پنهنجن ٻارڙن لا ٽيوشن وٺو! اچو ته هنن سيلف ميڊ شاگردن جا ٻانهن ٻيلي ٿي کين اڳتي وڌڻ ۾

'سنڌي ٽيڪنيڪل سکيا' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2011۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پنهنجن ٻارڙن لا ٽيوشن وٺو! اچو ته هنن سيلف ميڊ شاگردن جا ٻانهن ٻيلي ٿي کين اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏيون

    انتهائي مهنگائي، مفلسي، لاچاري ، ۽ بي راه روي واري سفارشي ڪلچر جي ڪري سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي ڳاٽي ٽوڙ فين، اچڻ وڃڻ جي ڀاڙن، ڪتابن ۽ ٻين ضروريات جي انڌوناڪ خرچن جي ڪري هڪ عام غريب سنڌي سان گڏ هاڻ سُفيد پوش، هڪ وائيٽ ڪالر وچولي طبقي جو ۽ هر سنڌي فرد گهربل تعليم جي زيور کان محروم ٿيندو پيو وڃي نتيجي ۾ سنڌ ۾ اڃا به گهڻي جهالت جو خطرو وڌندي مُشاهدي ۾ پيو اچي، سنڌ ۾ صرف ٻه طبقا منظر تي اچي رهيا آهن، هڪ انتهائي امير ته ٻيا انتهائي ًغريب

    هي حالت مُسلسل رهي ته سدائين کان سُورن ۾ جڪڙيل سنڌي تعليم کان نابين ۽ اڃا وڌيڪ مفلوج ٿي ڪري مُعاشي بُراين ۾ داخل ٿي سگهي ٿو ۽ پو هڪ هنڌ هوندا سنڌي وڏيرا ۽ جاگيردار ۽ ڪاموراٻئي طرف هي غريب سنڌي جيڪي مجبورن اُنهن جا ڇاڙتا ٿي هونن لا ڪوجها ڪم ڪري هُنن جي مال ۾ اڃا اضافو ڪرائيندا۔ اڃا به وقت آهي جي اسان ٺلهين شوشن وارن ڪمن، اجاين نعرن، تقريرن سان گڏوگڏ ڪو عملي ڪم به ڪريون ۽ هنن کي ڪنهنجو غلام ٺاهڻ کان پهرين پنهنجن پيرن تي بهڻ سيکاريون ته جيئن هو هن مهنگائي جي دئور ۾ موڙس ماڻهو ٿي مُقابلو ڪن ۽ همٿ وارا ٿين۔ وس وارن کي اپيل ٿي ڪجي ته جيڪڏنهن ڪنهن کي پنهنجي اولاد لا ٽيوشن جي ضرورت آهي ته اها هنن سنڌي شاگردن کي ڏين ته جيئن هو پنهنجي تعليمي خرچ ڪڍڻ سان ڏ توهانجي اولاد
    ي بهترين تعليم جو سبب به بڻجن
    ان سلسلي ۾ ڪراچي شهر، بلخُصوص گُلستان جوهر، گُلشن اقبال ۽ اوڙي پاڙي جي فليٽن ۾ مُقيم فيمليون، ساگرد، شاگردياڻيون جيڪي هوشيار، ميرٽ تي اسڪولن ۽ پروفيشنل ڪااليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهي رهيا ۽ رهيون آهن لهه وچڙ ۾ اچي رهيا ۽ رهيون آهن جيڪي اوهان جي ٻارن کي ٽيوشن پڙهائي پنهنجي پڙهائي جو خرچ ڪڍڻ چاهين ٿا۔ جي توهان انهن سيلف ميد شاگردن جي سهاتا ۽ مدد ڪرڻ چاهيو ٿا ته اسان سان يا سڌا سنوان هنن شاگردن سان، جنهنجا تفصيل ظاهر ڪبا پاڻ لهه وچڙ ۾ اچو۔ ۽ پنهنجي اولادن کي توهان جي پنهنجي سهولت مُطابق ٽيوشن ڏياريو جنهن سان توهان جو قومي فرضو به پورو ٿيندو ۽ بغير سرڪاري مدد جي سنڌ جا ايندڙ نسل به ٻين قومن وانگر تعليمي ميدان ۾ اڳتي وڌي ايندا۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پنهنجن ٻارڙن لا ٽيوشن وٺو! اچو ته هنن سيلف ميڊ شاگردن جا ٻانهن ٻيلي ٿي کين اڳتي

    بهترين قدم آهي

    اسان اوهان سان هن بهترين ڪم ۾ گڏ آهيون۔ مان سمجهان ٿو اهڙا قدم ئي اسان کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪندا

    اوهان جي ڪاوشن جي تعريف نه ڪرڻ ۽ اوهان سان ساٿ نه ڏيڻ زيادتي هوندي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پنهنجن ٻارڙن لا ٽيوشن وٺو! اچو ته هنن سيلف ميڊ شاگردن جا ٻانهن ٻيلي ٿي کين اڳتي

    بيشڪ، حق سچ جي ڳالهه آهي؛

    رابطي جا نمبر جلد کان جلد ظاهر ڪيا وڃن ته جئين سنڌي ضرورتمند خاندان اهڙن شاگردن کي پنهنجي اولاد جي تعليم لاءِ منتخب ڪري سگهن ۔۔۔ بشرطيق اهي تعليم ڏيندڙ شاگرد يا شاگردياڻيون ان معيار جي تعليم ڏئي سگهن۔

    لک ٿورا دوست، رب العالمين اوهانکي ان جي موٽ ضرور ڏيندو ۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: پنهنجن ٻارڙن لا ٽيوشن وٺو! اچو ته هنن سيلف ميڊ شاگردن جا ٻانهن ٻيلي ٿي کين اڳتي

    اچو ته ملي جُلي، اجتمائي يا انفرادي ۽ عملي جدوجهد ڪري پنهنجو پاڻ مُراد ۽ گورنمنٽ تي ڀارڻ بدران، الله سائين جي ڏنل ڪنهن به ڏات يا علم مان ضرورت مندن سنڌي ڀائُرن جي هر ڪنهن شُغبي ۾ بغير ڪنهن ذات ، پات، مذهب، رنگ جي خدمت ڪريون، ناڻو نه به هُجي ته به ضرورت مندن جي ضرورتن کي وسيلن رکندڙن تائين رسائي هن نيڪ ڪم ۾ حضو وٺي سنڌ ۾ سامهون ايندڙ جهالت جي جَهڪ ۽ ڌُڌُڙکان پاڻ به بچايو ۽ ٻين سنڌين کي به بچايون، ڇا ان ۾ به ڪو خرچ ٿيندو؟ هر مدد صرف ناڻي سان نه پر ٻين طور طريقن سان به ڪري سگهجي ٿي، پُڇجي به نه ته ڇا مان ڪري سگهان ٿو، بس بسم الله ڪري ڪندا وڃو، اهڙي طرح جو ساڄو هٿ ڪري ته کاٻي هٿ کي به خبر نه پئي، هي پاڻ ريٽنگ ٺاهڻ لا نه پر حقيقي ۽ عملي مدد ۽ ضرورت مندن سان پاڻ ڪنٽيڪٽ ڪري اُنهن جي در در تي وڃي يا شرمساري کا بچڻ لا ڏنل نمبرن تي تي يا سمجي تنظيمن جنهن وٽ هنن جا ڊٽيل محفوظ هُجن اُنهن جي وسيلي نيڪي جي ڪمن ۾ اڳتي وڌي هلون ۽ پو وساري ڇڏيون ۽ ڪنهن تي به احسان نه جتايون۔ سنڌي ڀائرو نڪرو ميدان تي عملي طريقي سان، شوشن نعرن جو وقت هاڻ گُذري ويو، سنڌي قوم بُک اڃ ۽ ضرورتن ۾ وڪجي نه وڃي ۽ پو ضمير جي اڳيان پڇتائو نه رهجي اچي۔ الله جي ڏنل نعمتن جي ڦري ڦُڙي استعمال سان قوم کي صحيح دڳ ملي سگهي ٿو۔
     
