• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هوائي جهاز جو افسوسناڪ حادثو۔ 127 ماڻهو اجل جو شڪار

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن

367581-BhojaAirCrashAFP-1334938154-239-640x480.jpg
اڄ شام ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ هوائي جهاز حادثي جو شڪار ٿيڻ جي ڪري 127 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن۔۔ پرائيوٽ ڪمپني ڀوجا ايئر لائين جي بوئينگ 737 بدنصيب جهاز شام 5 بجي ڪراچي جو رن وي ڇڏيو ۽ جيئن ئي اسلام آباد جي ويجهو پهتو ته خراب موسم جي ڪري حادثي جو شڪار ٿي ويو۔ جهاز ۾ 118 مسافر ۽ عملي جا 9 ماڻهو سوار هئا، آخري اطلاعن تائين سمورن ماڻهن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي۔
ڀوجا ايئر لائين 1993 ۾ پنهنجي اڏامن جو سلسلو شروع ڪيو هو، پر 2001 ۾ فنانشل ڪرائيسز جي ڪري هن ايئرلائين پنهنجيون اڏامون معطل ڪيون۔ هن سال جي شروع ۾ هن ڪمپني ٻيهر پنهنجيون اڏامون شروع ڪيون۔ اڄوڪي فلائيٽ ڪراچي کان اسلام آباد جي روٽ جي افتتاحي يعني پهرين فلائيٽ هئي۔
جهاز شام جو 6 لڳي 40 منٽن تي حادثي جو شڪار ٿيو ۽ حسين آباد نالي وسنديءَ تي ڪري پيو، جيڪا اسلام آباد انٽرنيشنل ايئر پورٽ کان 6 ميل پري آهي۔ حادثي جي ڪري ان وسنديءَ جي چار کان مٿي گهر مڪمل تباهه ٿي ويا ۽ خدشو آهي ته پري پري تائين پکڙيل ان جهاز جي ملبي جي ڪري وڌيڪ جاني نقصان به ٿيو هوندو۔۔​
 
جواب: هوائي جهاز جو افسوسناڪ حادثو۔ 127 ماڻهو اجل جو شڪار

انا لله وانا اليه راجعون ، الله تعالى حادثي جو شڪار ٿيلن کي جنت الفردوس ۾ جايون ڏي ۽ هنن جي پوئنورن کي صبر جميل عطا فرماءِ ،
نهايت ڏک واري خبر آهي ،
شام جو هن حادثي بابت اسان کي پڻ خبر پهتي هئي ، جامعيه بنوريه ٽاون جي ناظم تعليمات حضرت مولانا عطاءالرحمان پڻ هن حادثي ۾ شهيد ٿي ويو آهي ، ياد رهي ته اهو جامعه بنوري ٽائون ساڳيو ئي آهي جتي ادو طاهر سنڌي درس نظامي جو طالبعلم رهي چڪو آهي ،
 
جواب: هوائي جهاز جو افسوسناڪ حادثو۔ 127 ماڻهو اجل جو شڪار

انا لله وانا اليه راجعون ۔۔ جي ادا اسان پڻ اها افسوسناڪ خبر ٻڌي ۽ ٽي وي تي ڏٺي سي۔ نهايت دردناڪ منظر هيا، بس ڀا ڌڻي در دعا آهي ته اهڙين دنياوي حادثن کان الله پاڪ سڀني کي محفوظ رکي، ۽ جيڪي ان حادٿي جو شڪار ٿيا آهن انهن جي مغفرت عطا ڪري ۽ انهن جي وارثڻ کي صبر جميل عطا ڪري۔ آمين۔
 
جواب: هوائي جهاز جو افسوسناڪ حادثو۔ 127 ماڻهو اجل جو شڪار

إِنَّا لِلّهِ وَإِنَّـا إِلَيْهِ رَاجِعونَ، ....

