ادا هي مسئلو به ته حل ڪيو 1+3+5+7+9+11+13+15+17+19=100 ٿين ٿا هاڻي انهن مان ڪي به پنج عدد ڪڍي انهن کي جوڙ ڪيو ته 50 ٺهي........
ظاهر ۾ ته ناممڪن آهي جو ٻن اڪي عددن جو جوڙ ٻڌي ۽ ٽن جو جوڙ اڪي ٿيندو. اگر ممڪن هجي ته دوستن جي جواب ڏيڻ کان بعد پاڻ ئي ٻڌائيندا.
ڳالهه ته سائين رحيم بخش جن جي ٺيڪ آهي پر هن حل ۾ جيڪا ٽرڪ لڪيل آهي سا توهان ڏَسي ئي ناهي... بس اها سمجهڻي پوندي... جواب ڪجهه هن طرح ٿيندو... 5+7+9+11+13=45 45+5=50 مطلب ٽوٽل 5 انگ ئي کنيا ويا بس رڳو انگ 5 کي ٻه دفعا جوڙ ڪيو ويو ...
دوستن جي دلچسپي کي ڏسندي هڪ سوال سنگت جي سامهون رکجي ٿو. هڪ ماڻهو وٽ ديسي گيهه آهي 8 ڪلو واري ٿانوَ ۾ انکان علاوه هن وٽ ٻه ٿانوَ خالي آهن هڪ 5 ڪلو وارو ٻيو 3 ڪلو وارو هاڻي هڪ شخص ان کان 4 ڪلو گيهه گهري ٿو ان وٽ ٻيو ڪو تور جو سامان نه آهي اهو ڪهڙي طرح انهن ٽن ٿانون جي ذريعي ان کي 4 ڪلو پورو ڪري ڏيندو.
سائين هڪ طريقو ته هي به ٿي سگهي ٿو 1. 3 ڪلو وارو ٿانو ڀريو.. ۽ اهو پنج ڪلو واري ٿانو ۾ اوتيو.. 2. 3 ڪلو وارو ٿانو وري ڀريو ۽ اهو به پنج ڪلو واري ۾ وجهو پر هن دفعي ٻه ڪلو وجهي سگهبو، هڪ ڪلو بچي پوندو. 3. پنج ڪلو وارو گيهه واپس 8 ڪلو واري ٿانو ۾ وجهو.. 4. هاڻي پنج ڪلو وارو ٿانوَ خالي آهي ۽ 3 ڪلو واري ٿانو ۾ 1 ڪلو گيه آهي.. هڪ ڪلو پنج واري ٿانو وجهو. 5. 3 ڪلو وارو ٿانو ڀريو، ۽ اهو به 5 ڪلو واري ٿانو ۾ وجهو.. 4 ڪلو الڳ ٿي ويا..