Sindhi Media
سينيئر رڪن
پنهنجن ٻارڙن لا ٽيوشن وٺو! اچو ته هنن سيلف ميڊ شاگردن جا ٻانهن ٻيلي ٿي کين اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏيون
انتهائي مهنگائي، مفلسي، لاچاري ، ۽ بي راه روي واري سفارشي ڪلچر جي ڪري سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي ڳاٽي ٽوڙ فين، اچڻ وڃڻ جي ڀاڙن، ڪتابن ۽ ٻين ضروريات جي انڌوناڪ خرچن جي ڪري هڪ عام غريب سنڌي سان گڏ هاڻ سُفيد پوش، هڪ وائيٽ ڪالر وچولي طبقي جو ۽ هر سنڌي فرد گهربل تعليم جي زيور کان محروم ٿيندو پيو وڃي نتيجي ۾ سنڌ ۾ اڃا به گهڻي جهالت جو خطرو وڌندي مُشاهدي ۾ پيو اچي، سنڌ ۾ صرف ٻه طبقا منظر تي اچي رهيا آهن، هڪ انتهائي امير ته ٻيا انتهائي ًغريب
هي حالت مُسلسل رهي ته سدائين کان سُورن ۾ جڪڙيل سنڌي تعليم کان نابين ۽ اڃا وڌيڪ مفلوج ٿي ڪري مُعاشي بُراين ۾ داخل ٿي سگهي ٿو ۽ پو هڪ هنڌ هوندا سنڌي وڏيرا ۽ جاگيردار ۽ ڪاموراٻئي طرف هي غريب سنڌي جيڪي مجبورن اُنهن جا ڇاڙتا ٿي هونن لا ڪوجها ڪم ڪري هُنن جي مال ۾ اڃا اضافو ڪرائيندا۔ اڃا به وقت آهي جي اسان ٺلهين شوشن وارن ڪمن، اجاين نعرن، تقريرن سان گڏوگڏ ڪو عملي ڪم به ڪريون ۽ هنن کي ڪنهنجو غلام ٺاهڻ کان پهرين پنهنجن پيرن تي بهڻ سيکاريون ته جيئن هو هن مهنگائي جي دئور ۾ موڙس ماڻهو ٿي مُقابلو ڪن ۽ همٿ وارا ٿين۔ وس وارن کي اپيل ٿي ڪجي ته جيڪڏنهن ڪنهن کي پنهنجي اولاد لا ٽيوشن جي ضرورت آهي ته اها هنن سنڌي شاگردن کي ڏين ته جيئن هو پنهنجي تعليمي خرچ ڪڍڻ سان ڏ توهانجي اولاد
ي بهترين تعليم جو سبب به بڻجن
ان سلسلي ۾ ڪراچي شهر، بلخُصوص گُلستان جوهر، گُلشن اقبال ۽ اوڙي پاڙي جي فليٽن ۾ مُقيم فيمليون، ساگرد، شاگردياڻيون جيڪي هوشيار، ميرٽ تي اسڪولن ۽ پروفيشنل ڪااليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهي رهيا ۽ رهيون آهن لهه وچڙ ۾ اچي رهيا ۽ رهيون آهن جيڪي اوهان جي ٻارن کي ٽيوشن پڙهائي پنهنجي پڙهائي جو خرچ ڪڍڻ چاهين ٿا۔ جي توهان انهن سيلف ميد شاگردن جي سهاتا ۽ مدد ڪرڻ چاهيو ٿا ته اسان سان يا سڌا سنوان هنن شاگردن سان، جنهنجا تفصيل ظاهر ڪبا پاڻ لهه وچڙ ۾ اچو۔ ۽ پنهنجي اولادن کي توهان جي پنهنجي سهولت مُطابق ٽيوشن ڏياريو جنهن سان توهان جو قومي فرضو به پورو ٿيندو ۽ بغير سرڪاري مدد جي سنڌ جا ايندڙ نسل به ٻين قومن وانگر تعليمي ميدان ۾ اڳتي وڌي ايندا۔