ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
ڀلائي جي اميد بيوقوفي آهي
منهنجو هي موضوع اڄوڪي هر وائي وات واري موضوع جو سلسلو آهي هاڻي تازي عرب ملڪن ۾ آيل انقلابي ٻوڏ تخت جي تاجدارن سان جيڪو حال ڪيو آهي سو ڪنهنکان لڪل ڇپيل ناهي ، هر ڳوٺ هر شهر توڙي گهر ۾ زيرِ بحث موضوع آهي . سوچڻ جي ڳالھ اها آهي جيڪو هن وقت ليبيا ۾ سمنڊ اٿليل آهي ان جا دروازا ڪٿان ٽٽا۔ معمر قذافي جي قوم جا هن جي هڪ اشاري تي جان فدا ڪرڻ لاءِ تيار رهندي هئي اها قوم اڄ هن جي جاني دشمن ڪيئن ٿي، اهي دشمن ڇو ٿيا جن ماڻهن هن جي ان وقت هر اها ڳالھ مڃي جڏهن هن ملڪ تي ٽن ڏهاين کان به وڌيڪ عرصي تائين پابنديون لڳل رهيون تهبه ليبيا جي اڳواڻ معمر قذافي جي هر حڪم تي سندس عوام گڏ رهيو. جڏهن قذافي ست سال کن پهريان پنهنجو رستو مٽايو ۽ آمريڪا سان ياري رکي پنهنجي سڄي ائٽمي پروگرام کي رول بيڪ ڪري راتو واھ سڄا ائٽمي پلانٽ آمريڪا جي حوالي ڪري ڇڏيائين . هن آمريڪا جي حڪم تي پنهنجي محسن ملڪ جنهن ۾ هن جي مقبوليت عام هئي ان تي سلطاني گواه بڻجي بيهي رهيو پاڪستان جي مٿان سلطاني گواھي ڏني ته اٽمي پلانٽ اسان کي پاڪستان ڏنو آهي معمر قذافي جي پٽ صيف السلام پنهنجي انٽرويو ۾ اها ڳالھ چئي ته اسان کي هي سڄو ائٽمي مواد پاڪستان ڏنو آهي۔ انکان پوءِ اسان سان جيڪو حشر ٿيو ته اسان به ان جا حقدار ته پهريان ئي هياسين ڇو جو آمريڪا جي ياري ئي ته هڪ وڏو جرم آهي ۽ سندس ياري جي قيامت بي وفائي ئي آهي ۽ اسان تي پابنديون لڳيون ڊاڪٽر قدير جيڪو اسانجو هيرو هو اسان ان کي نه چاهيندي به قرباني جو ٻڪرو ڪري پيش ڪري ڇڏيو . ته مون لکيو پئي جيسيتائين ليبيا جو ويڙهاڪ صدر آمريڪا جي ياري کان پري رهيو تيسيتائين هن توڙي هن جي اقتدار کي ڪو خطرو لاحق نه هو جيئين ئي هن آمريڪا سان ريڪنسليشن جو نعرو بلند ڪيو ته هن جي عوام شايد انهن پابندين ۾ خودار ٿي چڪي هئي هن جي مخالفت شروع ڪري ڇڏي. اڄ معمر قذافي برملا چوندو نظر ٿو اچي ته اسانجي ملڪ جا حالات آمريڪا جي مرحون ِ منت آهن .ته سهڻل هن جي مرحونِ منت ڇو نه هجن هن توکي پنهنجي دام ۾ فاسائڻ لاءِ ڪيتري محنت ڪئي آهي ۽ تون آخر ان جي دام ۾ اچي وئين هاڻي اها تباهي تنهنجو مقدر آهي شايد تون پاڪستاني پير به ناهين جو غلط يا صحيح تو کي پوڄيو وڃي بحرحال هي نتيجو تنهنجي ان عمل جو ئي آهي جو تو آمريڪا سان قربت ڪئي شڪر آهي اها ڳالڳ تو کي سمجھ ۾ آئي آهي جي تو عبرت حاصل ڪرين ها ته اڄ اهي ڏينهن نه ڏسين ها۔ حضرت علي عه جو فرمان آهي ته دنيا ۾ مقامِ عبرت گهڻا آهن پر عبرت حاصل ڪرڻ واريون اکيون تمام ٿورڙيون آهن. ڇا اسان جي عبرت لاءِعراق و افغانستان جون تلخ يادون ٿوريون آهن جن هن جو ساٿ ڏنو تن کي هن ڪم ڪڍي مات ڏني .
