ڇا توهان عقلمند آهيو....؟

س
هن بس کي ڏسي جلدي جلدي ٻڌايو ته بس ڪهڙي طرف وڃي رهي آهي ۔۔۔۔۔۔ کاٻي يا ساڄي۔۔۔۔

Moving-Bus.jpg
ساجي طرف
 
ڪجهه وقت اڳ مون کي لڳو ته سنڌ سلامت جا ساٿي سوال جواب جي سلسلي ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن.... اها ٻي ڳالهه آهي ته سوال ڪندڙ گهڻا ۽ جواب ڏيندڙ گهٽ لڳا....
ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ اهڙي هڪ دلچسپ سلسلي کي شروع ڪرڻ جو سوچيم جنهن جا سوال وڌيڪ مشڪل به نه هجن ۽ دلچسپ به هجن پر ان ڳالهه کي ياد رکيو وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ سوال جو جواب سوال موڪليندڙ وٽ ضرور هجي.... جيڪو ٽن جوابن اچڻ کان پوءِ درست جواب موڪلي سگهي...
ڪو به جواب نه اچڻ جي صورت ۾ سوال ڪندڙ ٻئي ڏينهن جواب موڪلي ڇڏي....
ان دلچسپ سلسلي کي شروع ڪندي حاضر آهي پهريون سوال ..

سوال : ڪجهه مهينن کي 30 ڏينهن ٿيندا آهن ته وري ڪجهه مهينن کي 31 ڏينهن . ٻڌايو ته ڪيترن مهينن کي 28 ڏينهن ٿيندا آهن...؟
هر ٽئين سال فيبروري ۾.
 
اسلام عليڪم
سهڻا سنڌ\ واسيو هڪ سوال منهنجي ذهن ۾ به آيو آهي۔
ڀلا اِهو ٻڌايو ته سنڌي ۾ اُهي ڪهڙا لفظ آهن جنهن ڪي ابتو يا سبتو لکجي ته انهن ۾ ڪائي به تبديلي نه ايندي آهي ۔
وسلام
راجا عبدالوهاب (اسلام آباد)
ادا اهو لفظ (((((((((هاشيم شاه)))))))))آهي...........،،،.،،.،،،.،.،.،
 
ادا هي مسئلو به ته حل ڪيو
1+3+5+7+9+11+13+15+17+19=100 ٿين ٿا هاڻي انهن مان ڪي به پنج عدد ڪڍي انهن کي جوڙ ڪيو ته 50 ٺهي........

ظاهر ۾ ته ناممڪن آهي جو ٻن اڪي عددن جو جوڙ ٻڌي ۽ ٽن جو جوڙ اڪي ٿيندو. اگر ممڪن هجي ته دوستن جي جواب ڏيڻ کان بعد پاڻ ئي ٻڌائيندا.
 
ادا هي مسئلو به ته حل ڪيو
1+3+5+7+9+11+13+15+17+19=100 ٿين ٿا هاڻي انهن مان ڪي به پنج عدد ڪڍي انهن کي جوڙ ڪيو ته 50 ٺهي........
ڳالهه ته سائين رحيم بخش جن جي ٺيڪ آهي پر هن حل ۾ جيڪا ٽرڪ لڪيل آهي سا توهان ڏَسي ئي ناهي... بس اها سمجهڻي پوندي... :)
جواب ڪجهه هن طرح ٿيندو...
5+7+9+11+13=45
45+5=50
مطلب ٽوٽل 5 انگ ئي کنيا ويا بس رڳو انگ 5 کي ٻه دفعا جوڙ ڪيو ويو ... :)
 
دوستن جي دلچسپي کي ڏسندي هڪ سوال سنگت جي سامهون رکجي ٿو. هڪ ماڻهو وٽ ديسي گيهه آهي 8 ڪلو واري ٿانوَ ۾ انکان علاوه هن وٽ ٻه ٿانوَ خالي آهن هڪ 5 ڪلو وارو ٻيو 3 ڪلو وارو هاڻي هڪ شخص ان کان 4 ڪلو گيهه گهري ٿو ان وٽ ٻيو ڪو تور جو سامان نه آهي اهو ڪهڙي طرح انهن ٽن ٿانون جي ذريعي ان کي 4 ڪلو پورو ڪري ڏيندو.
 
سائين هڪ طريقو ته هي به ٿي سگهي ٿو
1. 3 ڪلو وارو ٿانو ڀريو.. ۽ اهو پنج ڪلو واري ٿانو ۾ اوتيو..
2. 3 ڪلو وارو ٿانو وري ڀريو ۽ اهو به پنج ڪلو واري ۾ وجهو پر هن دفعي ٻه ڪلو وجهي سگهبو، هڪ ڪلو بچي پوندو.
3. پنج ڪلو وارو گيهه واپس 8 ڪلو واري ٿانو ۾ وجهو..
4. هاڻي پنج ڪلو وارو ٿانوَ خالي آهي ۽ 3 ڪلو واري ٿانو ۾ 1 ڪلو گيه آهي.. هڪ ڪلو پنج واري ٿانو وجهو.
5. 3 ڪلو وارو ٿانو ڀريو، ۽ اهو به 5 ڪلو واري ٿانو ۾ وجهو..
4 ڪلو الڳ ٿي ويا..
 
ڪجهه وقت اڳ مون کي لڳو ته سنڌ سلامت جا ساٿي سوال جواب جي سلسلي ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن.... اها ٻي ڳالهه آهي ته سوال ڪندڙ گهڻا ۽ جواب ڏيندڙ گهٽ لڳا....
ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ اهڙي هڪ دلچسپ سلسلي کي شروع ڪرڻ جو سوچيم جنهن جا سوال وڌيڪ مشڪل به نه هجن ۽ دلچسپ به هجن پر ان ڳالهه کي ياد رکيو وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ سوال جو جواب سوال موڪليندڙ وٽ ضرور هجي.... جيڪو ٽن جوابن اچڻ کان پوءِ درست جواب موڪلي سگهي...
ڪو به جواب نه اچڻ جي صورت ۾ سوال ڪندڙ ٻئي ڏينهن جواب موڪلي ڇڏي....
ان دلچسپ سلسلي کي شروع ڪندي حاضر آهي پهريون سوال ..

سوال : ڪجهه مهينن کي 30 ڏينهن ٿيندا آهن ته وري ڪجهه مهينن کي 31 ڏينهن . ٻڌايو ته ڪيترن مهينن کي 28 ڏينهن ٿيندا آهن...؟
 
السلام عليڪم دوستو !
تمام بهترين ڪچهريون اهن ۔
هڪ ننڍڙي ونڊ سان شروعات ڪجي ٿي : اوهان رات جو پنهنجي ڪمري ۾دروازو بند ڪيون آرامي آهيو ۔ اسر ويل ڪير دروازو ٿو کڙڪائي ، اوها سڀ کان پهريائين ڇا کوليندا ؟
اکيون
 
Back
Top