ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏25 فيبروري 2011۔

  1. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي





    سائين قبلا اوهان جي مهرباني جو اوهان دوستن کي سمجهائڻ لاء بهترين ڪوششون ڪندا رهندا آهيو
    ليڪن جيڪڏهن ڪا خطا هجي ته ان کي تسليم ڪرڻ ۽ سلجهائڻ ۾ حرج يا عيب نه آهي اوهان جي تحرير ۾ ٿورڙي خطا مون کي نظر آئي ان کي اگر مان درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان ته بهتر ليڪن اگر تنقيد برائي تنقيد جي خيال سان ڪيان ته پوء بهتر نه آهي انڪري پهريان عرض اوهان جي تحرير لاء ته اوهان کان شايد جلدي ۾ حضرت موسى عليه السلام جي جاء تي حضرت عيسى جو نالو لکجي ويو آهي .
    ادا ڏاڏل جي تحرير لاء ادا علي علي جڏهن قرآن شريف جو حوالو ڏنو ته

    [font="al_mushaf"]هَلْ جَزَاءُ الْإِحْسَانِ إِلَّا الْإِحْسَانُ [/font]
    رحمٰن 60
    يعني ڀلائي جي عيوض ڀلائي ڪرڻ ته ڀلو عمل آهي پوء ائين چوڻ درست نه آهي ته
    چڱائي جي بدلي چڱائي ڪرڻ گڏهن جو ڪم آهي ،

    ان ڪري قرآن جي مقابلي ۾ ٻئي ڪنهن به بزرگ يا پنهنجي عقل کي پيش نه ٿو ڪري سگهجي.
    اوهان جي معلومات ۾ اها ڳالهه به هوندي ته برائي جي عوض ايتري برائي ڪرڻ واري کي به انسان ئي چئبو ڇو ته الله تعالى قرآن پاڪ ۾ اها اجازت انسان کي ڏني آهي جيڪڏهن الله تعالى اجازت ڏئي ته پوء ٻيو ڪير آهي جيڪو ان لاء ان کي غلط قرار ڏئي



    [font="al_mushaf"]فَمَنِ اعْتَدَى عَلَيْكُمْ فَاعْتَدُوا عَلَيْهِ بِمِثْلِ مَا اعْتَدَى عَلَيْكُمْ [/font]
    پوء جيڪو توهان تي زيادتي ڪري پوء ان تي اوتري زيادتي ڪريو جيتري ان ڪئي
    البقره 194

    [font="al_mushaf"]وَكَتَبْنَا عَلَيْهِمْ فِيهَا أَنَّ النَّفْسَ بِالنَّفْسِ وَالْعَيْنَ بِالْعَيْنِ وَالْأَنْفَ بِالْأَنْفِ وَالْأُذُنَ بِالْأُذُنِ وَالسِّنَّ بِالسِّنِّ وَالْجُرُوحَ قِصَاصٌ فَمَنْ تَصَدَّقَ بِهِ فَهُوَ كَفَّارَةٌ لَهُ وَمَنْ لَمْ يَحْكُمْ بِمَا أَنْزَلَ اللَّهُ فَأُولَئِكَ هُمُ الظَّالِمُونَ[/font]
    المائده 45
    جان جي عيوض جان اک جي عيوض اک نڪ جي عيوض نڪ ڪن جي عيوض ڪن ....

    هنن آيتن ۾ قرآن برائي جي عيوض برائي ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي هاڻي قرآن جنهن ڪم جي اجازت ڏئي ته ان ڪم ڪرڻ سان انسان انسان ئي رهندو ها باقي معاف ڪري ته ڪري سگهي ٿو ليڪن قرآن جي مطالعي سان پتو پوي ٿو هر هنڌ انتقام يا هر هنڌ معاف ڪرڻ نه آهي مڪي جي ڪافرن سان محبوب جون جنگيون به ٿيون ته مڪي جي فتح وقت وري پاڻ ڪريمن عام معافي جو اعلان ڪري انتقام کي درگذر به فرمايو پوء جتي سمجهجي ته معاف ڪرڻ سان بهتر نتيجو نڪرندو ته اتي معاف ڪجي يعني برائي جو بدلو برائي سان نه ڏجي ورنه برائي جي عيوض ۾ برائي ڏيڻ ۾ ڪا قباحت ڪانهي جئين ڪنهنجو ڏند ڀڃڻ برائي آهي ته قرآن چوي ٿو ته توهان به انجو ڏند ڀڃو چوري ڪرڻ برائي آهي ته هٿ ڪٽڻ به ان سان ڀلائي نه آهي.
    کوڙ سارا مثال ملي سگهن ٿا.
    ان ڪري اهو جملو به درست نه آهي ته

    برائي جي بدلي برائي ڪرڻ ڪتن جو ڪم آهي ،

    بهرحال ان کي تنقيد نه ليڪن اصلاح سمجهيو وڃي جو قرآن اڳيان پنهنجي عقل جا هٿيار ڦٽا ڪرڻ گهرجن باقي ادا ڏاڏل پنهنجي استاد جي احترام ڪندي چيو ته استاد غلط ڳالهه نه ٿو ٻڌائي سگهي نه ته استاد استادئي نه آهي ان لاء عرض ته استاد به انسان آهي . انسان لاء عام چوڻي آهي ته
    الانسان مرڪب من الخطاء والنسيان.
    سو جيڪڏهن استاد کان خطا ٿئي ته اگرچه ان کي سامهون چوڻ بي ادبي ۾ شمار آهي ليڪن غلطي هجي ته ان کي غلطي سمجهڻ ۾ بي ادبي نه آهي.
    وڌيڪ هر ڪو راز جو راڻو آهي.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي

    [justify]سائين محترم رحيم بخش، جزاڪم الله ؛

    اميد ته جڙيل هوندا

    سڀ کان پهريان ته اوهان بلڪل سهي آهيو، تڪڙ ۾ مون حضرت موسا عليه السلام جي جاءِ تي حضرت عيسا عليه السلام لکي ويو آهيان ۔۔۔ مون درستگي ڪئي آهي،

    ٻي ڳالهه ته علي علي جو قرآني حوالو اسانجي اکين جو نور آهي ۽ اوهان پاران ڏنل قرآني حوالا پڻ روح جي راحت آهن ۔۔۔

    پر مٿي جنهن ڳالهه تي بحث ٿيو آهي ته ڇا صرف چڱن سان ئي چڱائي ڪرڻ کي چڱائي چئجي؟ ۽ چڱن سان چڱائي ڪرڻ واري عمل جو درجو ڪهڙو آهي؟

    اوهانکي ڪو سلام ڪري ته اوهان سلام ڪريو، پر جيڪڏهن نه ڪري ته؟
    پاڙي وارو اوهانکي کير کنڊ موڪلي ته اوهان به موڪليو پر جيڪڏهن نه موڪلي ته؟
    اولاد اوهانکي پيار ڏي ته اوهان پيار ڏيو ۽ جيڪڏهن نه ڏي ته؟

    اهڙي نموني کوڙ ساترا سوال ڪري سگهجن ٿا ۔۔

    سيرت طيبه جو جيڪڏهن بغور مطالعو ڪجي ته اسانکي ٻه شيون ملن ٿيون،

    1۔ برن کي سزائون ڏنيون ويون
    2۔ برن کي معاف ڪيو ويو، بلڪه انهن کي عزت افزائي ڏني وئي

    هاڻ سوال اهو آهي ته ڇا هڪڙي برائي ته برائي آهي ۽ ٻي برائي کي برائي نه چئبو ۔۔۔؟ ٻڍڙيءَ جي گند اڇلائڻ وارو مثال ته تمام ننڍڙو مثال آهي پر هي هيٺ وارو مثال ته انوکو آهي ۔۔۔

    ابو سفيان مڪي جو والي ، جنهن پنهنجي پوري زندگي اسلام جي خلاف گذاري ڇڏي، فتح مڪي تائين اسلام جي مخالفت ڪئي ۽ مسلمانن کي اهي اذيتون ڏنيون جوجيڪڏهن ڳڻائجن ته ڪتاب ڪارا ٿي وڃن پر پوءِ به جڏهن فتح مڪه ٿيو ته الله جي پياري رسول صلعم اعلان ڪيو ته جيڪو ابو سفيان جي گهر ۾ پناه وٺي ته ان کي امان آهي ۔۔۔ايڏي وڏو دشمن ۽ ايڏي وڏي رحمت ۔۔۔۔ آهي نه حيرت جي ڳالهه۔۔۔

    ابو سفيان جي گهر واري، جنهن جنگ احد ۾ مسلمانن کان بدلي جي باهه پوري ڪندي الله جي پياري رسول جي چاچي سيدنا ابو حمزه رضي الله تعالا عنهه جو جگر ڪڍي ان جو رت چکيو، پر فتح مڪه کانپوءِ به ان سان به ڀلائي ڪئي وئي ۔۔۔

    اهو شيدي ٻانهون جنهن ابو حمزه رضي الله تعالا عنهه کي تير هنيو هو، ان سان به ڀلائي ڪيئ وئي ۔۔۔

    اهڙا ۽ اهڙي قسم جا ڪئي واقعا آهن، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته برائيءَ جي بدلي چڱائي ڪئي وئي ۔۔۔

    پر ٻي پاسي مونکي هڪ واقعو ياد ٿو اچي ۔۔۔ شايد معجزات نبوي ۾ ۾ پڙهيو هو؛وري به ڪتاب جو حوالو ڳولهي پيش ڪبو؛ ته جڏهن الله جي رسول صلعم کي هڪ ڳوٺ ۾ دعوت صلح لاءِ سڏايو ويو، ۽ کين هڪ ڀت جي ڀر ۾ ويهاريو ويو، پر پوءِ پاڻ صلعم جن اتان اٿي ويا ۽ سڄي ڳوٺ تي حملي جو حڪم ڏنائون ۽ ڪيترائي ماڻهون ماريا ويا ۽ گرفتار ڪيا ويا ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته انهن ڳوٺ وارن صلح جي بجاءِ الله جي رسول جي مٿان اها ڀت ڪيرائي کين قتل ڪرڻ جي سازش رٿي هئي ۔۔۔

    مطلب ته ڇا برائيءَ جا قسم آهن، يا وري برائيءَ جا به درجا آهن يا وري ڪجهه عملن سبب برائي بدلجي ٿي وڃي ۔۔۔

    يا وري برائيءَ کي درگذر ڪندي معافيءَ جي به ڪا اهميت آهي ۔۔۔

    ٻي ڳالهه جيڪا مون ننڍپڻ ۾ سکي هئي اها ڪجهه هن ريت آهي؛

    ڪاوڙ جا ٻه قسم آهن؛
    1۔ ڪاوڙ پنهنجن سان
    2۔ ڪاوڙ دشمن سان

    ٻنهي ڪاوڙن ۾ فرق ڪهڙو آهي، جڏهن ته ڪاوڙ جي نفسيات ته ساڳي هجڻ کپي، ۽ وري ٻنهي ۾ جيڪڏهن فرق ڪجي ته ڪجهه هن ريت ٿئي ٿو۔

