واه واه ٿي وئي ۔۔۔ سليمان جا رنگ، سادن ۽ عام لفظن کي به سهڻو بڻائي ڇڏيو آهي،
تنوير عباسي صاحب فطرت کي ڳايو آهي ۽ اسانجو عام مشاهدو به آهي ته بيشڪ جت گل هوندا ات پوپٽن سان گڏ ماکيءَ جون مکيون ۽ ٻيا ڪئي جيتامڙا اچيو گڏ ٿين ۔۔۔ ڀلا جت پاڻي هوندو ته ات پياسو نه ايندو، ڀلا جت کاڌو هوندو ات بکايل نه ايندو، ڀلا جت پيار هوندو ته ات سڪايل نه پهچندو ۔۔۔
هلو هلو ڪاڪ تڙ جت نينهن اڇل۔
ڪالهه هڪ شاديءَ مان بچيل ڪجهه گل مون پنهنجي آفيس ۾ رکيا، اڄ صبح جو آيم ته آفيس ۾ ايتريون ته ننڍيون وڏيون مکيون هيون جو، آخر گل ٻاهر ڪڍيم ۽ آفيس ۾ ڦوهارو هڻي جان ڇڏايم ۔۔۔
تمام سهڻو ونڊ