• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تنوير عباسي مون ته گلاب لڳايا آهن، پوپٽ پاڻهي آيا آهن

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
بهار پنهنجا رنگ تيزي سان پکيڙي رهيو آهي ۽ اهڙي گلابن ۽ گلن جي موسم ۾ سنڌ جي فطرتي شاعر تنوير عباسي جو هڪ شعر پيش آهي۔

مون ته گلاب لڳايا آهن
پوپٽ پاڻهي آيا آهن

212alus.jpg

جواب: مون ته گلاب لڳايا آهن، پوپٽ پاڻهي آيا آهن

واه واه ٿي وئي ۔۔۔ سليمان جا رنگ، سادن ۽ عام لفظن کي به سهڻو بڻائي ڇڏيو آهي،

تنوير عباسي صاحب فطرت کي ڳايو آهي ۽ اسانجو عام مشاهدو به آهي ته بيشڪ جت گل هوندا ات پوپٽن سان گڏ ماکيءَ جون مکيون ۽ ٻيا ڪئي جيتامڙا اچيو گڏ ٿين ۔۔۔ ڀلا جت پاڻي هوندو ته ات پياسو نه ايندو، ڀلا جت کاڌو هوندو ات بکايل نه ايندو، ڀلا جت پيار هوندو ته ات سڪايل نه پهچندو ۔۔۔

هلو هلو ڪاڪ تڙ جت نينهن اڇل۔

ڪالهه هڪ شاديءَ مان بچيل ڪجهه گل مون پنهنجي آفيس ۾ رکيا، اڄ صبح جو آيم ته آفيس ۾ ايتريون ته ننڍيون وڏيون مکيون هيون جو، آخر گل ٻاهر ڪڍيم ۽ آفيس ۾ ڦوهارو هڻي جان ڇڏايم ۔۔۔

تمام سهڻو ونڊ
 
مهربانيون سائين

تنوير عباسي کي سنڌ جو فطرت جو شاعر يا وري سنڌ جو وليم ورڊس ورٿ سڏيو ويندو آهي۔
 
جواب: مون ته گلاب لڳايا آهن، پوپٽ پاڻهي آيا آهن

هر شي جو پنهنجي فطرت تي قائم رهڻ پروردگار جي تسبيح آهي سو سائين اها حمد پئي هلني اوهان ان کي سهڻا رنگ ڏنا الله اوهان کي اهڙن رنگن ۾ رنگي ۔ گلاب جي خوشبوءِ نڪتي ته پوپٽ به آيا ماکي جون مکيون به آيون جڏهن ته هي انسان کي افضل ناهي پر هتي انسان انسان کان بيزار ٿو نظر اچي پيو دعا ڪيو ته هي انسان گل جهڙو ئي ٿي پوي ته ديرينه دُشمنيو ختم ٿي وڃن اوهان جا احسان جو اوهان بهترين رنگ پيش ڪيا ۔
وسلام
 
جواب: مون ته گلاب لڳايا آهن، پوپٽ پاڻهي آيا آهن

جيتري شاعري سٺي ايتري ڍيزائن وڻندڙ۔تنوير عباسي جي شاعري کي پڙهڻ جو اسان کي موقعو مليو آهي۔تنوير صاحب جي فطرت تي ڪيل شاعري جو انداز تمام دلڪش ۽ وڻندڙ هو۔ان جو مثال ادا سليمان آوهان جي ڍيزائن ڪيل هي تنوير عباسي جي شاعري به آهي۔هڪ ٻه دفعا هنن سان خيرپور ۾ ملاقات ٻه ٿئي هئي جنهن ۾ سائين جي ادبي ذوق واري ڪچهري سان اسان ڪافي لطف انداوز ٿياسين۔توهانجي مهرباني جو ڪافي وقت کانپوء تنوير عباسي جي شاعري اسان کي پڙهڻ جو موقعو ڏئي پراڻيون يادون تازا ڪري ڇڏيون۔
 
ڏاڏل سائين لک مهربانيون

ڪافي ڏينهن کانپوء اوهان سنڌ سلامت تي نظر آيا آهيو۔

تنوير عباسي فطرت جو شاعر ۽ سندس لفظن کي پيش ڪيو آهي اهڙي مند ۾ جڏهن بهار پنهنجي جوڀن تي آهي۔
 
جواب: مون ته گلاب لڳايا آهن، پوپٽ پاڻهي آيا آهن

جيتري شاعري سٺي ايتري ڍيزائن وڻندڙ۔تنوير عباسي جي شاعري کي پڙهڻ جو اسان کي موقعو مليو آهي۔تنوير صاحب جي فطرت تي ڪيل شاعري جو انداز تمام دلڪش ۽ وڻندڙ هو۔ان جو مثال ادا سليمان آوهان جي ڍيزائن ڪيل هي تنوير عباسي جي شاعري به آهي۔هڪ ٻه دفعا هنن سان خيرپور ۾ ملاقات ٻه ٿئي هئي جنهن ۾ سائين جي ادبي ذوق واري ڪچهري سان اسان ڪافي لطف انداوز ٿياسين۔توهانجي مهرباني جو ڪافي وقت کانپوء تنوير عباسي جي شاعري اسان کي پڙهڻ جو موقعو ڏئي پراڻيون يادون تازا ڪري ڇڏيون۔

سائين مهربانيون

تنوير عباسي جنهن جو اصل نالو نور نبي عباسي هو، خيرپور جي خاڪي شاهه پل جي ڀر ۾ سندس اسپتال هوندي هئي۔ خيرپور ۽ سنگت جي ادبي سرگرمين ۾ سدائين وڏو سرگرم نظر ايندو هو۔ کيس سنڌي شاعريء جو وليم ورڊس ورٿ به سڏيو ويندو آهي۔ سندس شاعريء ۾ سونهن، سچ ۽ فطرت سڀ شامل آهن۔
 
جواب: مون ته گلاب لڳايا آهن، پوپٽ پاڻهي آيا آهن

تنوير عباسيءَ جو اصل نالو “نور نبي عباسي” آهي ۽ ‘تنوير’ تخلص اٿس. خيرپور ضلعي (ان وقت رياست) جي ڳوٺ سوڀي ديري ۾ گل حسن عباسي جي گهر ۾ 7 ڊسمبر 1934ع تي ڄائو. پرائمري تعليم نوشهري فيروز ۾ شروع ڪيائين. ٻئين درجي کان مئٽرڪ تائين ڪراچيءَ ۾ پڙهيو. 1960ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ڄامشوري مان ايم-بي-بي-ايس جو امتحان پاس ڪيائين. ان وقت کان وٺي، پنهنجي وفات کان ٻه هفتا اڳ تائين، پاڻ خيرپور ۾ رهيو ۽ خانگي اسپتال هلائيندو رهيو.تنوير عباسيءَ جو پهريون شعر “فنڪار” (حيدرآباد) ۾ 1950ع ۾ ڇپيو. ‘تنوير’ کان اڳ پاڻ “مغموم” تخلص استعمال ڪندو هو. سندس پهريون شعري مجموعو “رڳون ٿيون رباب” 1958ع ۾ ڇپيو. تنوير عباسي شاعري کان سواءِ تحقيق، تدوين، ترتيب، اڀياس، سفرناما لکيا۽ ترجما پڻ ڪيا. انهيءَ کان سواءِ پاڻ هڪ ڪهاڻي “لوئي” پڻ لکيائين، جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي سٺين ڪهاڻي ۾ شمار ٿئي ٿي، جيڪا ٽماهي “مهراڻ” ۾ ڇپي. ان کان سواءِ، پنهنجي شروعاتي ادبي زندگيءَ ۾ هڪ ناول پڻ لکيائين، جيڪو اڻ ڇپيل ئي رهيو. سندس ڪجهه شاعري انگريزي ،پنجابي، سرائيڪي ۽ اردو ۾ پڻ ترجمو ٿي ڇپيتنوير عباسيءَ جي مٿين ادبي، تحقيقي ۽ شعري ڪتابن کان سواءِ ڪجهه ٻيا به ڪتاب ڇپيل آهن. جهڙوڪ: ٻاراڻو ٻول (چونڊ ۽ ترتيب 1973ع)، “جديد سنڌي شاعري (1981ع)، “تِرورا” (خاڪا، يادگيريون، انٽرويو ۽ سفرنامو-1988ع)، “منهن تنين مشعل” (خاڪا-1990ع.)سنڌي ٻوليءَ جي هن محقق ۽ شاعر 25 نومبر1999ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي، سندس سڀ کان وڌيڪ هڪ ڪتاب شاهه لطيف جي شاري مشهور ٿيو، جنهن ۾ تنوير صاحب شاهه صاحب جي شاعري کي جديد نموني سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،
 
جواب: مون ته گلاب لڳايا آهن، پوپٽ پاڻهي آيا آهن

مهرباني ادا ممتاز

اوهان ڊاڪٽر تنوير عباسي بابت تفصيلي ڄاڻ مهيا ڪئي۔
 
Back
Top