رب العالمين فوتين کي جنت نصيب فرمائي ۽ سندس پونئرن کي صبر عطا فرمائي ... آمين
 
جواب: هوائي جهاز جو افسوسناڪ حادثو۔ 127 ماڻهو اجل جو شڪار

پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين پنهنجي سسٽر ايئر لائين ، هڪ نجي بهوجا ايئر لائين جي ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ مُڪمل مدد ڪري رهي آهي۔ پي آئي اي جا سڀئي اسٽاف ، آفيسر ،، سي بي اي، آفيسرن جي تنظيمون، ٻيون يونينون ، شهري تنظيمون، سياسي پارٽيون ڪراچي ايئر پورٽ تي خدمت ۾ رڌل آهن۔ پي آئي اي جو اِي آر پِي نظام اسٽريليا کان پوء دُنيا جو ٻيو بهترين نظام آهي جيڪو مُڪمل مدد ڪري رهيو آهي۔پي آئي اي جي ، اِي آرپِي پنهنجي هيلپ ڊيسڪ تان مُڪمل آگاهي ڏئي رهي آهي۔ اسان بهوجا ايئر لائين جي 94 مُسافرن کي مُفت ٽڪيٽ ڏئي اسلام آباد پي ڪي 300 تي روانو ڪيو جنهن جو مقرر وقت 0700 صبح جا هو پر مُتاسره مُسافرن جي ڪن مائٽن جي دير سان رپورٽنگ ڪرڻ ڪري هي جهاز 0735 منٽن تي ٽيڪ آف ڪري ويو۔ اسلام آباد ۾ به اسانجي پوري مئنيجمينٽ اسٽينڊ باء آهي ۽ مان به ڪراچي ايئر پورٽ کان مُسلسل مدد ۽ مانيٽرنگ ڪري رهيو آهيان۔
پي آئي اي پي ڪي 301 تي 06 ڊيڊ باڊيون کڻي آئي آهي، 10 ڊيڊ باڊيون پي ڪي 369 تي پُهچي رهيون آهن ۽ 14 ڪان 16 رات جو 309 تي اينديون۔
 
جواب: هوائي جهاز جو افسوسناڪ حادثو۔ 127 ماڻهو اجل جو شڪار

ڏکائتو حادثو ٿيو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان کان اڳ به گذريل سال ايئر بليو جو جهاز اسلام آباد ۾ تباهه ٿيو هو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ حڪومت ۽ ادارن کي سببن جي ڳولها ڪري، ان جو حل ڳولهڻو پوندو۔

متاثر ٿيندڙ خاندانن سان ڏک ۾ شريڪ آهيون۔
 
جواب: هوائي جهاز جو افسوسناڪ حادثو۔ 127 ماڻهو اجل جو شڪار

راولپنڊي جهاز حادثو هڪ ٿمام وڏو ڏکائتو حادثو آهي، جنهن تقريبن 130 ماڻهن جي جان ڳڙڪائي ويو آهي، جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي، جڳهه اها سڙي جتي باهه ٻري،۔۔۔۔انا لله وانا اليه راجعون ، هن حادثي هميشه وانگر نئين شادي شده جوڙي جو پهريون سفر به آخري سفر بڻائي ڇڏيو، هئي ڙي موٽ، ۔۔۔۔ اهي حادثه دنيا ۾ ٿيندا ره ٿا، مگر انهن جي تحقيق پڻ ڪئي ويندي آهي پر افسوس جو اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ هميشه اهڙن واقعن جي تحقيق لاء ڪاميٽيون جوڙيون ته وينديون آهن مگر انهن جو رزلٽ سامهون ناهي ايندو، ڇو جو بد قسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ روز اهڙا ٻيا به ڪيترائي واقعه ٿيندا رهن ٿا جنهن جي ٿيڻ سان ماڻهن جو ڌيان وري اوڏانهن ڇڪجي ٿو وڃي ۽ واقعو آيو ويو ٿئي وڃي ٿو۔۔۔ ٿحقيق ته اهيا به ٿيڻ گهرجي ته اهو جهاز ڪيترو پراڻو هو ۽ جهاز جي فٽنيس ڪڏهن ورتي وئي آهي ۽ ڪهڙي طريقي سان ورتي وئي آهي۔




 
Back
Top