جاويد گهوٽو دوست کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار۔۔۔ دروازو کولڻ کان اڳ ۽ بلب کولڻ کان به اڳ، ويهاڻي هيٺان موبائيل کولي وقت ڏسڻ کان به اڳ۔۔۔ مان اکيون کوليندس۔۔۔
سائين هت ته وڏي ذهانت موجود آهي ، ۽ تفصيلي جواب ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔صحيح جواب : سنڌ سلامت ، ته سنگت به سلامت ، ته ذهانت به سلامت ، دوست کي واڌايون ، ترت جواب۔ لفظ ترت به هن موضوع ۾ شامل ڪجي ته بهتر آهي ، جيئن ڪلڪ، ڪڻڪ ، تيئن ترت
پنهنجون اکيون پوءِ دري کولي ڏسبي تـ ڪير آهي تِنهن کان پوءِ دروازو اگر واقعي ڪير هو تـ۔ متان خواب ۾ در کڙڪيو هجي۔۔۔۔۔
ماشاالله سڀ درست آهي ، تمام گهرائي سان جواب ڏنو ويو آهي ۔جيڪر اسين سڀ ان جا عادي بڻجي وڃون ، ته ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش ئي نه اچي سگهي ۔
هڪ ٿورو مشڪل پر مزيدار ونڊ : عقل کي آزمايو : ٽي دوست جيڪي شادي شده آهن ، پنهنجن گهروارين سان گڏ هني مون ملهائڻ لا دريا پار ڪرڻ چاهين ٿا ۔دريا جي ڪناري تي هڪ ٻيڙي موجود آهي ، پر انهي ۾ صرف ٻن ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش موجود آهي ۔ هاڻي صورتحال اها آهي ، جو ڪوبه مرد ڪنهن ٻئي جي گهر واري سان گڏ ٻيڙي ۾ سوار نه ٿو ٿي سگهي ۽ ڪابه عورت پنهنجي مڙس کان علاوه ٻئي مرد سان نه ٿي وڃي سگهي ۔ ٻيڙي به ڪمزور آهي ، انهي تي به صرف ٻه ماڻهو يا صرف ٻه مايون ويهي سگهن ٿيون ۔ توهان انهن جي مدد ڪريو ۽ دريا پار ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو صرف مشورو ڏيو، باقي پار پاڻيهي پوندا۔ حل ڪرڻ شروع ڪريو ، ڪوبه مسئلو پيش اچي ته ونڊي سگهجي ٿو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔جيڪو اڳي سو تڳي ۔۔۔۔۔۔۔(نوٽ : ڪوبه مهاڻو يا ٻيڙي هلائڻ وارو موجود ڪونه آهي ، ٻيڙي به انهن کي هلائڻي ۽ موٽائڻي آهي )
ادا جاويد گهوٽو اسلام عليڪم۔ ادا ان ٻيڙي ۾ پهريائين ٻه دوست ويهندا، ٻئي پار انهن مان هڪ لهندو جڏهن ته ٻيو همراه ٻيڙي واپس هلائي پهرين ڪناري تي ايندو ۽ پنهجي زال کي ان ۾ ويهاري ٻئي ڪناري تي ايندو،ٻئي ان مان لهندا ۽ پهريون دوست جيڪو شروع ۾ ٻئي ڪناري تي آيو هو ،اهو ٻيڙي هلائي پهرين ڪناري تي ويندو ۽ ٽيئن دوست کي پاڻ سان ٻيڙي ۾ وٺي ايندو ان کي ٻئي ڪناري تي لاهي وري واپس ٻيڙي ڪاهي پهرين ڪپ تي ويندو ۽ پنهنجي زال کي ٻيڙي تي کڻي ٻئي ڪناري تي ايندو،۽ ٻئي ان ٻيڙي مان لهندا جڏهن ته ٻيو دوست جنهن ۔کي هن دوست ٻئي ڪپ تي آندو هو ،اهو ٻيڙي ڪاهي پهرين ڪناري تي ويندو ۽ پنهنجي زال کي ٻيڙي ۾ کڻي ايندو۔ ايئن ٽئي زالون پنهنجي پنهنجي گهر واري سان ٻيئ ڪناري تي پهچي وينديون۔ جواب صحيحي آهي يانه ؟ ٻڌائيندا۔
ادا ايس ايم درس اسلام عليڪم! ادا سان جي مطابق ڪاران نقطن جو نمبر 35 آهي۔ جواب صحيحي آهي يه نا؟ جلدي ٻڌائيندا۔
ادا جواب غلط آهي ، ادا هن ۾ هڪ مسئلو اهو آهي ، ته جيڪڏهن ڪي به ٻه دوست گڏ ٿا وڃن ته انهن جون گهرواريون پوئتي رهيل دوست کڻي ويندو ، اهو به خطرو موجود آهي ، ان ڪري اهڙو حل ڳوليو،جيئن ڪنهن جي به گهرواري اڪيلي ڪنهن به ٻئي مرد سان نه رهي ۔ وري ڪوشش ڪريو ۔
ادا جاويد گهوٽو صاحب جيڪڏهن ايئن آهي ۽ همراهن جيڪي هڪ ٻئي جادوست به آهن کي هڪ ٻئي تي اعتبار نه آهي ته پوء شروع ۾ ٻه زالون وينديون ۔انهن مان هڪڙي ٻئي پار لهي ويندي جڏهن ته ٻئي ٻيڙي کڻي واپس ايند ي ۽ پنهنجي مڙس کي پهرين ڪناري تان کڻي اچي ٻئي ڪناري تي ايندي، ان کانپوء پهرين زال جيڪا اڳ ۾ هن ڪناري تي لٿي هئي ،اها ٻيڙي ڪاهي پهرين ڪناري تان ٽين عورت کي کڻي ايندي ۽ ٻئي ڪناري تي لاهي وري پهرين ڪناري تي ٻيڙي ڪاهي اچي پنهنجي مڙس کي کڻيندي ۽ ٻئي ڪناري تي ايندي ،ٻئي ٻيڙي مان لهندا، ٽيئن زال جيڪا هن ڪناري تي اڳ ۾ آئي هئي اها ٻيڙي ڪاهي پهرين ڪناري تي ويند ۽ پنهنجي مڙس کي وٺي ايندي۔ (ادا زالون تي رحم ڪيو ن انهن کان مهرباني ڪري ايڏو مشقت وارو ڪم نه وٺو،دوستن کي چئو ته هڪ ٻئي تي اعتبار ڪن ۽ اسان جي پهرين ٻڌايل حل تي عملي ڪري ٻئي ڪناري تي پهچن۔) (معاف ڪجو مذاق ۾ پيا چئون)
ادا بهترين ڪوشش ڪئي اٿئو پر ڳالهه اڌوري ئي آهي ۔ ميمڻ صاحب ڀلا ٿورو آسان ڪجي ته اهي ٽيئي اڻ واقف آهن ۽ هڪٻئي جي مدد جو واعدو به ڪن ٿا ته پاڻ ٽيئي جوڙا پار ٿيندا سون ، جوڙي جوڙي ٿي ۔ هاڻي تجزيو توهان جي جواب جو ته ادا : جيڪڏهن شروع ۾ ٻه زالون وڃن ۽ اتان وري هڪ زال موٽي اچي پنهنجي مڙس کي کڻي ته وري به هن جي مڙس کي ٻه زالون هٿ آيون ته هو ڪٿي ٿو بريڪ هڻي ، ان طرح به مسئلو وڌي ٿو ۔ اوهان وري ڪوشش ڪريو
