ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏25 فيبروري 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي


    ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي

    منهنجو هي موضوع اڄوڪي هر وائي وات واري موضوع جو سلسلو آهي هاڻي تازي عرب ملڪن ۾ آيل انقلابي ٻوڏ تخت جي تاجدارن سان جيڪو حال ڪيو آهي سو ڪنهنکان لڪل ڇپيل ناهي ، هر ڳوٺ هر شهر توڙي گهر ۾ زيرِ بحث موضوع آهي . سوچڻ جي ڳالھ اها آهي جيڪو هن وقت ليبيا ۾ سمنڊ اٿليل آهي ان جا دروازا ڪٿان ٽٽا۔ معمر قذافي جي قوم جا هن جي هڪ اشاري تي جان فدا ڪرڻ لاءِ تيار رهندي هئي اها قوم اڄ هن جي جاني دشمن ڪيئن ٿي، اهي دشمن ڇو ٿيا جن ماڻهن هن جي ان وقت هر اها ڳالھ مڃي جڏهن هن ملڪ تي ٽن ڏهاين کان به وڌيڪ عرصي تائين پابنديون لڳل رهيون تهبه ليبيا جي اڳواڻ معمر قذافي جي هر حڪم تي سندس عوام گڏ رهيو. جڏهن قذافي ست سال کن پهريان پنهنجو رستو مٽايو ۽ آمريڪا سان ياري رکي پنهنجي سڄي ائٽمي پروگرام کي رول بيڪ ڪري راتو واھ سڄا ائٽمي پلانٽ آمريڪا جي حوالي ڪري ڇڏيائين . هن آمريڪا جي حڪم تي پنهنجي محسن ملڪ جنهن ۾ هن جي مقبوليت عام هئي ان تي سلطاني گواه بڻجي بيهي رهيو پاڪستان جي مٿان سلطاني گواھي ڏني ته اٽمي پلانٽ اسان کي پاڪستان ڏنو آهي معمر قذافي جي پٽ صيف السلام پنهنجي انٽرويو ۾ اها ڳالھ چئي ته اسان کي هي سڄو ائٽمي مواد پاڪستان ڏنو آهي۔ انکان پوءِ اسان سان جيڪو حشر ٿيو ته اسان به ان جا حقدار ته پهريان ئي هياسين ڇو جو آمريڪا جي ياري ئي ته هڪ وڏو جرم آهي ۽ سندس ياري جي قيامت بي وفائي ئي آهي ۽ اسان تي پابنديون لڳيون ڊاڪٽر قدير جيڪو اسانجو هيرو هو اسان ان کي نه چاهيندي به قرباني جو ٻڪرو ڪري پيش ڪري ڇڏيو . ته مون لکيو پئي جيسيتائين ليبيا جو ويڙهاڪ صدر آمريڪا جي ياري کان پري رهيو تيسيتائين هن توڙي هن جي اقتدار کي ڪو خطرو لاحق نه هو جيئين ئي هن آمريڪا سان ريڪنسليشن جو نعرو بلند ڪيو ته هن جي عوام شايد انهن پابندين ۾ خودار ٿي چڪي هئي هن جي مخالفت شروع ڪري ڇڏي. اڄ معمر قذافي برملا چوندو نظر ٿو اچي ته اسانجي ملڪ جا حالات آمريڪا جي مرحون ِ منت آهن .ته سهڻل هن جي مرحونِ منت ڇو نه هجن هن توکي پنهنجي دام ۾ فاسائڻ لاءِ ڪيتري محنت ڪئي آهي ۽ تون آخر ان جي دام ۾ اچي وئين هاڻي اها تباهي تنهنجو مقدر آهي شايد تون پاڪستاني پير به ناهين جو غلط يا صحيح تو کي پوڄيو وڃي بحرحال هي نتيجو تنهنجي ان عمل جو ئي آهي جو تو آمريڪا سان قربت ڪئي شڪر آهي اها ڳالڳ تو کي سمجھ ۾ آئي آهي جي تو عبرت حاصل ڪرين ها ته اڄ اهي ڏينهن نه ڏسين ها۔ حضرت علي عه جو فرمان آهي ته دنيا ۾ مقامِ عبرت گهڻا آهن پر عبرت حاصل ڪرڻ واريون اکيون تمام ٿورڙيون آهن. ڇا اسان جي عبرت لاءِعراق و افغانستان جون تلخ يادون ٿوريون آهن جن هن جو ساٿ ڏنو تن کي هن ڪم ڪڍي مات ڏني .
    ننڍا هوندا ها سين ته اسانجي استاد اخلاقيات تي اسلاميات جي پيرڊ ۾ ليڪچر ڏنو هو جيڪو مونکي اڄ تائين ياد آهي ، ان چيو هو ته چڱائي جي بدلي چڱائي ڪرڻ گڏهن جو ڪم آهي ، برائي جي بدلي برائي ڪرڻ ڪتن جو ڪم آهي ، ڀلائي جي بدلي برائي ڪرڻ وحشين جو ڪم آهي ،۽ برائي جي بدلي ڀلائي ڪرڻ انسانن جو ڪم آهي . پوءِ ان مثال جي هر هڪ موضوع تي مثالون ڏنيون هيون پر هتي اختصار کان ڪم وٺندي ۽ پنهنجي موضوع کي ڏسندي فقط هڪ مثال ته چڱائي جي بدلي برائي ڪرڻ وحشين جو ڪم آهي کي زير بحث ڪندي دهرايان ٿو ته ، ڪنهن ڍنڍ جي ڪناري تي هڪڙي نانگ ڪڇون کي چيو ادا ڪڇون هڪ مهرباني ڪر مونکي هِن پار کان هُن پار تائين پهچاء ته سهي ، نانگ کي ڪڇون چيو ٺيڪ آهي تون منهنجي پٺي تي ويھ ته آءُ تو کي هُن پار کڻي ٿو هلان نانگ ڪڇون جي پٺي تي سوار ٿيو جنهن وقت ڪڇون وچ ڍنڍ ۾ پهتو ته ڪڇون کي محسوس ٿيو ته نانگ مونکي ڏنگي ٿو، ڪچون نانگ کي چيو اڙي هي ڇا ٿو ڪرين؟ نانگ چيو ادا بس عادت آهي، ڪڇون به هنئين ٽٻي نانگ چيو يار ائين نه ڪر، ڪڇون وراڻيو يار ڇا ڪيون اسان جي مجبوري آهي اسان جي به عادت آهي پاڻي ۾ ٽٻي هڻن .
    سو سائين مون عرض ٿي ڪيو ته هن وقت جي خردجال سان ياري رکڻ پاڻ سان ظلم ڪرڻ آهي . مون هاڻي هاڻي گفتارِ دلنشين ۾ امام جعفر صادق عه جو قول ٿي پڙهيو ته ٽن ماڻهن کان بچجو، هڪ خائن ٻيو ظالم ۽ ٽيون چغلخور ڇو جو جيڪو اڄ تنهنجي لاءِ ڪنهن تي ظلم ڪري ٿو سڀاڻي ڪنهن ٻئي لاءِ تو تي ظلم ڪندو ، جيڪو تنهنجي لاءِ اڄ ڪنهن ٻئي سان خيانت ٿو ڪري سو سڀاڻي ڪنهن جي لاءِ تو سان خيانت ڪندو ۽ جيڪو ڪنهنجي چغلي توسان کائي ٿو سو سڀاڻي ڪنهن ٻئي سان تنهنجي چغلي ضرور کائيندو. هاني اوهان پوري دنيا ۾ ڏسو هر طقتور ڪمزور جو ڪيئن استعمال ڪيو آهي ۔ اها فطترت آهي ته طاقت ايندي ئي تڏهن اهي جڏهن ڪنهن طاقتور سان ٽڪرائبو آهي ۔طاقت ان جاءِ تي ايندي آهي جتي ان جو استعمال هوندو آهي هاڻي اسان توڙي ٻين جو پنهنجي مقصد لاءِ آمريڪا ڪيئن استعمال ڪيو آهي . اڳي مون ڪنهن اُردو اخبار ۾ ڪنهنجو ڪالم پڙهيو هو ته هڪ هاري جنهن جي فصل تمام بهترين ٿيندي هئي ان کي هڪڙي سال خيال آيو ته جي مان پنهنجي زمين ۾ ڦوهارو ڪيان ته شايد هي منهنجي فصل( جيڪا پاڻي ۾ ٿيندي هئي ) بهتر ٿئي ڇو جو هن ڏٺو ته پاڻي جي تھ ۾ ڪجھ جيت هيا جيڪي فصل کي کائيندا ها سو هن ان پاڻي ۾ زهريلي دوا هاري ڇڏي . اڳيئين سال هن جي فصل سالانه فصل جي چوٿي حصي جيتري به نه ٿي ته هن فصلن جي ماهرِجي کان پڇا ڪئي ته سائين اڳي ته منهنجو فصل تمام بهترين ٿيندو هو پر هن سال منهنجو فصل بلڪل نه هئڻ جي برابر ٿيو آهي . ان ماهر هن کان پڇيو تو ڪا پنهنجي فصل جي ڪاشت ۾ غير معمولي تبديلي ته ناهي ڪئي ، هن چيو سائين جيڪي پاڻي ۾ جيت هوند ا ها انهن کي مارڻ لاءِ مون زهريل دوا پاڻي ۾ ملائي هئي سو اهي تمام جيت به مري ويا پر فصل سُٺي ناهي ٿي ته ان ماهر کلي چيو سڄڻ فصل ڪٿان ٿيندي هاري چيو سائين ڇو ماهر وراڻيو ته تو جيڪي جيت پاڻي ۾ موجود