    پنهنجن سان ڪاوڙ وقتي هوندي آهي، جيڪا ان واقعي يا وقت گذرڻ سان ختم ٿي ويندي آهي، ۽ ٻنهي پاسن ڏانهن خئير ٿي ويندو آهي ۔۔۔
    جيئن پيءُ جي پٽ سان ڪاوڙ
    جيئن استاد جي شاگرد سان ڪاوڙ
    جيئن ماءُ جي ڌيءَ سان ڪاوڙ

    پر وري جيڪڏهن دشمن سان ڪاوڙ جو سوال آهي ته اها مستقل هوندي آهي، تيستائين ختم ناهي ٿيندي جيستائين يا ته دشمن ختم نٿو ٿئي يا دشمن جي دشمني ختم نٿي ٿئي ۔۔۔

    سو منهنجا ڀاءُ علم جو ڳنڍيون پيچيده آهن، هر روز نئون سبق ملي ٿو ۔۔۔ الائجي ڇو اوهان سان ڪچهري ڪندي مزو ايندو آهي، انڪر معاف ڪجو گهڻو لکي ويندو آهيان ۔۔۔

    باقي مون مٿي پنهنجن ليکن ۾ ان ڳالهه جي حمايت ناهي ڪئي ته چڱائي ڪرڻ واري کي گڏهه چيو وڃي ۔۔۔ انسان بيشڪ اشرف المخلوقات آهي انجو درجو تمام وڏو آهي ۔۔۔ پر

    انسان انسانيت واري درجي تي هجي ته، ۽ جيڪڏهن انسان انسانيت جي درجي کان ڪري اسفل سافلين ۾ هليو وڃي ته سندس درجو گڏهه کان به گهٽ ٿيو وڃي ۔۔۔

    منهنجي ليک ۾ اها ڳالهه ڪٿي به ناهي ته هروڀور چڱي انسان کي به گڏه ڪوٺيو وڃي ۔۔۔

    هڪ سنڌ جي ڏاهي بزرگ ڇا خوب چيو آهي ته؛

    هي ڪن گڏهاڻه وڪڻي، ڪن ڪي ٻيا ڳنهيج،
    پـــــريان سنـــــدي ڳالهـــــــڙي، تون تنين سان سڻيـج۔

    سو ادا رحيم بخش، معذرت سان ”””” ڪي انسان به گڏهه وارا ڪن رکندا آهن ““““

    رب العالمين اسانجي علم ۾ واڌارو ڪري ۔۔۔ آمين
    [/justify]
     
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي

    ادا نثار ماشاءالله تمام بهترين انداز سان اوهان سمجهائڻ جون ڪوششون ڪيون آهن ، اصل ۾ ادا ڏاڏل جي ڳالھ دوست پنهنجي سوچ مطابق هڪڙي رخ ڏانهن ڇڪي ويا آهن جنهن جي آڌار اهي به صحيح پيا چون ، پر اصل مضمون ۾ ادي ڏاڏل جيڪو مضمون ونڊ ڪيو آهي ڪٿي ڪٿي اختصار کان ڪم وٺندي ڳالھين کي اجمالي سطح سان ذڪر ڪيو آهي جيڪو دوستن ۾ مونجهاري جو سبب بنجي پيو آهي ۔

    مضمون کي غور سان ڏسبو ۽ پڙهبو ته معلوم ٿيندو ته سجي ڳالھ جو محور امريڪه دوستي آهي جنهن ۾ ڀلائي جي اميد ڪرڻ جئين ادا ڏاڏل چيو ته “ ننڍا هوندا ها سين ته اسانجي استاد اخلاقيات تي اسلاميات جي پيرڊ ۾ ليڪچر ڏنو هو جيڪو مونکي اڄ تائين ياد آهي ، ان چيو هو ته چڱائي جي بدلي چڱائي ڪرڻ گڏهن جو ڪم آهي ، برائي جي بدلي برائي ڪرڻ ڪتن جو ڪم آهي ، ڀلائي جي بدلي برائي ڪرڻ وحشين جو ڪم آهي ،۽ برائي جي بدلي ڀلائي ڪرڻ انسانن جو ڪم آهي ۔۔۔۔۔۔”

    باقي ادي رحيم ۽ ادي علي علي جي آيتن جا حواله به درست آهن پر ڪلي ڳالھ نه آهن مصلحتن جي آڌار تي رکيل آهن ته آيا مسئلي جي ڪهڙي نوعيت آهي ڇا هتي احسان ڪرڻ جي گنجائش به آهي يا نه !!

    بهرحال سڀنن دوستن پنهنجي پنهنجي طرفان بحث ۾ سٺو رول ادا ڪيو آهي ۔ ادي ڏاڏل جوابات ڏيڻ مهل ائين محسوس پيو ڪرائي ته اصل مضمون کي مدنظر رکڻ بجائي ٻئي پاسي هلي ٿو وڃي ۔

    سڀنن دوستن کي نماڻي گذارش ته ڳالھين کي دل ۾ نه ڪندا ۔ مهرباني
     
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي

    سائين آءُ خادم آهيان مون پهريان ئي گذارش ڪئي هئي ۽ منهنج تقريبن هر موضوع ۾ انسان جي تڪميلي مرحلن جي گفتگو هوندي جا اسان ڪجھ دوستن جي محفل به هوندي آهي مون به شايد اهو سمجهيو ته اشاري کان ڪم هلي ويندو پر جڏهن اشاري کان ڪم نه هليو ته مون جواب ۾ ڪُڪڙ ۽ ڪتي جي مثال ڏئي واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر دوستن ته ان ڳالھ کي شايد موضوع ئي بڻايو هو ته ڪنهن صورت ۾ مڃڻو ئي ناهي ۽ آخر ۾ اسان ته هٿ به کڻي وياسون ڇو جو ڪاٿي ڪاٿي اخلاق کان ڪريل گفتگو به نظر آئي اسان ڪنهن تي اتراض جي لائق ته ناهيون پر سوچيو سون ته ڪاٿي ڪنهنجي دل آزاري نه ٿي وڃي ان لاءِ هن موضوع ۾ حصو وٺندڙ دوستن کي ذاتي پيغام زريعي به معزرت ڪندا رهياسين پر ڪجھ دوستن کان سواءِ ڪو سمجهڻ لاءِ تيار نظر نه ٿي آيو سو سائين انشاءِ الله اڳتي ڪنهن اهڙي موضوع تي گفتگو ڪرڻ کان اجتناب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي انشاءِ الله پر وري به ڪنهن دوست کي ڪا ڳالھ بُري لڳي آهي ته آءُ سندس در تي هٿ ادب جا ٻڌي عرض ٿو ڪريان ته معاف ڪندا وسلام۔
    دل تو چاهتا هي لگادون آگ ڪوھِ طور ڪو
    ڦر خيال آتا هي ڪه موسى بي وطن هوجائي گا
    ۔
    سو ڪڏهن به اهڙي ڳالھ کان اجتناب بريڻ جي ڪوشش ڪندس جيڪو ڪنهنجي مونجهاري جو سبب بڻجي ۔
    وسلم
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي

    سائين قبلا نثار اوهان جي مهرباني اوهان سان گفتگو روبرو ٿيندي موضوع کي طول ڏيڻ سٺو نه ٿو لڳي
    ڳالهه فقط انهن جملن جي آهي جيڪي ادا لکيا وري به ان کي درست سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي بهرحال ان موضوع متعلق ڪافي مواد ٿي ويو آهي.
    باقي هڪ ننڍڙو عرض ادا افتخار جي تحرير تي ته آمريڪا متعلق ڳالهه جو محور آهي تڏهن به جيڪو برائي جي عيوض برائي ڪري ان سان ڀلائي ڪجي اهو انسان آهي

    ۽ برائي جي بدلي ڀلائي ڪرڻ انسانن جو ڪم آهي .

    ان جملي مطابق اسان ان سان ڀلائي ڪيون ؟ پوء انسان آهيون ڇو ته هو ته مسلمانن سان ڀلائي نه ٿو ڪري جيڪا هرڪنهن کي خبر آهي
    ( پيارا پيار جي لهجي ۾ پڙهجو نه ڪه سوال جي تلخ انداز ۾)

    آمريڪا جي دوستي دوستي ته نه آهي سڀڪو سمجهي ٿو هو مسلمانن جو دوست نه آهي نه ٿيندو خود قرآن جو حڪم آهي.

    [font="al_mushaf"]يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لا تَتَّخِذُوا الْكَافِرِينَ أَوْلِيَاءَ مِنْ دُونِ الْمُؤْمِنِينَ أَتُرِيدُونَ أَنْ تَجْعَلُوا لِلَّهِ عَلَيْكُمْ سُلْطَاناً مُبِيناً
    نساء 144
    يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لا تَتَّخِذُوا الْيَهُودَ وَالنَّصَارَى أَوْلِيَاءَ بَعْضُهُمْ أَوْلِيَاءُ بَعْضٍ وَمَنْ يَتَوَلَّهُمْ مِنْكُمْ فَإِنَّهُ مِنْهُمْ إِنَّ اللَّهَ لا يَهْدِي الْقَوْمَ الظَّالِمِينَ
    المائده 51
    يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لا تَتَّخِذُوا الَّذِينَ اتَّخَذُوا دِينَكُمْ هُزُواً وَلَعِباً مِنَ الَّذِينَ أُوتُوا الْكِتَابَ مِنْ قَبْلِكُمْ وَالْكُفَّارَ أَوْلِيَاءَ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنْ كُنْتُمْ مُؤْمِنِينَ
    المائده 57
    يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لا تَتَّخِذُوا آبَاءَكُمْ وَإِخْوَانَكُمْ أَوْلِيَاءَ إِنِ اسْتَحَبُّوا الْكُفْرَ عَلَى الْإِيمَانِ وَمَنْ يَتَوَلَّهُمْ مِنْكُمْ فَأُولَئِكَ هُمُ الظَّالِمُونَ
    التوبه 23
    يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لا تَتَّخِذُوا عَدُوِّي وَعَدُوَّكُمْ أَوْلِيَاءَ تُلْقُونَ إِلَيْهِمْ بِالْمَوَدَّةِ وَقَدْ كَفَرُوا بِمَا جَاءَكُمْ مِنَ الْحَقِّ يُخْرِجُونَ الرَّسُولَ وَإِيَّاكُمْ أَنْ تُؤْمِنُوا بِاللَّهِ رَبِّكُمْ إِنْ كُنْتُمْ خَرَجْتُمْ جِهَاداً فِي سَبِيلِي وَابْتِغَاءَ مَرْضَاتِي تُسِرُّونَ إِلَيْهِمْ بِالْمَوَدَّةِ وَأَنَا أَعْلَمُ بِمَا أَخْفَيْتُمْ وَمَا أَعْلَنْتُمْ وَمَنْ يَفْعَلْهُ مِنْكُمْ فَقَدْ ضَلَّ سَوَاءَ السَّبِيلِ
    الممتحنه 1
    [/font]
    اختصار ڪري ترجمو نه ڏنو ويو آهي .
    جڏهن ته ادا ڏاڏل جي مضمون جو سياق به آهي ته آمريڪا دوست نه ٿو ٿي سگهي ته پوء اهو جملو آمريڪا جي متعلق سمجهڻ گهرجي يا هر انسان لاء.
     
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي

    اسان سائين رحيم صاحب هار مڃي چڪا آهيون هاڻي منهنجي خيال ۾ان موضوع کي جي اتي ڇڏيو وڃي ته بهتر ٿيندو اسان پنهنجي ٻولي ڳالهائي هئي جي ڪنهن دوست کي پسند ناهي آئي ته اسان هٿ ٻڌي معافي وٺڻ جي اقراري درخواست دائر ڪري چڪا آهيون پر جي اوهان چاهيو ته هي فورم جنهن تي اسان جي ڪري ڪو اختلاف پيدا ٿئي يا هي صحبت ڀريو فورم متناضع ٿئي ته اسان ئي لالله حافظ ڪرڻ لاءِ تيار آهيو اميد ته هن موضوع کي آئينده وڌيڪ حضِ نفس نه بڻايو ويندو گهٽ ۾ گهٽ انهن دوستن جي طرفان جي هن فورم جي زينت آهن هونءَ ته هن فورم تي هر سڄڻ پنهنجي زينت پاڻ آهي پر بلخصوص اهي جن جا هن فورم زريعي هن قوم تي احسان آهن۔
    وسلام
     
  7. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي


    السلام عليڪم

    ادا ڏاڏل اوهان جي تمام گهڻي مهرباني جوا وهان سنڌ سلامت تي پهنجا قيمتي موضوع ونڊ ڪندا رهندا آهيون جن مان تمام گهڻا دوستن مستفيد ٿيندا رهن ٿا ۽ انشاء الله مستفيد ٿيندا رهندا ادا ڪنهن به دوست جو اوهان جي ڳاله سان اتفاق نه ڪرڻ جو اهو مطلب نه آهي ته هو اوهان جي ذاتي شخصيت کان به ناراض آهي يا اوهان کي به پسند نٿو ڪري ۔ سنڌ سلامت جو هن اڳڻ کي اها ئي ته خاصيت حاصل آهي جو هتان جا سڀ دوستن مسلڪن ۽ ذهنن قومن ۽ قبيلن جي مختلف هجڻ باوجود به اهڙي گهري رشتن ۾ جڙيل آهين جن جو ذهني اختلاف جي بنا تي ٽٽڻ ممڪن نه آهي مون کي سائين نثار ابڙي جو جملو ايترو ته پيارو لڳندو آهي جنهن ۾ سائين ڪڏنهن ڪڏهن اهڙي اختلافي خالين کان بعد ادا ڪندو آهي سائين چوندو آهي ته ادا علي علي اسان کي اوهان جي دوستي هرشي کان عزيز آهي ۔۔۔ ذهني هم آهنگي نه هجڻ ۽ فڪر جو مختلف هجڻ انساني فطرت آهي ان سان دوستي ڀائپي ناهي ڇڏي ڏبي ۔۔۔ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جو فرمان آهي ته اختلاف امتي رحمه ته مهنجي امت جو اختلاف به رحمت آهي ان مان اگر چه ڪيئي مفهوم ۽ معنائون وٺي سگهجن ٿيون ۔ پر اها معني به نڪري ٿي ته اختلاف راء اختلاف ذهن ۽ اختلاف سوچ اطتلاف زمان اختلاف مڪان سان به اسان کي ڪيترا فايدا ملن ٿا مون کي ياد آهي ته مان اسڪول ۾ تمام گهڻو هوشيار هوندو هئم ۽ اسان جو استاد فخر سان چوندو هو ته بابا علي ان ڪري هوشيار آهي جو هو ولايتي ٻچو آهي مطلب ته به ٻج اٿس هڪ سنڌي ٻيو پنجابي ۔ (مطلب مهنجي ماء پنجابي ۽ پي سنڌي آهي هل ڀڻا ڏاڏل تهنجي ڪري اڄ اهو به انڪشاف ڪرڻو پيو )ههه خير سو ڳاله پي هلي اختلاف جي سو اختلاف به رحمت آهي بابا ان سان انسان جي معلومات ۾ اضافو به ٿئي ٿو ۽ انسان جا گهڻا فايدا ٿين ٿا انسان جي سوچ جو دائرو وڌي ٿو مان اوهان کي هڪ ٻي سچ جي طرف به آگاه ڪندو هلان ته اوهان جي پهنجي پهرين لکڻين ۽ پهرين شآعري کي پڙهو ۽ هاڻي جي شاعري ۽ لکڻين کي پڙهندا ته اوهان کي ڏينهن رات جو فرق نظر ايندو اهو ان ڪري جو اوهان جي دوستن اوهان جي غلطين جي نشاندهي ڪئي اوهان جي رهنمائي ڪئي ان ڪري ئي اوهان جي لکڻين ۾ نکار انيدو وڃي ٿو ۔
    سو سڄي تقرير جو خلاصو اهو ته اوهان جي دوستن اعتراض به ان ڪري ئي ڪيو آهي يا سوال به ان ڪري ئي اٿاريو آهي ن ۾ به اوهان جي ۽ مهنجي ڀلائي آهي مولا امير جو قول آهي ته مهنجو بهترين دوست اهو ئي آهي جيڪو مون کي مهنجا عيب ٻڌائي ۽ بهترين انسان اهو ئي آهي جيڪو پهنجي غلطي کي قبول ڪري ۔۔۔بحرحال سائين نثار ابڙو ادي رحيم بخش ۽ ٻين دوستن جو مقصد به اوهان جي ۽ مهنجي رهنمائي ڪرڻ ئي آهي ۽ اهي اسان جا محترم ۽ بزرگ شخصيتون آهين جن جا اسان تي احسان آهين جو هو اسان جي رفته رفته رهنمائي ڪندا رهندا آهين ۔۔ سو ادا اوهان جي چاهيو ٿا ته اوهان سان ڪو به اختلاف نه ڪري اهو ناممڪن آهي هڪ قلم ڪار جي اها ڪوشش هوندي آهي ته هن جي غلطين جي ڪوئي رهنماي ڪري تاڪه هو پهنجي انهن غلطين کي سنواري سگهي ۔۔ بحرحال اوهان جي ان نشاندهي تي ناراض ٿيا آهيو ته مان سنڌ سلامت جي سڄي سنگت پاران اوهان سان هٿ ٻڌي معذرت ڪيان ٿو ۔۔۔ اميد ته اوهان پهنجي ان ڪاوشن کي جاري رکندا ۔۔ مهرباني اوهان جي

