انتهائي دلڪش انداز

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو نوجوان ميمبر ۽ ڪي ٽي اين جو ڪئميرا مين سيد غلام علي شاهه پنهنجي ڪئميرا سان گڏ پاسي ۾ سندس دوست

    [​IMG]
    هڪڙي فنڪارا حسينه انصاري نغمه صرا آهي

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو نوجوان ميمبر مختيار نظاماڻي

    [​IMG]
    سنڌ جو روايتي ساز الغوزو الغوزو نواز وڄائي رهيو آهي

    [​IMG]
    ٻيجل سنڌي به هن تقريب ۾ شريڪ ٿيو

    [​IMG]
    ٽنڊو محمد خان جو ڀلوڙ راڳي جانب علي بلاولي

    [​IMG]
    شبانه امتياز سمون ۽ زيب نظاماڻي جو تمام تمام خوبصورت انداز​
     
  4. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

    واه سائين واه سائين تمام بهترين سنگت
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

    يار همانگير بهترين سنگت واري ڳالهه منهنجي سمجهه ۾ ڪونه آئي جيڪڏهن بهترين ونڊ جي ڳالهه توهان لکي آهي ته پو واهه واهه!
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

    محترم ناز سائين ۔۔۔ لک ٿورا جو ڪيترن ڏينهن کانپوءِ آيا پر اهڙي تفصيلي خبر کڻي آيا جو حيانءُ ئي ٺري پيو ۔۔۔ سنڌ جا سهڻا ماڻهون ۽ انهن جون سهڻيون تصويرون ڏسي دل گد گد ٿي پئي آهي ۔۔۔ سائين پرواني ڀٽيءَ جي ڪاوشن تي به جيڪڏهن روشني وڌل هجي ته هوند هن ليک کي چار چنڊ لڳي وڃن ها ۔۔۔۔

    سنڌ سلامت جا دوست جنهن محفل ۾ هوندا ته پڪ سان محفل ٻرندي هوندي ۔۔۔ هن ميڙ ۾ پڻ سنڌ سلامت جا دوست جن ۾ ناز سميت ادي شبانه ۽ ٻيا ٽنڊي محمد خان جا دوست نظر آيا ۔۔۔

    سائين ناز اميد ته اهڙا قرب پيا ڪندا ۔۔۔

    واڌايون سڀني دوستن کي جن هن پنڊال ۾ شموليت ڪئي آهي ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا
     
  7. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

    ســــائـــين نثار ناز تمام سٺو لڳو اوهانجو تصويرين سان گڏ تفصيلي احوال.ونڊن جي مهرباني​
     
  8. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

    سائين نثاراحمد ناز جي خبر ئي ڪانه پوندي آهي ته اهڙين تقريبن ۾ ڪٿان ايندا آهن ديواني جيان انتهائي خوبصورتي سان سنڌ سلامت جي لا ڪوريج ڪندا آهن ۽ پو يڪو گُم ٿي ويندا آهن جهڙي نموني ادا نثار ناز هي تصويرون ونڊ ڪيون آهن مان ته حيران آهيان ته ايترو جلدي هن عمر ۾ هو ائين ڪيئن ڪندا آهن، سنڌسلامت وارن کي سوين مُبارڪون هُجن جو سندن سٿ ۾ ادا نثار ناز جهڙو هڪڙو هيري جهڙو ماڻهو آهي، مان ادا نثارناز جي تمام گهڻي ٿورائتي آهيان جو مون کي ادا انهي قابل سمجهيو جو منهنجون تصويرون۽ آپا زيب نظاماڻي صاحبه جون تصويرون هتي ونڊ ڪري منهنجي ۽ آپا زيب جو مان مٿاهون ڪيو آهي، سائين پرواني ڀٽي صاحب جي باري ۾ ادا نثار جي هٿ ۾ هڪڙو مضمون هو ته سهي خبر ناهي ڪهڙن سببن جي ڪري هو هن تقريب ۾ اسٽيج تي اچي پڙهي ڪونه سگهيو۔
     
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

    سائين نثاز ناز قبلا اوهان جي مهرباني جو اوهان وقتا فوقتا سنڌ جي ثقافتي پروگرامن جي سنگت سان ونڊ ڪندا رهندا آهيو اگرچه ٻين شهرن ۾ اهڙا ميڙاڪا ٿيندا آهن ليڪن انهن جي پذيرائي نه هئڻ ڪري گمنام هوندا آهن هي اوهان جي ٽنڊو محمد خان وارن تي خصوصا عنايت چئبي جو اوهان سنڌ جي هڪڙي خطي کي پوري دنيا ۾ اجاگر ڪري رهيا آهيو شال سلامت هجو.
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

    سائين ناز صاحب اوهان کي مبارڪون هجن جو ايڏو قيمتي ونڊ اسان سان ڪيو، يقينن اوهان وڏي جاکوڙ پيا ڪريو، ۽ هي مرحلو جاکوڙ جي شروعات جو نه بلڪِ عروج جو آهي، مولا اوهان کي سلامت رکي، سدائين گڏ.
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