هوندا ها سي تو زهريلي دوا ڏئي ماريا آهن اهي جيت الله جي طرفان نقصان نه پر فائدي رسائڻ وارا جيت هيا اهي جيت انهن جيتن کي ماريندا ها جيڪي جيت تنهنجي فصل کي تباھ ڪرڻ چاهيندا ها سو اهي جيت مري ويا هاڻي نقصان ڪار جيتن جو رستو روڪڻ وارو ڪو آهي ڪو نه سوان لاءِ نقصانڪار جيت تنهنجي فصل ۾دندنائيندا ٿا ڦرن. سو روس آمريڪا لاءِ اهو جيت هو جنهنجي جي موجودگي ۾ آمريڪا کي پنهنجي هم پله جو خيال هوندو هو اهو اسان مسلمانن کان جهاد جي نالي تي هن مارائي ڇڏيو هاڻي هي آمريڪن سنڍي جنهن کي ٿي چاهي تنهن کي ٿي تباھ ڪري ڇو جو هن جي رستي تي ڪو ٻيو آهي ئي نه جيڪو هن کي روڪي۔ دشمن جي دشمن جي طاقت کي ختم ناهي ڪبو ان جي طاقت کي هٿي ڏبي اهي ته جيئن هو بلڪل آزاد ٿي ڪري حملو نه ڪري .
    سائين هن جي ماکي ۾ لازمي زهر مليل هوندو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ته هو پنهنجي مطلب بنان هٿ ڏين جتي هنن جو مطلب هوندو اتي ئي هي مهربان نظر ايندا پوءِ جي هنن يا اسان هنن جي محبت يا صحبت يا لالچ ۾ اچي ڪنهن تي ظلم ڪيو آهي ته ڇا ٿا سمجهون، اسان ان جي ڪنهن منزل ۾ رڪاوٽ بڻجي سامهون ايندا سين ته هواسان کي معاف ڪندا نه سائين سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ته هو اسان کي ڇڏي هي هيئنر تائين جيڪو هن ملڪ جو وجود آهي يا هن جي وجود سان جيڪو برتاءُ ڪيون ٿو اچي پيو ان جي پٺيان هن جو مجبوريون آهن نه ته هي هن محل تائين شايد افغانستان و عراق کان پهريان اسان کي ٽارگيٽ بڻائي ها . سچ هميشه سچ هوندو آهي ۽ انهن سچن جو تعليمات .و.قت گذرڻ سان گڏ اسان جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهن پر اسان جي حالت ته ان ڪبوتر جيان آهي جيڪو ٻلي کي پنهنجي ويجهو ايندي ڏسي اکيون بند ڪري ڇڏيندو آهي ته ٻلي هن کي ناهي ڏٺو جي اڄ به اسان جي حڪمرانن جي آمريڪا نوازي جي پاليسي کي ترڪ نه ڪندا ته قريب آهي هو هنن کي ڳڙڪائي ويندو . هنن پنهنجي خوداري کي ته ختم ئي ڪري ڇڏيو آهي پر اسان ڏسندا آهيون ته ڪنهن جانور تي جي ان کان وڏو جانور به حملا آور ٿيندو آهي ته اهو جانور گهٽ ۾ گهٽ پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي اسان ته انهن جي هر ظلم کي پنهنجو ناءُ ڏئي چڪا آهيون جا جنگ هن شروع ڪئي هئي ان جنگ کي پنهنجي پاند ۾ پائي چڪا آهيون . اسان کي هن جي ڪنهن به نوازش تي فريفتا نه ٿيئڻ گهرجي هي حڪمران جن جي درن تان حقدارن کي حق نه ٿو ملي تن جو آقا انهن تي اگر احسان ٿو ڪري ته هن جا مفادات هنن کان وڏا هوندا . جي هي نه ٿا جاڳن ته اسان عوام کي جاڳڻ گهرجي جي نه ته هي اسان جي عزتن جا واپاري آهن هنن اسان جي عزتن جو واپار اسان جي مرضي کان بنان ڪري ڇڏيو آهي بس هي جنهن جي جهولي ۾ ويٺا آهن اهو ڪير آهي اهو اسان کي علم ۾ هجڻ گهرجي .بس ان کان ڀلائي جي اميد بيوقوفي ئي آهي۔
    وسلام
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي

    سٺي معلومات آهي سائين

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي


    ادا ڏاڏل اوهان جي استاد جو اهو فلسفو اسان جهونن کي سمجه ۾ نه آيو ۔ اسان کي ته قرآن چيو آهي ته هل جزاء الاحسان الا الاحسان ۔۔۔۔۔
    مهرباني ڪري ان جي وضاحت ڪندا
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي

    برائي جي بدلي ڀلائي ڪرڻ انسانن جو ڪم آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    انسان کي مليل عقل ۽ فهم ۽ وري سندس ڏانهن موڪليل پيغمبرن جو سبب ئي اهو هو ته انسان پنهنجي عمل سان اهڙو ڪري جيڪو ٻيا نه ٿا ڪن۔ تازين تبديليلن لاء مختلف نظريا ۽ زاويه بيان ڪيا ويا آهن۔۔۔۔۔۔ ڪجه ماڻهو چون ٿا ته هي سڀ آمريڪا پيو ڪرائي۔۔۔۔۔۔ ڪجه چون ٿا هن سڄي ڪم کي سعدي ڏانهن تبديلي آڻڻ لاء کنيو پيو وڃي ۽ ايران جو هٿ آهي۔

    جيترا ماڻهو اوتريون ڳالهيون ۽ سوچون آهن ۔۔۔۔۔۔ باقي صحيح ڇاهي وقت ٻڌائيندو
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي

    ادا ڏاڏل ۔۔۔ تمام زبردست ونڊ آهي،
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي

    چڱائي جي بدلي چڱائي ڪرڻ گڏهن جو ڪم آهي

    ادا ڏاڏل...معزرت سان ته اُستاد سڳورو ڀنگ پيتي هوندي..ياته وري استاد پاڻ اهڙو هوندو.استادن کي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ نه جڳائين با.
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي

    [justify]

    ها ادا! اسان جي به سائين ڏاڏل شينو کي گذارش آهي ته ان سلسلي ۾ وضاحت ڪن، ڇو ته قرآن جي ڳالهه يا حديث جي ڳالهه جي رو سان ته اها ڳالهه غلط آهي ته”احسان جي بدلي احسان يا ڀلائي جي بدران ڀلائي گڏهه جو ڪم آهي“ ٿي سگهي ٿو سندس استاد جو ڪو فلسفو هجي۔۔​
    [/justify]
     
  8. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي



    سائين اوهان جي مرضي آهي جنهن لاءِ جيئن سوچيو ليڪن هي ته حقيقت آهي جي ڇڱائي جي بدلي چڱائي ڪجي ته هي ڪو وڏو ڪم ڪونهي پر اوهان کي مشڪل ان لاءِ ٿو لڳي ته جنهن معاشري جا اسان رهواسي آهيون ان معاشري ۾ چڱائي جي بدلي برائي نصيب ٿي ٿئي ڇو جو هن معاشري جي اڪثريت گڏهن کان به گذريل آهي پوءِ جي ڪو هن معاشري ۾ چڱائي جي بدلي چڱائي ڪري ته اها هڪ وڏي ڳالھ سمجهي ويندي ۔
    ادا مست ڪڏهن اوهان سو چيو آهي ته وڻ هڪ مخلوق آهي پر هي ڇانوَ دوست توڙي دشمن ٻنهي تي ڪندو آهي سج الله جي مخلوق آهي ان جا فائدا غلط توڙي صحيح ٻنهي ماڻهن تي برابر پهچن ٿا هي ته ٻه مثالون مون اوهان کي الله جي ٻن مخلوقن جون ڏنيون جيڪي اشرف جي درجي تي ناهن جن جي حقيقت انسان جي مرتبي کان هيٺاهين آهي ته پوءِ هي انسان جيڪو اشرف المخلوق جو درجو ماڻڻ چاهي ٿو سو ائين ئي ان درجي تي فائض ٿي ويندو ان لاءِ سوچڻ جي ڳالھ آهي باقي رهي گڏھ واري مثال ته ياد رکو استاد ڪڏهن شاگردن کي غلظ ڳالھ ناهي سيکاريندو شاگرد جي سمجھ استاد جي ڳالھ کي نه سمجهي ته اها شاگرد جي گهٽ علمي ته ٿي سگهي ٿي پر استاد جي نه ، ۽ ها جيڪو غلط ڳالھ ٻڌائي اهو استاد ٿي نه ٿو سگهي۔
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي

    [justify]
    ادا مان به ته اها ئي ڳالهه پيوڪريان ته استاد ڪنهن رمز تحت اها ڳالهه ڪئي هوندي، اها رمز واضح ٿي وڃي ته واهه واهه نه ته اسان کي ته ڳالهه جو مفهوم غلط ملندو،، ڳالهه ڪجي ته سدائين پوري ڪجي ڇو ته چوندا آهن ته نيم حڪيم خطره جان، ان ڪري نيم خبر به خطره جان چئي سگهجي ٿو۔۔
    [/justify]
     