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي

    ادا ڏاڏل صاحب توهان جي مضمونن جا عنوان به عجيب هوندا آهن ڪڏهن ته توهان ان ئي ڳالهه جي حمايت ڪري پيا سبق ڏيندا آهيو، ڪڏهن ته ان جي مخالفت ۾ پيا دليل گڏ ڪندا آهيو، مطلب ته توهان جا به رنگ هزار آهن ۔۔۔ ادا توهان جا اهي رنگ ڏسي ڪري مون کي شاهه صاحب جون هي سٽون ياد ٿيون اچن ته ۔۔۔۔
    ڪَڏَهِن طاقِيُون ڏِينِ، ڪَڏَهِن کُلَنِ دَرَ دوسِتَنِ جا؛
    ڪَڏَهِن اَچان، اَچَڻُ نه لَهان، ڪَڏَهِن ڪوٺِيو نِينِ؛
    ڪَڏَهِن سِڪان سَڏَ کي، ڪَڏَهِن ڳُجھاندَرَ ڳَـرَهِين؛

    اَهڙائِي آهينِ، صاحِبَ مُنهنجا سُپِرِين

    ۔ادا ڏاڏل شينو صاحب توهان جا مضمون مڙئي معلومات سان ڀريل هوندا آهن ۽ اسان جهڙن جوسبن لاء وڏو سبق هوندا آهن پر توهان هن فلسفي ته سنڌ سلامت جي ٻين دوستن وانگر مون کي به منجهائي وڌو آهي ۽ توهان لکيو آهي ته ۔۔۔۔ ( اسانجي استاد اخلاقيات تي اسلاميات جي پيرڊ ۾ ليڪچر ڏنو هو جيڪو مونکي اڄ تائين ياد آهي ، ان چيو هو ته چڱائي جي بدلي چڱائي ڪرڻ گڏهن جو ڪم آهي ، برائي جي بدلي برائي ڪرڻ ڪتن جو ڪم آهي ، ڀلائي جي بدلي برائي ڪرڻ وحشين جو ڪم آهي ،۽ برائي جي بدلي ڀلائي ڪرڻ انسانن جو ڪم آهي ۔۔۔ڏاڏل شينو ) ادا ڏاڏل صاحب يا ته توهان جي ان استاد جي اهيا سوچ هوندي جنهن اهيو فلسفو پيش ڪيو يا پوء توهان سندس چيل ڳالهه کي هت صحيح پيش ڪري ناهيو سگهيا،۔۔۔۔۔۔۔۔ ڇو جو اسان جو مذهب اسلام ته اهيو سبق ڏئي ٿو ته ۔۔۔ واحسنوا ان الله يحب المحسنين ۔۔۔۔القرآن يعني۔۔۔ احسان ڪريو، ڇاڪاڻ ته الله احسان ڪندڙ کي پيار ڪري ٿو۔۔ ادا ان کان علاوه دنيا جا جيڪي به مذهب آهن انهن وٽ به اهيو سبق آهي ته ڪير برو هجي يا ڀلو هجي پر توهان ان سان احسان۽ ڀلائي ڪريو، ۽ ادا ڏاڏل اسان مسلمانن لاء بلڪ پوري انسان ذات لاء اسان جي پياري رسول سرور ڪائنات سردار دوجهان رحمت العالمين حضرت محمد مصطفه صلي الله عليه واله وسلم جن جي زندگي مبارڪ هڪ بهترين نمونو آهي، ۽ انهن جي زندگي مان به اهيو ٿو سبق ملي ته اڳيون ڪهڙو به هجي ان سان چڱائي ۽ احسان ڪريو، انهن ته اهيو سيکاريو آهي ته توهان ڪافر سان به چڱائي ۽ احسان ڪري، ۽ سندن زندگي مبارڪ مان اهڙا هزارين مثال ملن ٿا ته حضور جن ڪافرن ۽ دسمنن سان به چڱائي ۽ احسان سان پيش آيا آهن ۽ اسان کي ته اسان جي پياري رسول ۽ اسان جي استادن اسان جي مرشد حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جن به اهيو سبق ڏنو آهي ته جيڪو توهان سان ڀلائي يا احسان ڪري ان جو به بدلو چڱائي ۽ احسان ئي آهي، بلڪه بهتر ته اهيو آهي ته سندس ڪيل احسان کان موٽ وارو احسان يا ڀلائي برابر هجي يا پوء ان کان به ڪجهه وڌيڪ هجي ادا ڏاڏل شينو صاحب توهان حضرت بلي شاه صاحب جو هڪ شعر پڻ هت ڪوٽ ڪيو آهي ۽ توهان لکيو آهي ته ۔۔۔۔ ( ملان ڪنون ڪُڪڙ چڱا جهڙا يار جڳاوي سُتي راتين جاڳين شيخ ڪهاوين تي راتي جاڳڻ ڪتي تي تون اُتي ) ۔۔۔۔ ادا جڏهن ته اهيو شعر منهنجي خيال ۾ هيئن آهي ته ۔۔۔۔ملان ڪنون ڪُڪڙ چڱا جهڙا يار جڳاوي سُتي ،،راتين جاڳين شيخ سڏاوين راتين جاڳڻ ڪتي تيڪنون اتي، مالڪ دا در مول نه ڇڊدي توڙي سُو سُو پوون جتي تيڪنون اتي،، چل بليا اٺ يار منا ورنه بازي ليگئي ڪتي، تيڪنون اتي،، ادا واقعي اهو ڪڪڙ به اسان کان چڱو آ جيڪو جاڳائي ته ٿو ان مقصد لاء ته الله کي ياد ڪريو، جڏهن ته هت اسان جا ڪجهه دوست ان ماڻهون جي پيا سائيڊ وٺن جنهن جيل ۾الله جي آذان ٻڌڻ واري اسپيڪر کي لاهڻ لاء هڪ قاتل فرمائش ڪئي هئي، جڏهن ته اها ان قاتل قيدي جي سندس خواهش هئي نه ڪي سندس فطري ضرورت، ڇو ته فطرت ته اهيا آهي ته صبح جو فجر مهل اٿجي ۽ نماز لاء تياري ڪجي، ۽ اهيو ئي اسان جو قرآن، اسان جو رسول، صحابه ڪرام ۽ امامن سڳورا سبق ڏئي ويا آهن، باقي خوهشون ته ڪڏهن به ختم ٿيڻ جون ناهن جيسيتائين نه وڃي قبر ۾ پير پوي، ادا بلي شاهه صاحب تمام سٺو چيو آهي ته ان ملان کان ته ڪڪڙ بهتر آهي جيڪو الله ڏانهن سڏي ٿو، ادا ٻي سٽ ۾ بلي شاه صاحب فرمائي ٿو ته اي بندا تون رات جاڳين ٿو ۽ ان رات جاڳڻ جي عيوض پاڻ کي شيخ ، مولوي عالم ، فاضل، مفتي، ذاڪر ۽ پير مرشد پيو ٿو سڏائين، جڏهن ته پنهنجي مالڪ لاء ته ڪتا به جاڳندا آهن ۽ پنهنجو فرض ڊيوٽي پوري ڪندا آهن پر انهن ته ان رات جاڳڻ جي عيوض ڪجهه ناهي گهريو۽ تون ان عيوض شيخ، مولوي، عالم، مفتي، ۽ ذاڪر جا لقب ٿو گهرين، حيف آ توتي، ۽ تو کان ته اهي ڪتا مٿي آهن جن مالڪ جي وفاداري ۾ رات جاڳڻ جو ڪجهه ناهي گهريو۔ ، ۽ اي بندا اهي ڪتا ته ڪڏهن به پنهنجي مالڪ جو در ڪو نه ٿا ڇڏين توڙي جو سندس مٿان مختلف ماڻهن جا سُو سُو جوتا ٿا پون مگر اهو پنهنجي مالڪ جو در ڇڏي ڪو نه ٿو ۽ تون ٿورڙي مشڪل ۾ ٿورڙي مخالفت ۾ پنهنجي حقيقي مالڪ الله جو در ڇڏي ويٺو آهين پوء ته تو کان ته اهي ڪتا چڱا آهن جو مالڪ جو در ته ڪو نه ٿا ڇڏين توڙي جو انهن مٿان ڪهڙيون به تڪليفون اچن ٿيون پر مالڪ جي وفاداري ڪو نه ٿا ڇڏين، آخري سٽ ۾ بلي شاهه پنهنجو تخلص استعمال ڪندي پنهنجو پاڻ کي ۽ ٻين انسانن کي اهيو ٿو سبق ڏئي ته اٿو ۽ پنهنجي حقيقي مالڪ الله کي راضي ڪريو نه ڪي رات جاڳي ڪري صرف لقب ماڻيو، ، ........ توهان کان ته اهي ڪتا گوهه کڻي ويندا جيڪي پنهنجي ان مالڪ جو دروازو نه ڇڏي ڪري پنهنجي دنياوي مالڪ کي راضي ڪيو ويٺا آهن۔
     
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي

    ادا ڏاڏل ڀاء مان ته اڳ عرض ڪيو ته تلخ لهجي ۾ نه پڙهجو پر ان جي باوجود منهنجو مقصد به ڪنهن جي دل آزاري نه آهي بس ان موضوع کي معذرت جي التجا تي ختم ڪجي ٿو هن عاجز طرفان اوهان کي ڪا رنجش آهي ته معاف ڪندا هن موضوع ۾ وڌيڪ منهنجي طرفان ڪجهه به نه ايندو. باقي دوستن سان اختلافي نظريه شيئر نه ڪبا ته ڪنهن سان ڪبا. الله توهان جو حامي و ناصر .
     
  10. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي

    سائين خدا نه ڪري ته آءُ ڪنهن سان ناراض ٿيان آءُ پنهنجي ڪيفيت کان واقف آهيان آءو ته ڊڄان ٿو پيو ته ڪنهن دوست جي شايد منهنجي نظريعي کان دل آزاري ٿي نه هجي جي ڪنهنجي دل آزاري ٿي پئي ته منهنجي اوقات اڳئي هيڻي آهي سو سڄڻ جي اوهان کي اعتبار نه اچي ته منهنجي مطلق سائين ممتاز وگهيو صاحب کان پُڇي سگهو ٿا ڏسو مون هن موضوع تان هٿ ان لاءِ کنيو ته شايد آءُ پنهنجي مدعا کي صحيح طور تي بيان ناهيان ڪري سگهيو۔ يا منهنجي سوچ غلط آهي، بحرحال اوهان جي مهرباني جو اوهان منهنجي اصلاح ڪئي آهي ادا مهرباني۔
     
  11. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي

    ادا ڏاڏل شينو صاحب توهان پنهنجي غلطي تسليم ڪئي ، اهيا وڏي ڳالهه آهي، ڇو جو غلطي تسليم ڪرڻ لاء به وڏي دل ۽ گردو گهرجي، ۽ هر ماڻهون پنهنجي غلطي ناهي تسليم ڪندو جنهن جي ڪري اسان جي معاشري ۾ بگاڙ ايندو آهي، ۽ ڳالهه ڇا مان ڇا ٿئي ويندي آهي، ادا ڪا ڳالهه نه آهي غلطي به انسانن کان ئي ٿيندي آهي، باقي ادا هي فورم سڀني جو فورم آهي هن فورم جو اهيو ئي ته مزو آهي، ادا سنڌ سلامت جي فورم ۽ اخبار ۾ اهيو ئي ته فرق آهي ته توهان جڏهن پنهنجا ڪالم اخبار ۾ لکندا آهيو ته ان ڪالم جي تڪڙي ۽ ترت موٽ ناهي ملندي پوء اها تعريف ۾ هجي يا تنقيدي هجي، پر سنڌ سلامت جو اهو فورم آهي جنهن تي اسان جا دوست تۡڪڙي ۽ ترت موٽ ڏيندا آهن پوء اها ڇو نه تعريف واري هجي يا پوء تنقيدي هجي، جنهن جو مثال توهان سامهون آهي، ادا سنڌ سلامت جي ساٿين جي اهيا وڏي خوبي آهي ته پيار محبت ۾ ۽ دليلن سان گڏ غلط ڳالهه کي غلط ۽ صحيح ڳالهه کي صحيح چوندا آهن جنهن ڳالهه جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي۔ باقي ادا توهان جي ناراض ٿيڻ واري ڳالهه جي مان گواهي ڏيندس ته اهيا حقيقت آهي ته ڏاڏل شينو صاحب ۾ وڏي برداشت آهي ۽ دوستن سان ناراض گهٽ ٿيندا آهن بلڪ ناراض ئي ناهن ٿيندا، مان ته ڏاڏل صاحب لاء شاهه صاحب جي هي سٽ هت پيش ڪندس ته ۔۔۔۔ ڳنڍين سارو ڏينهن ، ڇنڻ مور نه سکيا وارا الفاظ ڏاڏل صاحب تي فٽ ايندا آهن۔ ۔۔۔ محترم دوست ڏاڏل شيني صاحب جي دوستي جو نيٽ ورڪ تمام وڏو آهي ۽ پاڻ هر ڪنهن سان دوستي رکندا آهن ۽ دوستي رکڻ کان پوء نڀائيندا به آهن ۽ پنهنجي وس ۽ ڪوشش آهر پنهنجو وقت، جان، ۽ مال ڏئي ڪري ان دوست جي ڪم به ايندا آهن، ادا مون ته ڏاڏل صاحب جو پنهنجي شانتي نگر واري دڪي واري سنگت ۾ نالو ئي جاکوڙي دوست رکيو آهي، اهو ان ڪري ته پاڻ دوستن جي مشڪل وقت ۾ رات جو به مدد لاء پهچندا آهن، ادا مون ته اهيو به ڏٺو آهي ته ڪراچي کان علاوه ڪراچي کان ٻاهر سنڌ جي ٻين ننڍن شهرن تائين به دوستن وٽ پهچندا آهن، جڏهن ڏاڏل شينو صاحب شانتي نگر واري دڪي تي ڪچهري ۾ شامل ناهن هوندا ته اسان دوست هڪٻئي کان ڏاڏل جو معلوم ڪندا آهيون، ۽ پوء خبر پوندي آهي ته پاڻ ڪنهن مريض جي خدمت لاء ويل آهن يا ڳوٓٺ ۾ ڪنهن مسئلي کي سلجهائڻ ويا آهن، مطلب ته ڏاڏل صاحب اگر سنگت ۾ موجود نه هجن ته سمجهو ته پاڻ ڪنهن جي مدد لاء ويل آهن۔يا پوء ڪنهن فلاحي ڪم جي پويان آهن۔۔۔ ادا سمجهو ته هي اسان جي سنگت جو ٿر وارو عظيم انسان مسڪين جهان خان کوسو آهي، ۽ ڏاڏل صاحب جو سائين اهيو نعارو هوندو آهي ته مدد سڀ لاء دوستي سڀ لاء ۽ اها به هميشه لاء ۔۔۔
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو