سائين هيترن سوالن جي جواب لاء ڪو منفرد طريقو هجڻ کپي هي ته ڪم کچڙي بنجي ويو آهي ته ڪير ڪهڙي سوال جو جواب ڏئي رهيو آهي۔ ابتو سبتو سوال جو جواب ڪافي حد تائين صحيح ٿو لڳي ليڪن اهڙا ٻيا به ڪافي لفظ ٿي سگهن ٿا مثلا ڪلڪ ، لڌل ، ڪڻڪ ، لڪل . سرس وغيره سائين حسابي سوال جو جواب منهنجي خيال ۾ 3 ٿيندو
ادا الله تبارڪ وتعالي جي ذات لاء اهڙا سوال نه ڪرڻ گهرجن متان ڪو ابتو سبتو جواب ڏئي ۽ گنهگار ٿئي ڪافي ماڻهو ان جو جواب ڏيندا آهن ته ماء پيء ليڪن اهڙن سوالن کان پاسو ڪرڻ گهرجي
ائين ڪبو ته وري کوڙ سارن سيڪشنن جي کچڙي ٿي ويندي ..... :dٻين دوستن وانگر توهان به اقتباس وارو بٽڻ استعمال ڪيو نَه...
ڇا توهان ٽن لڳاتار ڏينهن کي نالا ڏئي سگهو ٿا جن ۾ سومر، اڱارو، اربع، خميس، جمع، ڇنڇر ۽ آچر نه اچن......؟؟؟
چڱو ڀلا اهو ٻڌايو ته اُهو ڇا آهي جيڪو ٺاهيندڙ کي کي نه گهرجي۔۔۔۔ وٺندڙ استعمال نه ٿو ڪري ۽ استعمال ڪندڙ ڏسي نه ٿو سگهي۔۔۔۔؟؟؟
منهنجي به خيال سان ڪفن مگر ادا رشيد چئيو آهي ته جيڪو ٺاهيندڙ کي کي نه گهرجي۔۔۔۔ وٺندڙ استعمال نه ٿو ڪري ۽ استعمال ڪندڙ ڏسي نه ٿو معني ڪجه ٻيو آهي
توهان هڪ ڊوڙ جي مقابلي ۾ آهيو ۔۔۔ ڊوڙندي ڊوڙندي توهان ٻئي نمبر واري همراه کي ڪراس ڪري رهيا آهيو۔۔۔۔۔ ٻڌايو ته توهان جي هاڻي پوزيشن ڪهڙي آهي۔۔۔۔؟
۽ ڀلا جيڪڏهن ساڳي ئي ڊوڙ ۾ توهان آخري ڊوڙيندڙ ماڻهون کي ڪراس ڪندو ته توهان جي پوزيشن ڪهڙي هوندي۔۔۔۔۔؟
ادا رشيد سمون صاحب جيڪڏهن مان ڪراس ڪري چُڪندس ته پوءِ منهنجي پوزيشن ٻئي نمبر تي ايندي۔۔۔ ۽ ڪراس ڪرڻ کان اڳ منهنجي ٽيون نمبر پوزيشن آهي۔۔۔
ادا اسان کي آخر ۾ رهڻ ڏيو ته اسان ڪجهه ڊوڙ جو مزو وٺون، باقي سائين آخري ماڻهون کي ڪراس ڪيئن ڪري سگهبو۔ ڇاڪاڻ ته آخري ته اسان خود آهيون۔۔۔۔