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: پنهنجن ٻارڙن لا ٽيوشن وٺو! اچو ته هنن سيلف ميڊ شاگردن جا ٻانهن ٻيلي ٿي کين اڳتي

    هن نمبرن تي پاڻ ڪنٽيڪٽ ڪريو، پاڻ ئي پرکو ۽ ڏسو جي اُهي اوهانجي ٻارن کي معياري ٽيوشن ڏئي سگهن ٿا ته دير نه ڪيو۔ جن ڪنٽيڪٽ ڪيو آهي فلحال اُنهن جا نمبر ڏجن ٿا، باقي نمبر يا ايڊريسون به لکندا وينداسون۔ هي نمبر آهن اُنهن گارجيئنس لا جيڪي گُلستانِ جوهر ۽ گُلشنِ اقبال ۾ رهن ٿا ۽ گهر ويٺي ٽيوشن چاهين تا۔
    For Science Group, Montessori to Intermediate: 0347 - 2095404
    For Commerce group : 0346 - 3432395
     
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: پنهنجن ٻارڙن لا ٽيوشن وٺو! اچو ته هنن سيلف ميڊ شاگردن جا ٻانهن ٻيلي ٿي کين اڳتي

    سنڌين لا هاڻ اجتمائي دُعائن پنڻ جي ضرورت آهي، جيئن اسان هاڻ هن ڪرهت آميز، نفسانفسي دئور مان پار اُڪري اچون، ڇو جو بزرگن جون پيشنگويون "اڙي سنڌُڙي توکي ڪابل کان لوڏو" جون صدائون سچ ويجهو پُهچي رهيون آهن، سنڌ سماج مُعاشي بدحالي ، وڏيرا شاهي،جاگير پرستي ذات پرستي ، ۾زهب پرستي  ڪري نسل ڪشي طرف وڌندو وڃي، ۽ ايڏي ته بدحالي اچي چُڪي اهي جو هر ڪنهن جو شڪار پئي ڪري ۽ سنڌ ۾ٻه نوان تبقا پئدا ٿي رهيا آهن هڪڙا اُهي جيڪي امير ترين هُئا آهن ۽ٿيندا وڃن. ٻيا اُهي جيڪي غربت جي سيڪڙو ليول تي پُهچي چُڪا اهن، ماڻهو اولاد کپائڻ ۽ خودڪشين ڪرڻ تي آماده پيو ٿئي، هاڻ جهالت جي دئور ۾ وري داخل ٿيندا وڃن، پٿر جي دئورن ۾ نياڻين کي ڪُچلي ماريندا هُئا ۽ هاڻ ڇا نياڻي پر هر ٻار، ننڍڙو، وڏڙو اولاد کي وڪڻڻ، قتل ڪرڻ يا خودڪشي ڪرڻ تي هيجانيت جو شڪار آهي ۽ سنڌي  جي گهر ۾ ته بُک ، لاچاري، مُفلسي، بيروزگاري واڪا پئي ڪري ۽ ڪو درد ڏسڻ وارو يا مرهم رکڻ وارو ناهي، هرڪو هنن جي مجبورين کي چند ڏينهن لا اچي ڪيش ڪري پنهنجي راه تي رڙهندو وڃي۔ وچان وري ٻيو انقلاب جو نعرو پيو اچي ۽ الاهي غيرتمند ۽ غيور سنڌي بيروزگاري، مُفلسي، نا انصافي، ڪري آهستي آهستي اوڏانهن لاڙو ڪندي پيا ڏسجن جتي کين بندوق جي زور تي سهي پر تحفظ جي يقين دهاني پئي ڪرائجي، علم ۽ علم جا ادارا، ڳرين فين ۽ خرچن جي ڪري سنڌي نسل کا موڪلائي رهيا آهن جنهنجا نتيجا جاهليت، غُنڊ گردي، ٻئي جي مال ڦٻائڻ ۾ ڪا به شرمندگي نه هئڻ ۾ وڌي رهي آهي۔ غربت جي وڪجڻ جا دهشت گردن طرفان ٻه نعرا پيا اچن هڪڙا ڪابل کان مذهب جي نالي تي جنهن جي پيشنگوئي ٿيل اهي، ٻيا شهرن ۾ سماجي ورڇ جي نالي تي، ٻنهين جڳهين تي جام پئسو ۽ لالچون ته آهن جيڪو غيور سنڌين کي للچائي راغب ڪري سگهن ٿيون ۽ ڪي گهٽ قُوت ۽ مُدافعت ۽ گهڻي سماجي بدحالي وارا راغب ٿي به چُڪا اهن ۽ جي پو به سنڌ جا دانشور ۽ ڏاها رنڊڪون وجهڻ لا تيار ناهن ۽ اڃا ڪامورن ۽ وسندي وارن جي پوڇن ۾ لٽڪي اڳتي وڌيا ته سنڌ سموري غرق ٿي سگهي ٿي ۽ ماڻهون ماڻهون ڪي مِرُن وانگر ڇيهو رسائي سگهي ٿو۔ عالمن کان اجتمائي دُعا ضرور گهُرائجو ته جيئن سنڌي ايندڙ مصيبتن ۽ پنهنجي وُجود جي خاتمي کان بچي سگهي۔ (الله ائين ڪڏنهن نه ڪري) آمين ثُم آمين۔
     
  7. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اُهي تمام سنڌي ٽيلنٽيڊ شاگرد، شاگردياڻيون جيڪي ڪراچي شهر ۾ پاڻ، سيلف ميڊ بُنياد تي، ڪراچي جي ها اسڪولن، پرائيويٽ انگلش ميڊيم، اي ليول، او ليول ڪيٽاگريز يا مئٽرڪ انٽر ڪيٽاگريز ۾، يونيورسٽيز، انجنيئرنگ ڪاليجن، ميڊيڪل ڪاليجن، ڊينٽل ڪاليجن ۾ پڙهي رهيا آهن ۽ جن کي پنهنجي پڙهائي جي خرچ، مهنگي ۽ ڳاٽي ٽوڙ فين جي مد ۾ سپورٽ کپي ۽ جيڪي پنهنجي ٻين سنڌي ٽيلنٽس کي سندن گهرن ۾ يا پاڻ وٽ ڪنهن ڊرائنگ روم ، اوطاق ۾ تعليم ڏيڻ چاهين ٿا ته پنهنجا مُڪمل تفصيل، ايڊريس، سيل نمبر، تعليمي قابليت ۾ سبجيڪٽ پڙهائڻ ۾ مهارت، مُعاوضو، فري وقت وغيره سان هتي رابطي ۾ رهن ته جيئن ضرورت مند ساڻن ملي ٽيوشن وغيره حاصل ڪن۔ جيڪي في سبيل الله پڙهڻ يا پڙهائڻ چاهين ٿا اُهي به رابطو ڪري سگهن ٿا۔ اچو ته سنڌي قوم کي علمي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جو ملي گس ڏيون!
     
  8. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سائين ماشا الله بهترين ڪوشش آهي ۔ اسانجو تعاون اوهانسان هوندو وڌيڪ ڪراچي جي مختلف علائقن لا به ڪانٽيڪٽ جيئن ئي ملن ته شيئر ڪندا لک لائق
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو