نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو، ۽ پوري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ۔ ڪافي ڏينهن جي غير حاضري کان پو توهان لا کڻي آيو آهيان سنڌ جي کاهوڙي شخصيت محترم پروانو ڀٽي سان ملهايل هڪ شام پروانو ڀٽي جي نان جو اکين ڏٺو احوال تصويري صورت ۾ ، هن سرهي سانجهه ۾ سنڌ جي ناميارن شاعرن اديبن ، فنڪارن فنون لطيف سان تعلق رکندڙ دوستن جن ۾ قابل فخر نالا، سنڌ جو خوبصورت شاعر محترم غلام حسين رنگريز، سنڌ جي بهترين ۽ جاکوڙي شاعره محترما زيب نظاماڻي صاحبه ، انعام ٽکڙائي، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، محترم مشڪور ڦلڪارو، ڊاڪٽر جي ايم گل، ضلع ٽنڊو محمد خان جو ڊي سي او محترم علي محمد لُنڊ، ضلع ٽنڊو محمد خان جو ڊي پي او محترم محمد رياض سومرو هُئا، هي رنگا رنگ تقريب سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان ۽ ضلعي انتظاميه ٽنڊو محمد خان مشترڪا طور ملهائي، هن رنگا رنگ تقريب جي اسٽيج سيڪريٽري وارا فرائض ٽنڊو محمد خان جي بهترين ڪمپيئر محترم اعظم ڀٽي هلائي۔
پيش آهن انهي رنگا رنگ تقريب جون تصويري جهلڪيون۔

ٽنڊو محمد خان جي آفيسر ڪلب جي هال ۾ هڪڙو وڏو ۽ خوبصورت بينر آويزان هو۔

محترم پروانو ڀٽي شام ملهائڻ تي سڀني جا ٿورا مڃي رهيو آهي ۽ پنهنجون ساراڻيون بيان ڪري رهيو آهي

سنڌ جو تمام پيارو شاعر محترم غلام حُسين رنگريز پروانو ڀٽي صاحب کي پنهنجي پاران خوبصورت لفظن جي ڀيٽا ڏئي رهيو آهي۔

سنڌ جي بولڊ ۽ جذبن کي نئين جوت ڏيندڙ شاعره محترما زيب نظاماڻي صاحبه پڻ پنهنجا ويچار ونڊي رهي آهي۔

سنڌ سلامت جي ميمبر ۽ ناري ڊيولپمينٽ جي چيئر پرسن محترما شبانه امتياز سمون پنهنجا ويچار ونڊي رهي آهي۔

سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر سڀني مهمانن کي آجياڻو پيش ڪري رهيو آهي

ٽنڊو محمد خان جو ڊي پي او محترم محمد رياض سومرو صاحب پروانو ڀٽي جي شخصيت جي باري ۾ پنهنجا ويچار ونڊي رهيو آهي۔

ٽنڊو محمد خان جو ڊي سي او محترم علي محمد لُنڊ انتظاميه پاران پروانو ڀٽي سان شام ملهائڻ جي سلسلي ۾ ضلعي انتظاميه جي ورتل ڪوششن جي تفصيل ٻُڌائي رهيو آهي۔

ڊاڪٽري جي ايم گُل تقرير ڪري رهيو آهي

ٽنڊو محمد خان جو مشهور ڪمپيئر محترم اعظم ڀٽي اسٽيج سيڪريٽري وارا فرض سرانجام ڏيئي رهيو آهي۔