اها ته هاڻي ڊرائيور جي مرضي آهي جاڏي ڪاهيس پر جي فقير ويٺل اٿس ته پوء مان ان کي کاٻي ڪاهيندس ۔ ۽ هي به کاٻي ئي وڃي رهي آهي
سائين في الحال ته سنڌ سلامت اسٽاپ تي بيٺل نظر اچي رهي آهي وڌيڪ سائين علي علي جي ڳالهه وانگر ته ڊرائيور جي مرضي ڊرائيور زوراور هوندا آهن ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي تي اچن ته رانگ سائيڊ تي به پيا هلندا آهن۔
لڳي ٿو سنگت ان تصوير ۾ موجود ٽرِڪ کي سمجهي ئي نه سگهي آهي۔۔۔۔۔ تصوير ۾ بس جو دروازو نظر نه پيو اچي۔۔۔۔ ان جو مقصد ته دروازو بس جي ٻي سائيڊ تي آهي ۔۔۔ هاڻي سوچيو۔۔۔ پوءِ جواب ڏيو ۔۔۔۔ نه ته کڻي ڦٽي ڪريان۔۔۔۔
جواب: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ منهنجو خيال آهي جواب ايندو 3263442 پر وضاحت ۔۔۔۔ بهتر رهندو خود ڪيو۔۔۔۔
جواب: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ سائين اهو ٻڌايو ته ڊگي ڪهڙي پاسي اٿس۔۔۔ منهنجي به ادي علي علي وانگر نظر گهٽ ٿي پئي۔۔۔۔
جواب: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ لڳي ٿو ادا اظهار مصروف ٿي ويا آهن ان ڪري هن پاسي جو ڦيرو نه لڳائي سگهيا آهن۔۔۔ ان ڪري هاڻي وضاحت مون کي ئي ڏيڻي پوندي۔۔۔ ادي اظهار حساب ڪجهه هن فارمولي تحت ڏنو هو۔۔۔ (Number x (Number + 1 انهي فارمولي کي نظر ۾ رکندي جواب ڪجهه هن طرح ٿيندا۔۔۔ 1x (1+1) = 2 2x (2+1) = 6 6x (6+1) = 42 42x (42+1) = 1806 1806x (1806+1) = 3263442
جواب: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ توهان هڪ انڌيري ۽ طوفاني رات ۾ پنهنجي ڪار ۾ ڊرائيونگ ڪري رهيا آهيو۔۔۔ جڏهن توهان هڪ بس سٽاپ جي ڀرسان گذريو ته توهان ٽن ماڻهن کي بس جو انتظار ڪندي ڏ"ٺو ۔۔۔ هڪ ڪراڙي عورت جيڪا مرڻ ڪنڌي تي آهي ۽ هي طوفاني موسم سندس جان لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي۔۔ هڪ پراڻو دوست جنهن ڪنهن وقت توهان جي جان بچائي هئي ۔۔۔ هڪ اهڙي خوبصورت نوجوان ڇوڪري جنهن لاءِ توهان جي زندگي جو ساٿي تصور ڪيو هجي۔۔۔۔ ٻڌايو توهان ڪهڙي مسافر کي پنهنجي گاڏي ۾ کڻندو۔۔۔۔؟
جواب: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ ڀلا ٽنهي کي کڻڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي ... هڪ کي اسپتال يا کيس محفوظ هنڌ پهچائبو ،،، دوست کي کڻبو ته جيئن اڳتي ڪورٽ ۾ هلي شاهدي ڏي ۽ ڇوڪريءَ سان نڪاح ڪري قصو ئي تمام ڪبو !!! وڌيڪ جيئن دوست چون ... سيٽون ته ٽئي خالي آهن ... پو ڇا خيال آهي؟ hatt-pare
جواب: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ گاڏي ڏبي دوست کي ته هو ڪراڙيء عورت کي اسپتال کڻي پهچي ۔۔ پوء پاڻ ۽ نوجوان ڇوڪري ۔۔۔۔ طوفاني رات۔۔۔۔۔ مطلب ته ان کي به ڪنهن نه ڪنهن منزل تي پهچائبو hatt-pare
جواب: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ ادا ٻروچ دل جي ڳالهه ڪئي اٿئي، اهو حل به ڀلو ... پر هروڀرو طوفاني رات ۾ پاڻکي مشڪل ۾ وجهڻ ضروري آهي ڇا ... ڀلا تڪڙ ڪهڙي ... گاڏي به آهي گهر به آهي ۽ محبوب به بغل ۾ ته پو اٻهرائپ ڪهڙي؟ ايئن نه ٿئي جو ٿوري دير کانپوءِ اهو عشق هڪ هارر فلم ۾ تبديل ٿي وڃي ...shabash
جواب: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ معاف ڪجو دوستو مون کي اهو ٻڌائڻ ته وسري ويو ته توهان جي ڪار ۾ پوين سيٽن تي کوڙ سارو سامان آهي ۽ توهان جي ڪار ۾ صرف هڪ ماڻهون کي کڻڻ جي گنجائش آهي۔۔۔۔
جواب: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ واهه ٻروچ سائين اسان وانگر هڪ ٽِڪ ڳالهه ڪئي اٿئي۔۔۔ پاڻ به هجئون ها ته ايئن ڪريون ها۔۔۔
جواب: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ ها .... هاڻ خبر پئي ته گاڏيءَ ۾ جڳهه ئي ناهي ... پو ته ادا ٻروچ جو مزو ٿي ويو ... ڳالهه وڃي اتي ئي پهتي ... شابش ۽ مبارڪ اٿئي يار ٻروچ ... مائيءَ جو الله واهي ... khil sahi suhnan saan
جواب: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ ادا جادوگر گهٽ ۾ گهٽ سوال ته پورو ڏنو ڪري، سنگت جون الائي ڪهڙيون اميدون هيون، سڄين اميدن جو ٻيڙو ئي ٻوڙي ڇڏيئي۔ shal judy hujeen
جواب: ڇا توهان عقلمند آهيو....؟ يا وري ايئن ڪجي ته جهوني جي تيماداريءَ لاءِ ڇوڪريءَ کي ڇڏجي ته ويهي لتون ۽ زور ڏيئيس ۽ پنهنجي دوست کي پڄائجي منزل تي۔۔۔