• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

نثارناز

سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو، ۽ پوري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ۔ ڪافي ڏينهن جي غير حاضري کان پو توهان لا کڻي آيو آهيان سنڌ جي کاهوڙي شخصيت محترم پروانو ڀٽي سان ملهايل هڪ شام پروانو ڀٽي جي نان جو اکين ڏٺو احوال تصويري صورت ۾ ، هن سرهي سانجهه ۾ سنڌ جي ناميارن شاعرن اديبن ، فنڪارن فنون لطيف سان تعلق رکندڙ دوستن جن ۾ قابل فخر نالا، سنڌ جو خوبصورت شاعر محترم غلام حسين رنگريز، سنڌ جي بهترين ۽ جاکوڙي شاعره محترما زيب نظاماڻي صاحبه ، انعام ٽکڙائي، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، محترم مشڪور ڦلڪارو، ڊاڪٽر جي ايم گل، ضلع ٽنڊو محمد خان جو ڊي سي او محترم علي محمد لُنڊ، ضلع ٽنڊو محمد خان جو ڊي پي او محترم محمد رياض سومرو هُئا، هي رنگا رنگ تقريب سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان ۽ ضلعي انتظاميه ٽنڊو محمد خان مشترڪا طور ملهائي، هن رنگا رنگ تقريب جي اسٽيج سيڪريٽري وارا فرائض ٽنڊو محمد خان جي بهترين ڪمپيئر محترم اعظم ڀٽي هلائي۔​

پيش آهن انهي رنگا رنگ تقريب جون تصويري جهلڪيون۔​

168029_10150104536683216_794048215_6251650_2421901_n.jpg

ٽنڊو محمد خان جي آفيسر ڪلب جي هال ۾ هڪڙو وڏو ۽ خوبصورت بينر آويزان هو۔

182829_10150104542343216_794048215_6251787_7926401_n.jpg

محترم پروانو ڀٽي شام ملهائڻ تي سڀني جا ٿورا مڃي رهيو آهي ۽ پنهنجون ساراڻيون بيان ڪري رهيو آهي

182489_10150104542158216_794048215_6251783_2556336_n.jpg

سنڌ جو تمام پيارو شاعر محترم غلام حُسين رنگريز پروانو ڀٽي صاحب کي پنهنجي پاران خوبصورت لفظن جي ڀيٽا ڏئي رهيو آهي۔

181897_10150104540353216_794048215_6251737_335582_n.jpg

سنڌ جي بولڊ ۽ جذبن کي نئين جوت ڏيندڙ شاعره محترما زيب نظاماڻي صاحبه پڻ پنهنجا ويچار ونڊي رهي آهي۔
182671_10150104530728216_794048215_6251509_1999234_n.jpg

سنڌ سلامت جي ميمبر ۽ ناري ڊيولپمينٽ جي چيئر پرسن محترما شبانه امتياز سمون پنهنجا ويچار ونڊي رهي آهي۔
182809_10150104538588216_794048215_6251693_4484536_n.jpg

سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر سڀني مهمانن کي آجياڻو پيش ڪري رهيو آهي
181753_10150104538628216_794048215_6251694_3982565_n.jpg

ٽنڊو محمد خان جو ڊي پي او محترم محمد رياض سومرو صاحب پروانو ڀٽي جي شخصيت جي باري ۾ پنهنجا ويچار ونڊي رهيو آهي۔

180765_10150104541158216_794048215_6251758_1290240_n.jpg

ٽنڊو محمد خان جو ڊي سي او محترم علي محمد لُنڊ انتظاميه پاران پروانو ڀٽي سان شام ملهائڻ جي سلسلي ۾ ضلعي انتظاميه جي ورتل ڪوششن جي تفصيل ٻُڌائي رهيو آهي۔

