مست
سينيئر رڪن
لاهور ۾ ٽي پاڪستانين جي قتل جي جرم ۾ لکپت جيل ۾ قيد آمريڪي ريمنڊ ڊيوس انگل ڪيو آهي ته فجر جي اذان جي ڪري سندس ننڊ پوري نه ٿي ٿئي، ان ڪري جيل جي مسجد جا لائوڊ لاٿا وڃن۔۔۔ بابا رحمان ملڪ کي گذارش آهي ته آمريڪي جو اهو انگل به کڻي پورو ڪري باقي آمريڪي همراهه جيل ۾ ويٺو ته اونئين صاحبن وانگر آهي۔۔
”ننڊ خراب ٿي ٿئي“ ڊيوس پاران جيل جي مسجد جا لائوڊ اسپيڪر لاهڻ جو مطالبو
لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور ۾ ٻن پاڪستانين کي قتل ڪندڙ آمريڪي شهري ريمنڊ ڊيوس ننڊ خراب ٿيڻ سبب مسجد جا لائوڊ اسپيڪر لاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ريمنڊ ڊيوس کي جيل ۾ آسائش واريون سڀئي سهولتون فراهم ڪيل آهن، هڪ خانگي ٽي وي چينل ذريعن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته ريمنڊ ڊيوس جيل عملدارن کان مطالبو ڪيو ته فجر جي اذان سبب هن جي ننڊ ڦٽي ٿي ان ڪري مسجد جا لائوڊ اسپيڪر لاٿا وڃن، ڪالهه صبح ريمنڊ ڊيوس اهڙو مطالبو ڪيو، جيل جي ملازمن ڪالهه شام لائوڊ اسپيڪر لاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته 4 سئو قيدين مزاحمت ڪري روڪي ورتو،ريمنڊ ڊيوس کي ٽي وي، ڊي وي ڊي ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته هن کي منجهند ۽ رات جو کاڌو هڪ چائنز ريسٽورينٽ تان گهرائي فراهم ڪيو ويندو آهي،هوڏانهن ڪوٽ لکپت جيل جي سپرنٽينڊنٽ مشتاق اعواڻ چيو ته فجر جي اذان سبب ريمنڊ ڊيوس جي ننڊ خراب ٿئي ٿي، جڏهن ته پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَالله معاملي تي ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي طرف ريمنڊڊيوس جي سيل آڏو سيڪيورٽي سخت ڪندي رينجرز کي مقرر ڪيوويو آهي.