  10. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي

    تمام دوستن کي هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪريان ته مون پنهنجي موضوع ۾ جنهن ڳالھ جو ذڪر ڪيو آهي اهو آهي انساني اقتدار يا انساني قدر انسان توهان جي غور ڪيو ته جي انسان چڱائي جي بدلي چڱائي ڪري ۽ برائي جي بدلي برائي ڪري ته اهي خصلتون اوهان کي جانورن ۾ به نظر اينديون پوءِ ان جانور ۽ انسان ۾ ڪهڙو فرق ٿيندو بُلي شاھ جو شعر آهي ته ملان ڪنون ڪُڪڙ چڱا جهڙا يار جڳاوي سُتي راتين جاڳين شيخ ڪهاوين تي راتي جاڳڻ ڪتي تي تون اُتي وغيره انهن مان مراد ڇا آهي ان مان مُراد جا مون سمجهي آهي ته اُها اِها آهي جي ڪڪڙ وقت تي ٻاننگ ڏئي ماڻهن کي جاڳايو ۽ انسان به آذان ڏئي اهو ڪم ڪيو ته ڪا وڏي ڳالھ ناهي ڪتو به جاڳي ۽ انسان به جاڳي ٻئي پنهنجي پنهنجي مقصد لاءِ جاڳيا پر جي انسان جاڳي پاڻ کي عبادت گذار سڏائي ۽ ڪتو به جاڳي ٿو پر ان مان انجو ڪو مقصد ناهي ماسواء ان جي فطرت ۾ مالڪ جي رضاجي ته انهن ٻنهي جاي جاڳڻ مان بُلي شاه جي نظر ۾ ڪُتي جو جاڳڻ بهتر آهي انسان جيڪو قائنات تي الله جي صفتن جو مظهر آهي ان جي قدر و منزلت ان کان اعلى آهي بس هن موضوع تي کليل گفتگو ايتري ئي ٿي سگهي ٿي۔
    وسلام
     
  11. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي

    ادا ڏاڏل اسان به ته اها ئي ڳاله پيا ڪيون ته برائي جي بدلي برائي ڪرڻ اهو جانور جو ڪم آهي پر ڀلائي جي بدلي ۾ ڀلائي ڪرڻ به ڇا جانور جو آهي آهي ؟؟ اهو ڪهڙو جانور آهي جو برائي بدلي ۾ ڀلائي ڪندو هجي اوهان ته اهو لکيو آهي ته ڀلائي جي بدلي ڀلائي ڪرڻ گڏه جو ڪم آهي يار مون کي ياد آهي مون گڏه کي هڪ دفعو لٺ هنئي هئي مون کي اهڙي جو لت هنئي هئائين جو اصل آندا پيٽ ۾ وري آيا سو اوهان ڀلائي جي بدلي ڀلائي ڪندڙ کي به گڏه لکيو آهي ۔۔اها ڳاله اسان کان زور آهي بابا
     
  12. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي




    [justify]سائين اوهان پاڻ ان جو اقرار ڪيو آهي ته گڏھ کي توهان لٺ هنئين بدلي ۾ گڏھ اوهان کي لت هنئين مون ته پنهنجي موضوع ۾ لکيو آهي ته برائي جي بدلي ڀلائي ڪرڻ انسانن جو ڪم آهي مون اهو ناهي لکيو ته برا۔ي جي بدلي ڀلائي ڪرن گڏھ جو ڪم آهي باقي سائي واهان نانگ جي ٻچي کي پاليو ته هو وقت سان اوهان کي ڏنگ ئي هڻندو جيئن سائين سلطان باهو صاحب جو شعر آهي ته
    سپان دي ٻڇي متر (دوسست) نه هوندي ڀاوين چُليان دودھ پوائيءِ مون ته اهو لکيو آهي ته برائي جي بدلي ڀلائي ڪرڻ انسانن جو ڪم آهني معاشري مجي اهو ڪم ڪن ٿا اهي ئي انسانِ ڪامل آهن ۔ ڇا حضرت محمد صه پانڻ مٿان ڪچرو اڇليندڙ عورت جي اصلاح ناهي ڪئي ،ڇا حضرت علي عه قاتل کي شربت ناهي پياريو ، ڇا مام حسن عه سندن پنهنجي والد کي برو چوندڙ کي پاڻ وت مهمان ٿيئڻ جي دعوت ناهي ڏني ۔ ؟ پر دوستو اسن ته هي چئي پاڻ کي پري ڪندا آهيون ته ڪاٿي هُو هستيون ڪاٿي اسن گنهگار ۽ آهيون جنت جا طلبگار اُتي اسان جو اهو نظريو ناهي هوندو ته ڪاٿي هو هستيون هو هستيون جنت ۾ هونديون اسان انهن سان کڏ نه رهي سگهنداسين پر اُتي اسان چوندا آهيون جاتي هو اُتي اسان يعني عمل جي معاملي ڪاٿي هو ته ڪاٿي اسان ۽ جنت جي معاملي ۾ جاتي هو اُتي اسان سائين اڄ به گڏھ کي ڏسند۽ ته اوهان کا نظر ايندو ته هڪ بئي کي گردن گردن سان ملائي خارش ڪندا آهم سالڪن جو چوڻ آهي ته انهن گڏهن کي خارش جي عادت هوندي آهي هڪ ٻئي کي چوندا آهن تون مون کي خارش ڪر مان تو کي خارش ڪريان پوءِ هاڻي سڄڻناسان جي مرضي آهي ان کي لطيفو سمجهون يا گڏهن جي هن عادت مان پاڻ لاءِ نصيحيت وٺون۔
    وسلام
    [/justify]
     
  13. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي

    فقير سائين ۽ ادا عُرس پريو۔۔ عجب واري ڳالهه هي هئي ته ڀلائي جي بدلي ڀلائي ڪرڻ گڏهن جو ڪم آهي۔۔۔ اصل نقطو اهو هو۔۔ ان تي ڳالهائڻ‌گهرجي۔۔ باقي اونئن ته بحث ان رٻڙ وانگر آهي جنهن کي ڪيترو به ڇڪجي ڇڪجندو ويندو۔۔

     
  14. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي


    سائين جي مقصد تي گفتگو ناهي ته اسان هار کڌي سهڻل ۔
    وسلام
     
  15. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي


    ادا ڏاڏل اوهان جو فلسلفو اسا کا الاء ڇو سمجه نٿو لڳي ۔ ادا مون اوهان کي گڏه جي مثال به ان ڪري ڏني ته مان گڏه کي گاه به ڏيندو آهيان پاڻي به ڏيندو آهيان ان جو سردي گرما ۾ به خيال رکندو آهيان ان سان ايتري ڀلائي ڪندوآهيان پر جي گڏه کي وارو ملندو آهي ته مون کي اهڙي جو لت هڻڻدو آهي جو اصل جهوني جا ته آنڊآ وري ايندا آهين ۔ مون سان ته گه ڪڏنهن ڀلائي جي بدلا ۾ ڀلائي ناهي ڪئي پوء واهنا ڪهڙي گڏه جي ڳاله ٿا ڪيو جيڪو ڀلائي جي بدلي ۾ ڀلائي ڪندو هجي حالانڪه اوهان پاڻ لکيو آهي ته جانور برائي جي بدلي برائي ڪندا آهين ۔ ته پوء ڇا گڏه جانور نه آهي ڇا جو اهو برائي جي بدلي برائي ڪرڻ جي هو ڀلائي جي بدلي بلائي ڪندو آهي ادا اهو ڪهڙو گڏه آهي ؟؟؟ :)):)):))
     
  16. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي

    [justify]ڏاڏل جي مٿي ڏنل ليک ۾ اختلافي يا بحث جي قابل جيڪي جملا بڻيا آهن، اهي مون مٿي حوالي طور ڏنا آهن ۔۔۔

    مٿين جملن کي غور سان پڙهبو ته اها ڳالهه واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته انسان جو رتبو تمام مٿاهون آهي، جيڪڏهن هو پاڻکي انسان سمجهي يا انسان جي رتبي تائين پاڻ کي وٺي اچي ۔۔۔

    ۽ اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڳالهه پڻ ڪيل آهي ته چڱائيءَ جي بدلي چڱائي ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي، ۽ باقي برائيءَ جي بدلي برائي ڪرڻ به ڪتي جو ڪم مطلب فطرتي آهي جانور کي ايذاءُ ڏبو ته هو به ان جي بدلي ۾ ايذاءَ ڏيندو پر جيڪو چڱائيءَ جي بدلي ۾ برائي ڪري اهو وحشي پڻو سڏرائبو۔۔۔۔

    هاڻ انهن ڳالهين ذريعي اها ڳالهه سمجهائي وئي آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهون اوهان سان برائي ڪري ته اوهان ان سان چڱائي ڪريو ۔۔۔

    هڪ ڏاهي بزرگ هڪ وڇونءَ کي پاڻي مان ٻاهر ٿي ڪڍيو ته جئين سندس حياتي بچائي ۔۔۔ جيئن هو بزرگ هٿ ويجهو ڪري ته وڇون کيس ڏنگڻ جي ٿي ڪئي ۔۔۔ هڪ ساٿيءَ اهو لقاءُ بيٺي ڏٺو تنهن ان بزرگ کي چيو سائين اوهان به عجيب ڪم پيا ڪريو هو اوهانکي ڏنگي پيو ۽ اوهين کيس جان بچائڻ جا جتن پيا ڪريو ۔۔۔

    بزرگ جواب ڏنو؛ محترم دوست، هن ننڍڙي جانور جي فطرت آهي ڏنگڻ ۽ منهنجي فطرت آهي بچائڻ هو پنهنجي فطرت پيو ڏيکاري آءُ پنهنجي فطرت پيو ڏيکاريان ۔۔۔

    سو جيڪڏهن هروڀرو جي بحث مان ٻاهر نڪرجي ته ڳالهه بلڪل درست ٿيل آهي ته چڱن سان چڱايون ته هرڪو ڪري پر اصل چڱائي آهي برن سان يا ڀٽڪيل ماڻهن سان چڱائي ڪرڻ ۔۔۔