180409_10150104536408216_794048215_6251646_7425617_n.jpg

ڊاڪٽري جي ايم گُل تقرير ڪري رهيو آهي

180353_10150104538433216_794048215_6251690_5517226_n.jpg

ٽنڊو محمد خان جو مشهور ڪمپيئر محترم اعظم ڀٽي اسٽيج سيڪريٽري وارا فرض سرانجام ڏيئي رهيو آهي۔​
 
جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

ڪجهه وڌيڪ تصويرون
168401_10150104529388216_794048215_6251495_6517396_n.jpg

ٽنڊو محمد خان جو ڊي پي او محترم محمد رياض سومرو ، محترما زيب نظاماڻي ۽ ٽنڊومحمدخان جو ڊي سي او محترم علي محمد لُنڊ صاحب۔

168015_10150104530083216_794048215_6251501_7443253_n.jpg

180440_10150104530973216_794048215_6251515_7522336_n.jpg

168933_10150104531143216_794048215_6251518_71188_n.jpg

181793_10150104535188216_794048215_6251627_495317_n.jpg

182613_10150104534918216_794048215_6251622_7658316_n.jpg

182041_10150104531878216_794048215_6251531_4181383_n.jpg

179893_10150104539668216_794048215_6251722_7129037_n.jpg

168681_10150104531673216_794048215_6251526_6142041_n.jpg

180005_10150104536308216_794048215_6251644_4047914_n.jpg
 
جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

دل چوي ٿي ته ڪجهه وڌيڪ تصويرون ونڊيان توهان سان

180461_10150104537593216_794048215_6251670_2505297_n.jpg

سنڌ سلامت جو جهونو نثارناز ٽي درجي وارو شاعر هميشهه آخر سيٽن تي ويهندو آهي سنڌ سلامت لا ڪوريج ڪرڻ کان پو ڪجهه دير ساهه پٽڻ لا ويٺو آهي دوست اورنگزيب ڀٽي مهربانيون ڪري اها تصوير ڪڍي ورتي۔

180933_10150104536163216_794048215_6251642_6323902_n.jpg

ٽنڊو محمد نيٽ ورڪ جا نمائندا محترم علي نواز لُنڊ ۽ محمد اسحاق سولنگي۔

180334_10150104551968216_794048215_6251943_696969_n.jpg

سنڌ سلامت جي ميمبر شبانه امتياز سمون ۽ سنڌ سلامت سان پيار ڪندڙ محترما زيب نظاماڻي انتهائي دلڪش انداز

169029_10150104541773216_794048215_6251768_7953578_n.jpg

سنڌ سلامت جو نوجوان ميمبر ۽ ڪي ٽي اين جو ڪئميرا مين سيد غلام علي شاهه پنهنجي ڪئميرا سان گڏ پاسي ۾ سندس دوست

168385_10150104542808216_794048215_6251795_7484385_n.jpg

هڪڙي فنڪارا حسينه انصاري نغمه صرا آهي

168377_10150104541568216_794048215_6251763_378995_n.jpg

سنڌ سلامت جو نوجوان ميمبر مختيار نظاماڻي

180970_10150104552413216_794048215_6251952_5773978_n.jpg

سنڌ جو روايتي ساز الغوزو الغوزو نواز وڄائي رهيو آهي

179809_10150104539368216_794048215_6251714_281600_n.jpg

ٻيجل سنڌي به هن تقريب ۾ شريڪ ٿيو

180572_10150104550238216_794048215_6251911_4911714_n.jpg

ٽنڊو محمد خان جو ڀلوڙ راڳي جانب علي بلاولي

180814_10150104552513216_794048215_6251955_7494875_n.jpg

شبانه امتياز سمون ۽ زيب نظاماڻي جو تمام تمام خوبصورت انداز​
 
جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

محترم ناز سائين ۔۔۔ لک ٿورا جو ڪيترن ڏينهن کانپوءِ آيا پر اهڙي تفصيلي خبر کڻي آيا جو حيانءُ ئي ٺري پيو ۔۔۔ سنڌ جا سهڻا ماڻهون ۽ انهن جون سهڻيون تصويرون ڏسي دل گد گد ٿي پئي آهي ۔۔۔ سائين پرواني ڀٽيءَ جي ڪاوشن تي به جيڪڏهن روشني وڌل هجي ته هوند هن ليک کي چار چنڊ لڳي وڃن ها ۔۔۔۔

