جواب: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ سائين قبلا فورم تي مهمان پيا اچن ڪٿي ڳالهه ظاهر نه ٿي پوي انڪري ڪجهه سوچي لکجو چوندا آهن ته ڀتين کي به ڪن آهن ۔۔۔۔۔۔
جواب: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ جيڪڏهن اهو واقعو مون سان پيش ٿو ٿئي ته پهريان مرڻينگ ڪراڙي کي بچائجي واپس اچي دوست کي ڪار جي چاٻي ڏيندس ۽ پنهنجي خواب کي سچو ڪرڻ لاءِ ڇوڪري سان ويهي بس جو انتظار ڪندس۔۔۔۔ ڪيئن گوء کڻي ويم نه۔۔۔۔ ها ها
جواب: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ سائين عبدالوحيد پيارا گوء کڻڻ جو فيصلو ته سائين وڏو ڪندو ان کي پهچڻ ڏيو جيڪو فيصلو هوندو سو اسان به ڏسنداسين۔۔۔۔۔
جواب: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ سائين رحيم بخش پاڻ به ڪچا کلاڙي ناهيون ... ساهري گهر کي هن سائيٽ جو ٻڌايو ئي ناهي ... باقي مهمان ته ڀت کائڻ وارا آهن .... مون واري پتني ويچاري ڪمپيوٽر کوليندي ايئن ڊڄندي آهي جيئن ڪا ڇوڪري ڪو ڪاڪروچن جو دٻو کوليندي هجي .... سو مڙئي خئير آ ... دل خوش ڪرڻ ڏيو ... suhnan saan
جواب: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ سائين مين ته اپڻي پتني نون نه ڪي موبائل سکهليندا هان نه ڪي ڪمپيوٽر ۔۔ اونهن ويچاري نون به ڪو شوق ڪونهي۔۔۔
جواب: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ ادا چڱا پيا ڪريندا ئين، اصل دور باش خوش باش ... باقي ويچاريون پتنيون ٻار پالن يا ڪمپيوٽر تي اچن؟؟؟ .... سندن جا ٻار ئي سڀ ڪجهه آهن ... اسين آهيون گهوڙا سو وتئون ٿا ميدان ڀڄندا ... shabash
جواب: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ ادا عورت جي فطرت ۾ وهم رکيل آهي سو اهي ويچاريون شل نه ڪمپيوٽر تي اسان جي ويهڻ مهل ڪنهن ٻي عورت جو ڦوٽو ڏسن، ته گهٽ ڪونه ڪنديون ڀل پوءِ اهو ڦوٽو ڪنهن وزير خاتون جو هجي، اصل پوءِ ڏينهن رات بائيڪاٽ۔۔
جواب: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ ها قبلا مان به سوچيان به ته ڪا ته ڳالهه آهي جو دوست بنا خوف خطري جي سگهرا به آهن پوء به وتن ٿا اهڙا بيان ڏيندا ليڪن واقعي اوهان وڏا کلاڙي آهيو پر اعتماد به ڪا شيء آهي سڀ کان وڌيڪ ويساه آهي سو اوهان جي گهرواري جو الله حياتي ڏئيس اوهان تي پڪو ويساه آهي ان ڪري اوهان اهڙن بيانن ۾ آزاد آهيو۔ ڀلي سڀ دوست پيا دل خوش ڪن ليڪن ادا رشيد وارو سوال ته الائي ڪاٿي رهجي ويو ادا رشيد جن کي عرض آهي ته کڻي پاڻ ئي دوستن کي ڀڃي ٻڌائين يا دوستن جي جواب جي تصديق ڪن۔