    اهي اسان عام ماڻهن جي سمجهه کان ڳالهيون چڙهيل آهن ۔۔۔ اهي گڻ بزرگن جا ڏاهن جا يا الله جي دوستن جا ٿيندا اهن ۔۔۔ اسين اهڙا گڻ ڌاري نٿا سگهون

    حضرت عيسي جهڙي دل پاڻ وٽ ٿي نٿي سگهي جو جيڪڏهن ڪو ماڻهون ٿڦ وهائي ڪڍي ته اسين کيس ٻيو ڳٽو به ڀرسان ڪريون ۔۔۔

    اسين ته سر جو جواب پٿر سان ڏيڻ جا عادي آهيون ۔۔۔ سو ادا ڏاڏل اوهان اڄ جي انسان جي سمجه کان چڙهيل ڳالهيون ڪري دوستن کي منجهايو نه ۔۔۔

    باقي هن ڳالهه ۾ سخت جملو لکيل آهي ته چڱائيءَ جي بدلي چڱائي گڏهه ڪندا آهن ۔۔۔ انڪري مونجهارو ٿيو آهي ۔۔۔ گڏهه ته ويچارو برائيءَ جي بدلي به چڱائي ڪندو آهي ۔۔۔ لٺيون کائي به مالڪ جو بار ڍوئيندو آهي ۔۔۔ گڏهه ڪو عام جانور ناهي، بس انسان ناشڪرو آهي جو الله جي نعمتن کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ جي ناڪمياب ڪوشش ڪندو آهي ۔۔۔

    تازو اسانجو دوست سنڌ گهمڻ آيو هو ته هڪ ڦوٽو نظر آيو ۔۔۔ دوست گڏهه جي مٿان پر ڪو اهڙو ڦوٽو نظر نه آيو جنهن ۾ گڏهه مٿان هجي ۽ دوست هيٺان ۔۔۔ (ڀوڳن ۾)

    باقي ته هر انسان جي سوچ جو محور الڳ هوندو آهي، حالتون الڳ هونديون آهن، انڪري اختلاف راءِ ٿيندا رهندا آهن ۽ ٿيندا رهندا ۔۔۔

    بس دعا آهي ته رب العالمين اسانجي علم ۾ واڌارو ڪندو رهي ۔۔۔ آمين
    [/justify]
     
  17. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي

    ادا گڏه کي اوهان گاھ به ڏيندا آهيو سردي گرمي ۾ خيال به رکندا آهيو پر اها به حقيقت آهي ته گڏھ اوهانجو بار سردي توڙي گرمي ۾ کڻندو آهي پر جڏهن اوهان هن کي لٺ هڻيندا آهيو ته ان وقت هڪ ته اوهان ان جي پٺيان بيٺل هوندا آهيو هڪ ته اوهان اهو خيال رکو ته جڏهن اوهان ان کي لٺ هڻو ته ان جي پهچ کان پري رهو ٻيو ته جڏهن توهان ان کي منزل تي پهچائڻ لاء هڻندا هوندؤته هو تيز هلندي خير اتري مذاق جي ته شايد اجازت هوندي
    هاڻي پنهنجي مقصد تي ايندي عرض ڪريان ٿو ته سائين مون پهريان به عرض ڪيو آهي ته گڏھ جي مثال هئي ته ڀلائي جي بدلي ڀلائي ڪندو آهي ڀلا جي هاڻي هنن لفظن کي ٿورو اڳتي پوئتي ڪري چوان ته چڱائي ج بدلي چڱائي ته گڏھ به ڪندو آهي ، برائي جي بدلي برائي ڪتو ڪندو آهي ڀلائي جي بدلي برائي وحشين جو ڪم آهي پر الله جي مخلوق انسان اها هستي آهي جا برائي جي بدلي ڀلائي ڪند ي آهي ته شايد پنهجي مقصد کي کولڻ ۾ آساني ٿي پوي ۔
    وسلام
     
  18. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي

    سائين لک لائق شايد هاڻي ڪو هن ڳالھ‌ڏي اوهان جي مداخلت جي بعد سمجهي۔ الله اوهانجي ڇانَوَ اسان ي مٿان قيامت تائين قائم و دائم رکي آمين
    وسلام
     
  19. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي


    سائين هتي به لکي عيسي پڙهي خدا واري ڳاله آ باقي اسان جي سمجه کان ٻاهر ڳاله آ ته نيڪي جي بدلي نيڪي ڪرڻ گڏهن جو ڪم آهي ۔۔۔ اهو فلسفو اوهان ڏاڏل کان سمجهو آهي اسان به ڪوشس ڪيون ٿا سمجهڻ جي ۔۔۔۔ هاڻي جيڪو به اسان سان نيڪي جي بدلي نيڪي ڪندو اسان به ان کي گڏه سڏيندا سي پوء جيڪي پنج رپيا بچيا۔۔۔۔
     