ننڍا هوندا ها سين ته اسانجي استاد اخلاقيات تي اسلاميات جي پيرڊ ۾ ليڪچر ڏنو هو جيڪو مونکي اڄ تائين ياد آهي ، ان چيو هو ته چڱائي جي بدلي چڱائي ڪرڻ گڏهن جو ڪم آهي ، برائي جي بدلي برائي ڪرڻ ڪتن جو ڪم آهي ، ڀلائي جي بدلي برائي ڪرڻ وحشين جو ڪم آهي ،۽ برائي جي بدلي ڀلائي ڪرڻ انسانن جو ڪم آهي . پوءِ ان مثال جي هر هڪ موضوع تي مثالون ڏنيون هيون پر هتي اختصار کان ڪم وٺندي ۽ پنهنجي موضوع کي ڏسندي فقط هڪ مثال ته چڱائي جي بدلي برائي ڪرڻ وحشين جو ڪم آهي کي زير بحث ڪندي دهرايان ٿو ته ، ڪنهن ڍنڍ جي ڪناري تي هڪڙي نانگ ڪڇون کي چيو ادا ڪڇون هڪ مهرباني ڪر مونکي هِن پار کان هُن پار تائين پهچاء ته سهي ، نانگ کي ڪڇون چيو ٺيڪ آهي تون منهنجي پٺي تي ويھ ته آءُ تو کي هُن پار کڻي ٿو هلان نانگ ڪڇون جي پٺي تي سوار ٿيو جنهن وقت ڪڇون وچ ڍنڍ ۾ پهتو ته ڪڇون کي محسوس ٿيو ته نانگ مونکي ڏنگي ٿو، ڪچون نانگ کي چيو اڙي هي ڇا ٿو ڪرين؟ نانگ چيو ادا بس عادت آهي، ڪڇون به هنئين ٽٻي نانگ چيو يار ائين نه ڪر، ڪڇون وراڻيو يار ڇا ڪيون اسان جي مجبوري آهي اسان جي به عادت آهي پاڻي ۾ ٽٻي هڻن .
سو سائين مون عرض ٿي ڪيو ته هن وقت جي خردجال سان ياري رکڻ پاڻ سان ظلم ڪرڻ آهي . مون هاڻي هاڻي گفتارِ دلنشين ۾ امام جعفر صادق عه جو قول ٿي پڙهيو ته ٽن ماڻهن کان بچجو، هڪ خائن ٻيو ظالم ۽ ٽيون چغلخور ڇو جو جيڪو اڄ تنهنجي لاءِ ڪنهن تي ظلم ڪري ٿو سڀاڻي ڪنهن ٻئي لاءِ تو تي ظلم ڪندو ، جيڪو تنهنجي لاءِ اڄ ڪنهن ٻئي سان خيانت ٿو ڪري سو سڀاڻي ڪنهن جي لاءِ تو سان خيانت ڪندو ۽ جيڪو ڪنهنجي چغلي توسان کائي ٿو سو سڀاڻي ڪنهن ٻئي سان تنهنجي چغلي ضرور کائيندو. هاني اوهان پوري دنيا ۾ ڏسو هر طقتور ڪمزور جو ڪيئن استعمال ڪيو آهي ۔ اها فطترت آهي ته طاقت ايندي ئي تڏهن اهي جڏهن ڪنهن طاقتور سان ٽڪرائبو آهي ۔طاقت ان جاءِ تي ايندي آهي جتي ان جو استعمال هوندو آهي هاڻي اسان توڙي ٻين جو پنهنجي مقصد لاءِ آمريڪا ڪيئن استعمال ڪيو آهي . اڳي مون ڪنهن اُردو اخبار ۾ ڪنهنجو ڪالم پڙهيو هو ته هڪ هاري جنهن جي فصل تمام بهترين ٿيندي هئي ان کي هڪڙي سال خيال آيو ته جي مان پنهنجي زمين ۾ ڦوهارو ڪيان ته شايد هي منهنجي فصل( جيڪا پاڻي ۾ ٿيندي هئي ) بهتر ٿئي ڇو جو هن ڏٺو ته پاڻي جي تھ ۾ ڪجھ جيت هيا جيڪي فصل کي کائيندا ها سو هن ان پاڻي ۾ زهريلي دوا هاري ڇڏي . اڳيئين سال هن جي فصل سالانه فصل جي چوٿي حصي جيتري به نه ٿي ته هن فصلن جي ماهرِجي کان پڇا ڪئي ته سائين اڳي ته منهنجو فصل تمام بهترين ٿيندو هو پر هن سال منهنجو فصل بلڪل نه هئڻ جي برابر ٿيو آهي . ان ماهر هن کان پڇيو تو ڪا پنهنجي فصل جي ڪاشت ۾ غير معمولي تبديلي ته ناهي ڪئي ، هن چيو سائين جيڪي پاڻي ۾ جيت هوند ا ها انهن کي مارڻ لاءِ مون زهريل دوا پاڻي ۾ ملائي هئي سو اهي تمام جيت به مري ويا پر فصل سُٺي ناهي ٿي ته ان ماهر کلي چيو سڄڻ فصل ڪٿان ٿيندي هاري چيو سائين ڇو ماهر وراڻيو ته تو جيڪي جيت پاڻي ۾ موجود هوندا ها سي تو زهريلي دوا ڏئي ماريا آهن اهي جيت الله جي طرفان نقصان نه پر فائدي رسائڻ وارا جيت هيا اهي جيت انهن جيتن کي ماريندا ها جيڪي جيت تنهنجي فصل کي تباھ ڪرڻ چاهيندا ها سو اهي جيت مري ويا هاڻي نقصان ڪار جيتن جو رستو روڪڻ وارو ڪو آهي ڪو نه سوان لاءِ نقصانڪار جيت تنهنجي فصل ۾دندنائيندا ٿا ڦرن. سو روس آمريڪا لاءِ اهو جيت هو جنهنجي جي موجودگي ۾ آمريڪا کي پنهنجي هم پله جو خيال هوندو هو اهو اسان مسلمانن کان جهاد جي نالي تي هن مارائي ڇڏيو هاڻي هي آمريڪن سنڍي جنهن کي ٿي چاهي تنهن کي ٿي تباھ ڪري ڇو جو هن جي رستي تي ڪو ٻيو آهي ئي نه جيڪو هن کي روڪي۔ دشمن جي دشمن جي طاقت کي ختم ناهي ڪبو ان جي طاقت کي هٿي ڏبي اهي ته جيئن هو بلڪل آزاد ٿي ڪري حملو نه ڪري .
سائين هن جي ماکي ۾ لازمي زهر مليل هوندو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ته هو پنهنجي مطلب بنان هٿ ڏين جتي هنن جو مطلب هوندو اتي ئي هي مهربان نظر ايندا پوءِ جي هنن يا اسان هنن جي محبت يا صحبت يا لالچ ۾ اچي ڪنهن تي ظلم ڪيو آهي ته ڇا ٿا سمجهون، اسان ان جي ڪنهن منزل ۾ رڪاوٽ بڻجي سامهون ايندا سين ته هواسان کي معاف ڪندا نه سائين سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ته هو اسان کي ڇڏي هي هيئنر تائين جيڪو هن ملڪ جو وجود آهي يا هن جي وجود سان جيڪو برتاءُ ڪيون ٿو اچي پيو ان جي پٺيان هن جو مجبوريون آهن نه ته هي هن محل تائين شايد افغانستان و عراق کان پهريان اسان کي ٽارگيٽ بڻائي ها . سچ هميشه سچ هوندو آهي ۽ انهن سچن جو تعليمات .و.قت گذرڻ سان گڏ اسان جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهن پر اسان جي حالت ته ان ڪبوتر جيان آهي جيڪو ٻلي کي پنهنجي ويجهو ايندي ڏسي اکيون بند ڪري ڇڏيندو آهي ته ٻلي هن کي ناهي ڏٺو جي اڄ به اسان جي حڪمرانن جي آمريڪا نوازي جي پاليسي کي ترڪ نه ڪندا ته قريب آهي هو هنن کي ڳڙڪائي ويندو . هنن پنهنجي خوداري کي ته ختم ئي ڪري ڇڏيو آهي پر اسان ڏسندا آهيون ته ڪنهن جانور تي جي ان کان وڏو جانور به حملا آور ٿيندو آهي ته اهو جانور گهٽ ۾ گهٽ پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي اسان ته انهن جي هر ظلم کي پنهنجو ناءُ ڏئي چڪا آهيون جا جنگ هن شروع ڪئي هئي ان جنگ کي پنهنجي پاند ۾ پائي چڪا آهيون . اسان کي هن جي ڪنهن به نوازش تي فريفتا نه ٿيئڻ گهرجي هي حڪمران جن جي درن تان حقدارن کي حق نه ٿو ملي تن جو آقا انهن تي اگر احسان ٿو ڪري ته هن جا مفادات هنن کان وڏا هوندا . جي هي نه ٿا جاڳن ته اسان عوام کي جاڳڻ گهرجي جي نه ته هي اسان جي عزتن جا واپاري آهن هنن اسان جي عزتن جو واپار اسان جي مرضي کان بنان ڪري ڇڏيو آهي بس هي جنهن جي جهولي ۾ ويٺا آهن اهو ڪير آهي اهو اسان کي علم ۾ هجڻ گهرجي .بس ان کان ڀلائي جي اميد بيوقوفي ئي آهي۔
وسلام