    محبتي ماڻهو سائين نثار ابڙو جا قرب آهن جو سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي هڪ جاکوڙي جيان هر ماڻهو جي هر پوسٽ تي پنهنجا پيار ڀريا ويچار ونڊيندو رهندو آهي آئون به انهن خوشنصيبن مان آهيان جو منهنجي هر موڪليل پوسٽ تي سندن ويچار هميشهه واڌو رهيا آهن، سچ پُڇين ته ادا نثار هاڻي پيري جي ڪري مونکان اهو سڀ ڪجهه نه پيو ٿِي سگهي، پر سنڌ سلامت جي عشق جي محبتن واري قرب جي ڌاڳي اهڙو ته جِي  کي جڙي ڇڏيو آهي جو انهي پيار جي ڌاڳي جي ٻنڌڻن مان هاڻي نڪرڻ تقريبن ناممڪن آهي۔ توهان کي سنڌ جي شخصيتن جون تصويرون وڻيون هي نثارناز توهان جو يا ڄمار ٿورائتو آهي۔
     
  12. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

    سائين نثار ناز صاحب تمام پياري ونڊ‌ڪئي اٿو۔۔۔​
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

    پيارا عاشق سنڌ سلامت جا عاشق تنهنجون مهربانيون جو اسان جو غريباڻو احوال توهان کي سُٺو لڳو۔ لک ٿورا ڀلايون ۽ ڀال۔
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

    [justify]ادي شبانه امتياز سمون جي مهرباني جو پاڻ اسان جي هن غريباڻي ڪوريج کي پسند ڪرڻ فرمايو، وڌيڪ ته ادي توهان جي مهرباني جو اسان جي چوڻ تي توهان خالص هن ادبي تقريب ۾ اچڻ فرمايو، هن ساري محفل ۾ صرف ٻه سنڌياڻيون هُيون هڪ توهان ۽ هڪ سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه، چلو سنڌياڻيون ڀينرون گهٽ هيون پر پو به توهان جي حاضري سنڌ جي هزارين سنڌياڻين پاران هُئي۔ پرواني ڀٽي صاحب جو هڪڙو مضمون ڪافي اڳ ۾ لکيو هو جيڪو سنڌ سلامت تي يا سنڌ فورم تي موجود ضرور آهي ڪوشش ڪريان پيو ته اهو مضمون دوباره هتي لڳائي دوستن کي سائين پرواني ڀٽي جي باري ۾ ڄاڻ ڏيان۔ لک لائق ڀيڻ۔[/justify]
     
  15. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

    [justify]ادا رحيم بخش راڻا جيڪڏهن نه منهنجو وس پُڄي ته ٽنڊو محمد خان ڇا پر سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ جي هر وستي ۽ واهڻ جا نظارا، سنڌي ماڻهن جي هر اُٿي ويٺي کي ساري دنيا جي ماڻهن سان روشناس ڪرايان، ته اسان جي سنڌ جا ڀائر سُٺا، اسان جي سنڌ جوڀينرون سُٺيون، اسان جي سنڌ جا شاعر سُٺا، اسان جي سنڌ جا ڪهاڻيڪار سُٺا، اسان جي سنڌ جا هُنر مند سُٺا، اسان جي سنڌ جون سنڌي ٽوپيون سُٺيون ، اسان جي سنڌ جي اجرڪ سُٺي، ادا رحيم بخش الغرض ته منهنجي سنڌ جو هرڪو سنڌي جوڌو آهي ۽ منهنجي سنڌ جي هرڪا سنڌياڻي ٻاگهي آهي۔ اسان سڀني جو فرض ٿئي ٿو ته پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ اهڙين سرگرمين کي ڪور ڪري سنڌ سلامت تي اپ لوڊ ڪن ۽ اسان جي سنڌي ٻولي ، اسان جي سموري سنڌ جو مان مٿاهون ڪن ۔ توهان جي مهرباني جو همت افزايون ڪري مونکي انهي دڳ جي منزل جو ڏس پتو ڏيو ٿا جنهن ۾ منهنجي سنڌ سلامت جي رنگن کي هڪڙي نئين جوت ٿِي ملي۔[/justify]
     
  16. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

    پيارا طاهر سنڌي مُبارڪون ته توهان کي هُجن جو دلجمعي سان اسان جي غريباڻي ونڊ کي ڏسو ٿا۔ اسان ته عمر جو وڏو حصو پيار ورهائيندي گُذاري چُڪا آهيون ، هاڻي توهان نوجوانن جي واري آهي، جو سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ کي جڳ مڳ جوت ڏيندا هلو، بلڪل ڏيئا ڏيئا لاٽ بڻجي۔ لک لائق ادا۔
     
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

    سائين نثار ناز سلام

    اوهان جا ٿورا لاهي ته نه سگهبا پر ڳائبا ضرور۔ سنڌ سلامت لاء اوهان جي اهڙين رپورٽن جو انتظار رهندو آهي۔ جتان اسان جهڙا سيکڙات ڪجه سکي وٺندا آهن۔ سنڌ جي گُهٽ ۽ ٻوسٽ واري هن دور اهڙين صحتمند تقريبن جي سخت ضرورت هوندي آهي۔

    پروانو ڀٽي سنڌ جي صحافين ۽ دانشورن ۾ خاص مقام رکي ٿو۔ سنڌ جي سڄنن کي پنهنجي زندگيء ۾ ان قسم جي مڃتا ڏيڻ تي سنگت ٽنڊو محمد خان وارن کيرون لهڻيون۔
     
  18. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

    سائين مهرباني

    تمام بهترين ۔ جيڪڏهن پرواني ڀٽي جو ٿورو تعارف به ڏيو ها ته اڃان لکڻيء جي سونهن ۾ اضافو ٿئي ها
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو