بهار پنهنجا رنگ تيزي سان پکيڙي رهيو آهي ۽ اهڙي گلابن ۽ گلن جي موسم ۾ سنڌ جي فطرتي شاعر تنوير عباسي جو هڪ شعر پيش آهي۔
مون ته گلاب لڳايا آهن
پوپٽ پاڻهي آيا آهن
مون ته گلاب لڳايا آهن
پوپٽ پاڻهي آيا آهن

واه واه ٿي وئي ۔۔۔ سليمان جا رنگ، سادن ۽ عام لفظن کي به سهڻو بڻائي ڇڏيو آهي،
تنوير عباسي صاحب فطرت کي ڳايو آهي ۽ اسانجو عام مشاهدو به آهي ته بيشڪ جت گل هوندا ات پوپٽن سان گڏ ماکيءَ جون مکيون ۽ ٻيا ڪئي جيتامڙا اچيو گڏ ٿين ۔۔۔ ڀلا جت پاڻي هوندو ته ات پياسو نه ايندو، ڀلا جت کاڌو هوندو ات بکايل نه ايندو، ڀلا جت پيار هوندو ته ات سڪايل نه پهچندو ۔۔۔
هلو هلو ڪاڪ تڙ جت نينهن اڇل۔
ڪالهه هڪ شاديءَ مان بچيل ڪجهه گل مون پنهنجي آفيس ۾ رکيا، اڄ صبح جو آيم ته آفيس ۾ ايتريون ته ننڍيون وڏيون مکيون هيون جو، آخر گل ٻاهر ڪڍيم ۽ آفيس ۾ ڦوهارو هڻي جان ڇڏايم ۔۔۔
تمام سهڻو ونڊ
تمام سٺي شاعري ۽ تنهنجي ڊزائن به لاجواب آهي
سائين تنوير عباسي جي شاعري مان سهڻي چونڊ
سهڻي ڊزائين
هر شي جو پنهنجي فطرت تي قائم رهڻ پروردگار جي تسبيح آهي سو سائين اها حمد پئي هلني اوهان ان کي سهڻا رنگ ڏنا الله اوهان کي اهڙن رنگن ۾ رنگي ۔ گلاب جي خوشبوءِ نڪتي ته پوپٽ به آيا ماکي جون مکيون به آيون جڏهن ته هي انسان کي افضل ناهي پر هتي انسان انسان کان بيزار ٿو نظر اچي پيو دعا ڪيو ته هي انسان گل جهڙو ئي ٿي پوي ته ديرينه دُشمنيو ختم ٿي وڃن اوهان جا احسان جو اوهان بهترين رنگ پيش ڪيا ۔
وسلام
جيتري شاعري سٺي ايتري ڍيزائن وڻندڙ۔تنوير عباسي جي شاعري کي پڙهڻ جو اسان کي موقعو مليو آهي۔تنوير صاحب جي فطرت تي ڪيل شاعري جو انداز تمام دلڪش ۽ وڻندڙ هو۔ان جو مثال ادا سليمان آوهان جي ڍيزائن ڪيل هي تنوير عباسي جي شاعري به آهي۔هڪ ٻه دفعا هنن سان خيرپور ۾ ملاقات ٻه ٿئي هئي جنهن ۾ سائين جي ادبي ذوق واري ڪچهري سان اسان ڪافي لطف انداوز ٿياسين۔توهانجي مهرباني جو ڪافي وقت کانپوء تنوير عباسي جي شاعري اسان کي پڙهڻ جو موقعو ڏئي پراڻيون يادون تازا ڪري ڇڏيون۔