مست
سينيئر رڪن

ڀوجا ايئر لائين 1993 ۾ پنهنجي اڏامن جو سلسلو شروع ڪيو هو، پر 2001 ۾ فنانشل ڪرائيسز جي ڪري هن ايئرلائين پنهنجيون اڏامون معطل ڪيون۔ هن سال جي شروع ۾ هن ڪمپني ٻيهر پنهنجيون اڏامون شروع ڪيون۔ اڄوڪي فلائيٽ ڪراچي کان اسلام آباد جي روٽ جي افتتاحي يعني پهرين فلائيٽ هئي۔
جهاز شام جو 6 لڳي 40 منٽن تي حادثي جو شڪار ٿيو ۽ حسين آباد نالي وسنديءَ تي ڪري پيو، جيڪا اسلام آباد انٽرنيشنل ايئر پورٽ کان 6 ميل پري آهي۔ حادثي جي ڪري ان وسنديءَ جي چار کان مٿي گهر مڪمل تباهه ٿي ويا ۽ خدشو آهي ته پري پري تائين پکڙيل ان جهاز جي ملبي جي ڪري وڌيڪ جاني نقصان به ٿيو هوندو۔۔