جواب: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ هڪ هاري دريا پار پنهنجي گهر وڃڻ چاهي ٿو ۔۔ پنهنجي ٻيڙي به اٿس۔۔ ۽ وٽس ٽي شيون آهن جيڪي درياءَ جي هن ڪناري کان ٻئي ڪناري (گهر واري پاسي) تائين پڄائڻيون آهن۔۔۔ انهن ٽي شين ۾ هڪ شينهن آهي، ٻي ٻڪري، ۽ ٽيون وري گاهه آهي۔۔ پر هن جي ٻيڙي ۾ بس ايتري سگهه آهي جو ڪابه هڪ شئي هڪ وقت ۾ ٻئي ڪناري تائين پڄائي سگهي ٿو۔۔ هاڻي هو ٽنهي شيئن کي ٻئي ڪناري تائين ڪيئن پڄائيندو اهو توهان کي طئي ڪرڻو آهي۔۔۔ اهو به سوچي وٺو ته اڪيلي هجڻ جي صورت ۾ شينهن ٻڪري کي نه ڇڏيندو ۽ ٻڪري وري گاهه کي نه ڇڏيندي۔۔ (مطلب ته کائي ڇڏيندا)
جواب: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ ادا اسد پهريائين ٻڪري کي هوڏي ڇڏي ايندو پوء وري گاهه کڻي ويندو ۽ گاهه هن پاسي ڇڏي ۽ ٻڪري واپس ڪاهيو ايندو پوء شينهن کي هن پاسي ڇڏي پوء آخر ۾ ٻڪري کي ڪاهي ويندو جواب درست آهي يا نه ؟
سوال: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ هڪ پيءُ پنهنجي پٽ سان ڪار تي وڃي رهيو هو۔۔۔۔ رستي ۾ خطرناڪ ايڪسيڊينٽ ٿي پيو۔۔۔ بدقسمتي سان پيءُ ٿڏي تي وفات ڪري ويو۔۔۔ عام راهگيرن پنهنجي مدد پاڻ تحت سخت زخمي پٽ کي ويجهو واري اسپتال تائين پهچايو پر ان اسپتال ۾ موجود سرجن چيو۔۔۔ ”مون کان هن ڇوڪري جو آپريشن نه ٿي سگهندو ۔۔۔ ڇو ته هي منهنجو پٽ آهي۔۔۔۔“ اهو ڪهڙي طرح ممڪن آهي۔۔۔۔؟
جواب: سوال: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ بلڪل سائين، اوهان جي جواب سان متفق آهيان، اها ڊاڪٽرياڻي ڇوڪري جي امڙ ئي آهي۔ سائين رشيد، اهو ايئن ئي ممڪن آهي
جواب: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ دوست ته عقلمند ٿا ڏسجن۔۔۔۔ ڀلا نئين سوال بابت ڇاخيال آهي۔۔۔؟ هڪ همراه کي ڪارا ڪپڙا پاتل هئا۔۔۔ ڪارا بوٽ، ڪارا جوراب ۽ ڪارو وڳو پهري هو ڪاري روڊ تي وڃي رهيو هو۔۔۔ ان روڊ تي سٽريٽ لائيٽس به بند هيون۔۔۔ سامهون هڪ ڪاري رنگ جي ڪار اچي رهي هئي جنهن جون بتيون به نه پيون ٻرن۔۔۔ پر ڪار ڊرائيور همراه کي جلدي ڏسي ڪار کي بريڪ هڻي ورتي ۔۔۔۔ ٻڌايو ته ڊرائيور کي ڪيئن خبر پئي ته سامهون همراه پيو اچي۔۔۔؟
جواب: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ توهان جيڪا منظر ڪشي ڪئي آهي، ان ۾ گهڻيون ڳالهيون مبهم آهن، پهريون سوال اهو ته ڇا اهو رات جو منظر آهي يا ڏينهن جو۔۔ ڏينهن جي وقت اسٽريٽ لائيٽس ته بند ئي هونديون آهن ۽ گاڏين جو بتيون پڻ۔۔۔ همراه ڀلي ڪاري وڳي ۾ هجي پر ڏينهن ڏٺي جو پوء ڀلي اڇي ڪار هجي يا ڪاري رنگ جي ۔۔۔ڪار ڊرائيور کي ڏسڻ ۾ ڪهڙو مسئلو هوندو؟؟؟
جواب: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ ادا ٻروچ مس مس ڪو جواب ذهن ۾ آيو هو، پر ان جو جواب توهان اڳئي ڏئي ڇڏيو asul matt ڪڏنهن ٻين کي به وارو ڏيندا ڪيو۔ suhnan saan جيئي سنڌ