رحيم بخش
ايڊيٽر
جواب: ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي
سائين قبلا اوهان جي مهرباني جو اوهان دوستن کي سمجهائڻ لاء بهترين ڪوششون ڪندا رهندا آهيو
ليڪن جيڪڏهن ڪا خطا هجي ته ان کي تسليم ڪرڻ ۽ سلجهائڻ ۾ حرج يا عيب نه آهي اوهان جي تحرير ۾ ٿورڙي خطا مون کي نظر آئي ان کي اگر مان درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان ته بهتر ليڪن اگر تنقيد برائي تنقيد جي خيال سان ڪيان ته پوء بهتر نه آهي انڪري پهريان عرض اوهان جي تحرير لاء ته اوهان کان شايد جلدي ۾ حضرت موسى عليه السلام جي جاء تي حضرت عيسى جو نالو لکجي ويو آهي .
ادا ڏاڏل جي تحرير لاء ادا علي علي جڏهن قرآن شريف جو حوالو ڏنو ته
[font="al_mushaf"]هَلْ جَزَاءُ الْإِحْسَانِ إِلَّا الْإِحْسَانُ [/font]
رحمٰن 60
يعني ڀلائي جي عيوض ڀلائي ڪرڻ ته ڀلو عمل آهي پوء ائين چوڻ درست نه آهي ته
چڱائي جي بدلي چڱائي ڪرڻ گڏهن جو ڪم آهي ،
ان ڪري قرآن جي مقابلي ۾ ٻئي ڪنهن به بزرگ يا پنهنجي عقل کي پيش نه ٿو ڪري سگهجي.
اوهان جي معلومات ۾ اها ڳالهه به هوندي ته برائي جي عوض ايتري برائي ڪرڻ واري کي به انسان ئي چئبو ڇو ته الله تعالى قرآن پاڪ ۾ اها اجازت انسان کي ڏني آهي جيڪڏهن الله تعالى اجازت ڏئي ته پوء ٻيو ڪير آهي جيڪو ان لاء ان کي غلط قرار ڏئي
[font="al_mushaf"]فَمَنِ اعْتَدَى عَلَيْكُمْ فَاعْتَدُوا عَلَيْهِ بِمِثْلِ مَا اعْتَدَى عَلَيْكُمْ [/font]
پوء جيڪو توهان تي زيادتي ڪري پوء ان تي اوتري زيادتي ڪريو جيتري ان ڪئي
البقره 194
[font="al_mushaf"]وَكَتَبْنَا عَلَيْهِمْ فِيهَا أَنَّ النَّفْسَ بِالنَّفْسِ وَالْعَيْنَ بِالْعَيْنِ وَالْأَنْفَ بِالْأَنْفِ وَالْأُذُنَ بِالْأُذُنِ وَالسِّنَّ بِالسِّنِّ وَالْجُرُوحَ قِصَاصٌ فَمَنْ تَصَدَّقَ بِهِ فَهُوَ كَفَّارَةٌ لَهُ وَمَنْ لَمْ يَحْكُمْ بِمَا أَنْزَلَ اللَّهُ فَأُولَئِكَ هُمُ الظَّالِمُونَ[/font]
المائده 45
جان جي عيوض جان اک جي عيوض اک نڪ جي عيوض نڪ ڪن جي عيوض ڪن ....
هنن آيتن ۾ قرآن برائي جي عيوض برائي ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي هاڻي قرآن جنهن ڪم جي اجازت ڏئي ته ان ڪم ڪرڻ سان انسان انسان ئي رهندو ها باقي معاف ڪري ته ڪري سگهي ٿو ليڪن قرآن جي مطالعي سان پتو پوي ٿو هر هنڌ انتقام يا هر هنڌ معاف ڪرڻ نه آهي مڪي جي ڪافرن سان محبوب جون جنگيون به ٿيون ته مڪي جي فتح وقت وري پاڻ ڪريمن عام معافي جو اعلان ڪري انتقام کي درگذر به فرمايو پوء جتي سمجهجي ته معاف ڪرڻ سان بهتر نتيجو نڪرندو ته اتي معاف ڪجي يعني برائي جو بدلو برائي سان نه ڏجي ورنه برائي جي عيوض ۾ برائي ڏيڻ ۾ ڪا قباحت ڪانهي جئين ڪنهنجو ڏند ڀڃڻ برائي آهي ته قرآن چوي ٿو ته توهان به انجو ڏند ڀڃو چوري ڪرڻ برائي آهي ته هٿ ڪٽڻ به ان سان ڀلائي نه آهي.
کوڙ سارا مثال ملي سگهن ٿا.
ان ڪري اهو جملو به درست نه آهي ته
برائي جي بدلي برائي ڪرڻ ڪتن جو ڪم آهي ،
بهرحال ان کي تنقيد نه ليڪن اصلاح سمجهيو وڃي جو قرآن اڳيان پنهنجي عقل جا هٿيار ڦٽا ڪرڻ گهرجن باقي ادا ڏاڏل پنهنجي استاد جي احترام ڪندي چيو ته استاد غلط ڳالهه نه ٿو ٻڌائي سگهي نه ته استاد استادئي نه آهي ان لاء عرض ته استاد به انسان آهي . انسان لاء عام چوڻي آهي ته
الانسان مرڪب من الخطاء والنسيان.
سو جيڪڏهن استاد کان خطا ٿئي ته اگرچه ان کي سامهون چوڻ بي ادبي ۾ شمار آهي ليڪن غلطي هجي ته ان کي غلطي سمجهڻ ۾ بي ادبي نه آهي.
وڌيڪ هر ڪو راز جو راڻو آهي.
ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي
ننڍا هوندا ها سين ته اسانجي استاد اخلاقيات تي اسلاميات جي پيرڊ ۾ ليڪچر ڏنو هو جيڪو مونکي اڄ تائين ياد آهي ، ان چيو هو ته
چڱائي جي بدلي چڱائي ڪرڻ گڏهن جو ڪم آهي ،
برائي جي بدلي برائي ڪرڻ ڪتن جو ڪم آهي ،
ڀلائي جي بدلي برائي ڪرڻ وحشين جو ڪم آهي ،
۽ برائي جي بدلي ڀلائي ڪرڻ انسانن جو ڪم آهي .
ها ها ها ها ها ها ها ۔۔۔ هل ڙي علي ۔۔۔ اڄ ته اسان سان به عاشق واري ڪار ٿي آهي ۔۔۔ مطلب کلي کلي اکين ۾ سور پئجي ويو اهي ۔۔۔ باَقي پاڻ هاڻ چڱائي ڪرڻ ڇڏي ابا ۔۔۔ خاص ڪري اوهان سان، ڇاڪاڻ ته اوهان چڱائي ڪندا ته اسان به چڱائي ڪنداسون ۔۔۔ انڪري لقب ملندو ۔۔۔۔؟
انڪري هاڻ جيڪڏهن اوهان برائي ڪندا ته چڱائي ڪنداسون ۔۔۔ بس پوءِ خئير آهي ۔۔۔
چوڻ لا ته گهڻو ڪجهه آهي ۔۔۔ پر ڳالهه کي مختصر ڪندي ته مونکي قرآن شريف جو قصو ياد ٿو اچي حضرت خضر رحمت الله عيله جو ؛ جو جڏهن حضرت عيسى عليه السلام جهڙو الله جو پيارو نبي ساڻس گڏ هو ته هن هڪ ڇوڪري کي ڌڪ هڻي ماري وڌو هو ۔۔۔ اها ڳالهه به حضرت عيسا عليه السلام کي سمجهه ۾ نه آئي هئي ۽ منع هجڻ جي باوجود سوال ڪري ويٺو۔
ور جنهن ٻيڙي ۾ سوار هئا ان ۾ به حضرت خضر، سوراخ ڪري وڌو ته اها ڳالهه به الله جي نبي کي سمجهه ۾ نه آئي ۽ منع ڪرڻ جي باوجود به سوال ڪري ويٺو ۔۔۔
اهڙي نموني منهنجا پيارا دوست ڪڏهن ڪڏهن سياڻا يا ڏاها ڪجهه اهڙيون ڳالهيون به ڪري ويندا آهن جيڪي اسانجي سمجهه کان چڙهيل هونديون اهن ۔۔۔
باقي بيشڪ اها ڳالهه حضم ڪرڻ جهڙي ناهي ته چڱائي جي بدلي چڱائي ڪرڻ واري کي گڏهه چئجي ۔۔۔؟ ڀلا جنهنجي فطرت ۾ ئي چڱائي هوندي ته اهو هر حال ۾ چڱائي ڪندو انڪري ڪنهن چڱي انسان کي گڏهه چوڻ به عقل ۽ فهم جي خلاف آهي ۔۔۔ ۽ ان سبب ئي اوهان به اٽڪي پيا آهيو ۔۔۔ برائي ۾ چڱائي ڪجي يا چڱائي ۾ ۔۔۔چڱائي ته چڱائي آهي انکي سٺن لفظن سان ياد ڪجي ۔۔۔
چڱا ڪـــــن چڱايــــون، مــــــــدايون مندن،
جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن۔
پر ڏاڏل جي ليک ۾ اشارو ان ماڻهون طرف آهي جيڪو صرف چڱائي جي بدلي چڱائي ڪري ٿو ۔۔۔ باقي پنهنجي فطرت چڱائي نه اٿس ۔۔۔ جڏهن فطرت ۾ چڱائي نه هوندي ته پو ماڻهون صرف بدلي ۾ ڪجهه ڏيندو، پر پنهنجي سخاوت نه ڪندو آهي۔
لوڀ ۽ خوف ۾ چڱائي ڪرڻ بظاهر ته چڱائي ئي آهي ۔۔۔ پر اصل ۾ واپار هوندو آهي ۔۔۔
لطيف سرڪار جو هڪ بيت آهي؛
ڪنڌيءَ اڀيـــون ڪيتريـــون، ساهڙ ساهــــڙ ڪـن،
ڪني سانگو سر جو، ڪي گهوريس ڪيو گهرن،
ســــــاهڙ سنــــدو تن، گهــا گهـــائـــي گهـــــرن جــــي۔
جهڙيءَ ريت مٿي بيت ۾ لطيف سرڪار قربانيءَ جا درجا ٻڌايا آهن، ساڳيءَ طرح چڱائيءَ جا به درجا آهن ۔۔۔ سڀ کان اتم چڱائي آهي برن کي سنوارڻ ۔۔۔ يا ڀٽڪيل کي رستو ڏيکارڻ ۔۔۔
اوهان ناراض نه ٿيو، رنگيءَ جا رنگ ڏسو ۽ ڏاڏل جا ليک پڙهو ۔۔۔ سٺن فقيرن جي صدا ته اوهان ٻڌي هوندي؛
” جيڪو ڏي انجو به ڀلو جيڪو نه ڏي انجو به ڀلو“
رب العالمين اوهانکي ۽ ڏاڏل کي پنهنجي رحمت جي ڇانوَ ۾ رکي ۔۔۔ آمين