سنڌ سلامت جا دوست جنهن محفل ۾ هوندا ته پڪ سان محفل ٻرندي هوندي ۔۔۔ هن ميڙ ۾ پڻ سنڌ سلامت جا دوست جن ۾ ناز سميت ادي شبانه ۽ ٻيا ٽنڊي محمد خان جا دوست نظر آيا ۔۔۔

سائين ناز اميد ته اهڙا قرب پيا ڪندا ۔۔۔

واڌايون سڀني دوستن کي جن هن پنڊال ۾ شموليت ڪئي آهي ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا
 
جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

ســــائـــين نثار ناز تمام سٺو لڳو اوهانجو تصويرين سان گڏ تفصيلي احوال.ونڊن جي مهرباني​
 
جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

سائين نثاراحمد ناز جي خبر ئي ڪانه پوندي آهي ته اهڙين تقريبن ۾ ڪٿان ايندا آهن ديواني جيان انتهائي خوبصورتي سان سنڌ سلامت جي لا ڪوريج ڪندا آهن ۽ پو يڪو گُم ٿي ويندا آهن جهڙي نموني ادا نثار ناز هي تصويرون ونڊ ڪيون آهن مان ته حيران آهيان ته ايترو جلدي هن عمر ۾ هو ائين ڪيئن ڪندا آهن، سنڌسلامت وارن کي سوين مُبارڪون هُجن جو سندن سٿ ۾ ادا نثار ناز جهڙو هڪڙو هيري جهڙو ماڻهو آهي، مان ادا نثارناز جي تمام گهڻي ٿورائتي آهيان جو مون کي ادا انهي قابل سمجهيو جو منهنجون تصويرون۽ آپا زيب نظاماڻي صاحبه جون تصويرون هتي ونڊ ڪري منهنجي ۽ آپا زيب جو مان مٿاهون ڪيو آهي، سائين پرواني ڀٽي صاحب جي باري ۾ ادا نثار جي هٿ ۾ هڪڙو مضمون هو ته سهي خبر ناهي ڪهڙن سببن جي ڪري هو هن تقريب ۾ اسٽيج تي اچي پڙهي ڪونه سگهيو۔
 
جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

سائين نثاز ناز قبلا اوهان جي مهرباني جو اوهان وقتا فوقتا سنڌ جي ثقافتي پروگرامن جي سنگت سان ونڊ ڪندا رهندا آهيو اگرچه ٻين شهرن ۾ اهڙا ميڙاڪا ٿيندا آهن ليڪن انهن جي پذيرائي نه هئڻ ڪري گمنام هوندا آهن هي اوهان جي ٽنڊو محمد خان وارن تي خصوصا عنايت چئبي جو اوهان سنڌ جي هڪڙي خطي کي پوري دنيا ۾ اجاگر ڪري رهيا آهيو شال سلامت هجو.
 
جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

سائين ناز صاحب اوهان کي مبارڪون هجن جو ايڏو قيمتي ونڊ اسان سان ڪيو، يقينن اوهان وڏي جاکوڙ پيا ڪريو، ۽ هي مرحلو جاکوڙ جي شروعات جو نه بلڪِ عروج جو آهي، مولا اوهان کي سلامت رکي، سدائين گڏ.
 
محبتي ماڻهو سائين نثار ابڙو جا قرب آهن جو سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي هڪ جاکوڙي جيان هر ماڻهو جي هر پوسٽ تي پنهنجا پيار ڀريا ويچار ونڊيندو رهندو آهي آئون به انهن خوشنصيبن مان آهيان جو منهنجي هر موڪليل پوسٽ تي سندن ويچار هميشهه واڌو رهيا آهن، سچ پُڇين ته ادا نثار هاڻي پيري جي ڪري مونکان اهو سڀ ڪجهه نه پيو ٿِي سگهي، پر سنڌ سلامت جي عشق جي محبتن واري قرب جي ڌاڳي اهڙو ته جِي  کي جڙي ڇڏيو آهي جو انهي پيار جي ڌاڳي جي ٻنڌڻن مان هاڻي نڪرڻ تقريبن ناممڪن آهي۔ توهان کي سنڌ جي شخصيتن جون تصويرون وڻيون هي نثارناز توهان جو يا ڄمار ٿورائتو آهي۔
 
جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

ســــائـــين نثار ناز تمام سٺو لڳو اوهانجو تصويرين سان گڏ تفصيلي احوال.ونڊن جي مهرباني​

پيارا عاشق سنڌ سلامت جا عاشق تنهنجون مهربانيون جو اسان جو غريباڻو احوال توهان کي سُٺو لڳو۔ لک ٿورا ڀلايون ۽ ڀال۔
 
جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

سائين نثاراحمد ناز جي خبر ئي ڪانه پوندي آهي ته اهڙين تقريبن ۾ ڪٿان ايندا آهن ديواني جيان انتهائي خوبصورتي سان سنڌ سلامت جي لا ڪوريج ڪندا آهن ۽ پو يڪو گُم ٿي ويندا آهن جهڙي نموني ادا نثار ناز هي تصويرون ونڊ ڪيون آهن مان ته حيران آهيان ته ايترو جلدي هن عمر ۾ هو ائين ڪيئن ڪندا آهن، سنڌسلامت وارن کي سوين مُبارڪون هُجن جو سندن سٿ ۾ ادا نثار ناز جهڙو هڪڙو هيري جهڙو ماڻهو آهي، مان ادا نثارناز جي تمام گهڻي ٿورائتي آهيان جو مون کي ادا انهي قابل سمجهيو جو منهنجون تصويرون۽ آپا زيب نظاماڻي صاحبه جون تصويرون هتي ونڊ ڪري منهنجي ۽ آپا زيب جو مان مٿاهون ڪيو آهي، سائين پرواني ڀٽي صاحب جي باري ۾ ادا نثار جي هٿ ۾ هڪڙو مضمون هو ته سهي خبر ناهي ڪهڙن سببن جي ڪري هو هن تقريب ۾ اسٽيج تي اچي پڙهي ڪونه سگهيو۔
ادي شبانه امتياز سمون جي مهرباني جو پاڻ اسان جي هن غريباڻي ڪوريج کي پسند ڪرڻ فرمايو، وڌيڪ ته ادي توهان جي مهرباني جو اسان جي چوڻ تي توهان خالص هن ادبي تقريب ۾ اچڻ فرمايو، هن ساري محفل ۾ صرف ٻه سنڌياڻيون هُيون هڪ توهان ۽ هڪ سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه، چلو سنڌياڻيون ڀينرون گهٽ هيون پر پو به توهان جي حاضري سنڌ جي هزارين سنڌياڻين پاران هُئي۔ پرواني ڀٽي صاحب جو هڪڙو مضمون ڪافي اڳ ۾ لکيو هو جيڪو سنڌ سلامت تي يا سنڌ فورم تي موجود ضرور آهي ڪوشش ڪريان پيو ته اهو مضمون دوباره هتي لڳائي دوستن کي سائين پرواني ڀٽي جي باري ۾ ڄاڻ ڏيان۔ لک لائق ڀيڻ۔​
 
جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

سائين نثاز ناز قبلا اوهان جي مهرباني جو اوهان وقتا فوقتا سنڌ جي ثقافتي پروگرامن جي سنگت سان ونڊ ڪندا رهندا آهيو اگرچه ٻين شهرن ۾ اهڙا ميڙاڪا ٿيندا آهن ليڪن انهن جي پذيرائي نه هئڻ ڪري گمنام هوندا آهن هي اوهان جي ٽنڊو محمد خان وارن تي خصوصا عنايت چئبي جو اوهان سنڌ جي هڪڙي خطي کي پوري دنيا ۾ اجاگر ڪري رهيا آهيو شال سلامت هجو.
ادا رحيم بخش راڻا جيڪڏهن نه منهنجو وس پُڄي ته ٽنڊو محمد خان ڇا پر سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ جي هر وستي ۽ واهڻ جا نظارا، سنڌي ماڻهن جي هر اُٿي ويٺي کي ساري دنيا جي ماڻهن سان روشناس ڪرايان، ته اسان جي سنڌ جا ڀائر سُٺا، اسان جي سنڌ جوڀينرون سُٺيون، اسان جي سنڌ جا شاعر سُٺا، اسان جي سنڌ جا ڪهاڻيڪار سُٺا، اسان جي سنڌ جا هُنر مند سُٺا، اسان جي سنڌ جون سنڌي ٽوپيون سُٺيون ، اسان جي سنڌ جي اجرڪ سُٺي، ادا رحيم بخش الغرض ته منهنجي سنڌ جو هرڪو سنڌي جوڌو آهي ۽ منهنجي سنڌ جي هرڪا سنڌياڻي ٻاگهي آهي۔ اسان سڀني جو فرض ٿئي ٿو ته پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ اهڙين سرگرمين کي ڪور ڪري سنڌ سلامت تي اپ لوڊ ڪن ۽ اسان جي سنڌي ٻولي ، اسان جي سموري سنڌ جو مان مٿاهون ڪن ۔ توهان جي مهرباني جو همت افزايون ڪري مونکي انهي دڳ جي منزل جو ڏس پتو ڏيو ٿا جنهن ۾ منهنجي سنڌ سلامت جي رنگن کي هڪڙي نئين جوت ٿِي ملي۔​
 
جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

سائين ناز صاحب اوهان کي مبارڪون هجن جو ايڏو قيمتي ونڊ اسان سان ڪيو، يقينن اوهان وڏي جاکوڙ پيا ڪريو، ۽ هي مرحلو جاکوڙ جي شروعات جو نه بلڪِ عروج جو آهي، مولا اوهان کي سلامت رکي، سدائين گڏ.
پيارا طاهر سنڌي مُبارڪون ته توهان کي هُجن جو دلجمعي سان اسان جي غريباڻي ونڊ کي ڏسو ٿا۔ اسان ته عمر جو وڏو حصو پيار ورهائيندي گُذاري چُڪا آهيون ، هاڻي توهان نوجوانن جي واري آهي، جو سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ کي جڳ مڳ جوت ڏيندا هلو، بلڪل ڏيئا ڏيئا لاٽ بڻجي۔ لک لائق ادا۔
 
جواب: هڪ شام پرواني ڀٽي جي نان

سائين نثار ناز سلام

اوهان جا ٿورا لاهي ته نه سگهبا پر ڳائبا ضرور۔ سنڌ سلامت لاء اوهان جي اهڙين رپورٽن جو انتظار رهندو آهي۔ جتان اسان جهڙا سيکڙات ڪجه سکي وٺندا آهن۔ سنڌ جي گُهٽ ۽ ٻوسٽ واري هن دور اهڙين صحتمند تقريبن جي سخت ضرورت هوندي آهي۔

پروانو ڀٽي سنڌ جي صحافين ۽ دانشورن ۾ خاص مقام رکي ٿو۔ سنڌ جي سڄنن کي پنهنجي زندگيء ۾ ان قسم جي مڃتا ڏيڻ تي سنگت ٽنڊو محمد خان وارن کيرون لهڻيون۔
 
Back
Top