ادا جاويد گهوٽو صاحب اسلام عليڪم۔ جيڪڏهن صفا اهڙي حالت آهي ته سائين منهنجا ان جو هڪ ئي حل آهي۔ ته پهريائين ٻه عورتون ان ٻيڙي ۾ پار پهچنديون ۔ انهن مان هڪ اتي لهندي ۽ ٻئي ٻيڙِي موٽائي کڻي ايندي ۽ ٽين عورت کي ٻيڙي تي چاڙهي پار کڻي ان کي لاهي وري پهرين ڪپ تي ايندي ۽ پنهنجي مڙس کي کڻي پار ايندي ۽ ٻئي ٻيڙي تان لهيندا، ان کانپوء جيڪي ٻه ٻيون عورتون آهن اهئي ٻيڙي ۾ پهرين ڪناري تي اينديون، انهن مان هڪ عورت لهي پوندي جڏهن ته ٻئي پنهنجي مڙس کي کڻي پار ايندي ۽ پنهنجي مڙس کي لاهي ٻيڙي کڻي پهرين ڪناري تي ايندي، اها عورت (زال) لهي پوندي جڏهن ته هن ڪناري تي موجود جوڙو ان ٻيڙي ۾ چڙهي پار ايندو ۽ ٻيڙي تان لهي پوندو جڏهن ته اتي موجود ٽين عورت جو مڙس ٻيڙي ڪاهي اچي پهرين ڪپ تان پنهنجي زال کي کڻي پار ايندو۔ هاڻي ته اسان توهان جي ڳجهارت جو حل صحيحي ٻڌايو آهي يانه ۔
اهو درياه اها زمين آهي جنهن تان حضرت موسي عليه السلام جن پنهنجي قوم سميت لنگهي ويا ۽ اها زمين وري درياه نيل بڻجي وئي ۽ فرعون پنهنجي لشڪر سان گهريو ته ٻڏي مئو۔ اڄ تائين اها نيل ندي آهي۔
ادا وري به ساڳيو مسئلو آهي ، جڏهن ٽي زالون ٻي ڪپ تي پهتيون ۽ اتان وري هڪ زال موٽي اچي پنهنجي مڙس کي کنيو ته انهي مڙس کي ته ٽي زالون هٿ آيون ، ان ڪري هو موٽندو ئي ڪونه۔ وري ڪوشش ڪيو ته بهتر آهي ۔ وري پڙهو بار بار سمجهو پو جواب موڪليو
سائين هن طرح ممڪن آهي ته ٻيڙي ۾ ڊگهو رسو ٻڌو وڃي جيڪو ٻئي ڪپ تائين پهچي سگهي ، تنهن کانپو هڪ جوڙو هن ڪپ تي وڃي ، وري رسي سان ٻيڙي ڇڪي ٻئي پاسي آندي وڃي ۽ ٻيو جوڙو ٽپي وڃي ، ساڳي طرح ٽيون جوڙو به پار ٿئي!؟
ادا جاويد پيارا سائين غلام مصطفى کي گهڻا چڪر نه ڪٽرايو منهنجي خيال ۾ اهو مسئلو هن طرح حل ٿيندو۔پهريائين هڪ جوڙو مرد 1 عورت 1 ٻي ڀر ويندا هاڻي مرد1 موٽي ايندو اهوپهرين ڀر لهي ٻنهي عورتن کي موڪليندو اهڙي طرح ٽئي عورتون ٻي ڀر پهتيون پوءهڪ عورت ايندي اهي پنهنجي ور سان بيهندي اهي ٻه مرد جن جون عورتون ٻي ڀر پهتل آهن اهي ويندا پوء ٻي ڀر ٻه مرد ٻه عورتون پهرين ڀر هڪ مرد هڪ عورت هاڻي ٻي ڀر کان هڪ مرد هڪ عورت واپس ايندا پهرين ڀر تي پوء عورت لهندي ۽ ٻئي مرد ٻي ڀر ويندا اهڙي طرح هڪ عورت ۽ 3 مرد ٻي ڀر پهتا پهرين ڀر تي فقط ٻه عورتون رهيون آهن هاڻي ٻي ڀر تان جيڪا عورت آهي اها ٻيڙي واپس ڪري پهريائين هڪ عورت کي کڻي ڇڏي ايندي پوءوري هڪ عورت رهيل عورت کي به کڻي ويندي اهڙي طرح ٻيڙي پار ٿي ويندي۔اگر سمجهه ۾ ڏکيو لڳي ته وري وضاحت ڪئي وڃي۔