  20. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي

    [justify]ها ها ها ها ها ها ها ۔۔۔ هل ڙي علي ۔۔۔ اڄ ته اسان سان به عاشق واري ڪار ٿي آهي ۔۔۔ مطلب کلي کلي اکين ۾ سور پئجي ويو اهي ۔۔۔ باَقي پاڻ هاڻ چڱائي ڪرڻ ڇڏي ابا ۔۔۔ خاص ڪري اوهان سان، ڇاڪاڻ ته اوهان چڱائي ڪندا ته اسان به چڱائي ڪنداسون ۔۔۔ انڪري لقب ملندو ۔۔۔۔؟

    انڪري هاڻ جيڪڏهن اوهان برائي ڪندا ته چڱائي ڪنداسون ۔۔۔ بس پوءِ خئير آهي ۔۔۔

    چوڻ لا ته گهڻو ڪجهه آهي ۔۔۔ پر ڳالهه کي مختصر ڪندي ته مونکي قرآن شريف جو قصو ياد ٿو اچي حضرت خضر رحمت الله عيله جو ؛ جو جڏهن حضرت موسا عليه السلام جهڙو الله جو پيارو نبي ساڻس گڏ هو ته هن هڪ ڇوڪري کي ڌڪ هڻي ماري وڌو هو ۔۔۔ اها ڳالهه به حضرت موسا عليه السلام کي سمجهه ۾ نه آئي هئي ۽ منع هجڻ جي باوجود سوال ڪري ويٺو۔

    ور جنهن ٻيڙي ۾ سوار هئا ان ۾ به حضرت خضر، سوراخ ڪري وڌو ته اها ڳالهه به الله جي نبي کي سمجهه ۾ نه آئي ۽ منع ڪرڻ جي باوجود به سوال ڪري ويٺو ۔۔۔

    اهڙي نموني منهنجا پيارا دوست ڪڏهن ڪڏهن سياڻا يا ڏاها ڪجهه اهڙيون ڳالهيون به ڪري ويندا آهن جيڪي اسانجي سمجهه کان چڙهيل هونديون اهن ۔۔۔

    باقي بيشڪ اها ڳالهه حضم ڪرڻ جهڙي ناهي ته چڱائي جي بدلي چڱائي ڪرڻ واري کي گڏهه چئجي ۔۔۔؟ ڀلا جنهنجي فطرت ۾ ئي چڱائي هوندي ته اهو هر حال ۾ چڱائي ڪندو انڪري ڪنهن چڱي انسان کي گڏهه چوڻ به عقل ۽ فهم جي خلاف آهي ۔۔۔ ۽ ان سبب ئي اوهان به اٽڪي پيا آهيو ۔۔۔ برائي ۾ چڱائي ڪجي يا چڱائي ۾ ۔۔۔چڱائي ته چڱائي آهي انکي سٺن لفظن سان ياد ڪجي ۔۔۔
    چڱا ڪـــــن چڱايــــون، مــــــــدايون مندن،
    جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن۔

    پر ڏاڏل جي ليک ۾ اشارو ان ماڻهون طرف آهي جيڪو صرف چڱائي جي بدلي چڱائي ڪري ٿو ۔۔۔ باقي پنهنجي فطرت چڱائي نه اٿس ۔۔۔ جڏهن فطرت ۾ چڱائي نه هوندي ته پو ماڻهون صرف بدلي ۾ ڪجهه ڏيندو، پر پنهنجي سخاوت نه ڪندو آهي۔

    لوڀ ۽ خوف ۾ چڱائي ڪرڻ بظاهر ته چڱائي ئي آهي ۔۔۔ پر اصل ۾ واپار هوندو آهي ۔۔۔

    لطيف سرڪار جو هڪ بيت آهي؛

    ڪنڌيءَ اڀيـــون ڪيتريـــون، ساهڙ ساهــــڙ ڪـن،
    ڪني سانگو سر جو، ڪي گهوريس ڪيو گهرن،
    ســــــاهڙ سنــــدو تن، گهــا گهـــائـــي گهـــــرن جــــي۔

    جهڙيءَ ريت مٿي بيت ۾ لطيف سرڪار قربانيءَ جا درجا ٻڌايا آهن، ساڳيءَ طرح چڱائيءَ جا به درجا آهن ۔۔۔ سڀ کان اتم چڱائي آهي برن کي سنوارڻ ۔۔۔ يا ڀٽڪيل کي رستو ڏيکارڻ ۔۔۔

    اوهان ناراض نه ٿيو، رنگيءَ جا رنگ ڏسو ۽ ڏاڏل جا ليک پڙهو ۔۔۔ سٺن فقيرن جي صدا ته اوهان ٻڌي هوندي؛

    ” جيڪو ڏي انجو به ڀلو جيڪو نه ڏي انجو به ڀلو“

    رب العالمين اوهانکي ۽ ڏاڏل کي پنهنجي رحمت جي ڇانوَ ۾ رکي ۔۔۔ آمين
    [/justify]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو