ادا سنڌين جي اها ڪهڙي ذات آهي جنهن کي لکڻ ۾ ٻارنهن نقطا (ٽٻڪا) آهن ۽ اهي ڪهڙيون ذاتيون آهن جنهن کي هڪ به نقطو (ٽٻڪو) نه آهي۔
ادا بغير نقطي جي هونئن ته ڪافي ذاتيون آهن مگر لوهار ، ملاح ، سومرا ، مشهور آهن پليپوٽا ۾ وري يارهن نڪتا آهن باقي يار ٻارهن نڪتن واري ذات ذهن ۾ ڪانه ٿي اچيٌ!
اڃان بچـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي
ڀائو امين هتي ٽٻڪي جي ڳالهه ڪانهي، اکر تي زور آهي۔۔ ڪا ذات اهڙي آهي جنهن ۾ هڪ اکر اچي ٿو۔۔ مثال طور ج، ن، ق ۔۔ وارو ڪريو ڪٿان اها ذات ڳولي اچو، باقي ٻروچ کان ڳالهه چڙهيل آ۔۔۔
سڄڻ سائين اهو ڪهڙو عمل آهي جيڪو اسان جي مالڪ رب ڪائنات کي ۽ اسان جي پياري پيغمبر حضرت محمد مصطفه صلي الله وسلم جن کي به پسند هو مگر اهو عمل حضور سائين جن ناهي ڪــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــيــــــــــــــو۔
سائين لڳي ٿو ته درود پاڪ درود پاڪ الله تعلي! کي به پسند آهي ۽ اهو آقا صلي الله واله وسلم جن پاڻ تي نه پڙهيو هوندو
نه ادا جيتري قدر مون کي علم آهي ته پاڻ نماز ۾ درود ضرور پڙهيو آهي۔۽ منهنجي سوال جو اهيو جواب نه آهي۔ باقي سڪندري صاحب جو سوال پهرين به اچي چڪو آهي۔ ۽ اهي الفاظ آهن۔ بلب۔ نبن۔ موم۔وغيره
دوستو گهڻو وقت ٿيو جو آزمائش نه پهتي آ۔۔۔ ته حاضر آ هڪ نئون سوال۔۔۔ هڪ جابلو علائقي مان بس گذري رهي هئي۔۔۔ بس ۾ 48 مسافر سوار هئا۔۔۔هڪ جاءِ ته پهچي ٻن مسافرن بس روڪرائي ۽ لهي پيا۔۔۔ بس اڳتي روانو ٿي۔۔۔ پر اڃان ٿورو ئي اڳتي ٿي هوندي ته مٿان جبل تان هڪ وڏو پٿر لڙهڪندو آيو ۽ اچي بس تي ڪريو۔۔ ۽ بس هيٺ کاهي ۾ ڪري پئي۔۔ بس ۾ موجود سمورا مسافر مري ٿا وڃن۔۔ ٿوري دير پهريان لٿل مسافرن اهو دردناڪ حادثو ڏٺو ۔۔۔ هڪ مسافر چيو ”ڪاش اسان بس مان نه لهون ها۔۔۔“ ٻئي ٻڌو ته ان به چيو۔۔۔ ” ها واقعي ۔۔۔ ڪاش اسان بس مان نه لهون ها۔۔۔“ توهان کان سوال اهو آهي ته ٻنهي مسافرن جي جان ته بچي وئي پوءِ هو اهو ڇو چئي رهيا هئا ته ”ڪاش اسان بس مان نه لهون ها۔۔۔“
ڀاء بس روڪڻ جي ڪري ڪي گهڙيون لڳيون ۽ اگر بس نه رڪجي هان ته بس جي مٿان ڪرندڙ پٿر بس جي گذري وڃڻ کان پوء ڪري هان ۽ اهو بس جي مٿان نه ڪري هان، اهيو ٿيو عقلي دليل باقي حقيقت ۾ اگر رب جي منشا اهيا آهي ته هنن ( انهن لهندڙ ٻن ماڻهن ) جي زندگي بچي ۽ ٻين جو مت آهي ته پوء ته ائين ئي ٿيڻو هو۔
ڄڻ سائين اهو ڪهڙو عمل آهي جيڪو اسان جي مالڪ رب ڪائنات کي ۽ اسان جي پياري پيغمبر حضرت محمد مصطفه صلي الله وسلم جن کي به پسند هو مگر اهو عمل حضور سائين جن ناهي ڪــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــيــــــــــــــو۔ ادا منهنجي هن سوال جو جواب 21 ڏينهن گذرڻ جي باوجود سنڌ سلامت جي ڪنهن به دوست ناهي ڏنو۔۽ اڄ مان ان سوال جو جواب هت تحرير ڪيان ٿو۔ جواب آهي۔ ۔۔۔۔۔ ته حضور صلي الله وسلم جن ڪڏهن آذان ناهي چئي۔ (ڏني ) باقي آذان ڪيئن ڏجي اها سيکاري ضرور اٿن۔