• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جي سرگرم رڪن ۽ پياري دوست حفيظ لغاري کي جنم ڏينهن جون واڌايون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

سنڌ سلامت جي سٿ پاران پياري دوست ۽ فورم جي انتهائي سرگرم ساٿي عبدالحفيظ لغاري کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪيون ٿا۔

حفيظ سان واسطو تڏهن کان شروع ٿيو جڏهن کان هو پي سي ايس آء آر ليبارٽري ڪراچي ۾ آفيسر ٿيو، تڏهن کان سچل ڳوٺ ۾ رهائش اٿس۔ هڪ نهايت ايماندار، سچار ۽ محنتي نوجوان آهي جيڪو پي ايڇ ڊي ڪري هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪري چڪو آهي۔ سندس لکڻ جو انداز به ادبي ۽ دلچسپي وارو آهي، پر لکڻ کان اڪثر ڪيٻائيندو رهندو آهي، پر منهنجي گهڻي ٽوڪڻ يا اسرار تي اڄڪلهه تمام سٺو لکي رهيو آهي۔

سنڌ سلامت تي گهڻو سرگرم هجڻ سان گڏ نوان سوال اٿاريندو رهندو آهي، رشيد جو گهڻو فين آهي ۽ چاچي ڪريم سان ڪچهري ڪرڻ جو به ڪوڏيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته چاچو ڪريم سندس جان نه ڇڏيندو آهي ته مونکي وچ ۾ اچڻو پوندو آهي۔

دعا آهي ته نئون سال سندس زندگيء ۾ بهار ۽ مسڪراهٽن سان گڏ نيون خوشيون کڻي اچي۔
 
سهڻو، سيبتو، کلڻو من مهڻو، دوستن جو دوست، سچو، علمي، کوجي ۽ هڏ ڏوکي انسان آهي ... جيڪڏهن هن جهڙا اڪثر سنڌي نوجوان ٿي پون ته سنڌ خوشحال ۽ دنيا ۾ سرخرو قوم ٿي اڀري ... الله تعالا کيس نظر بد کان بچائي ۽ کيس اڳ کان اڳرو ڪري ... آمين
 
سنڌسلامت جو ھر رڪن جاکوڙو محنتي آھي، انھن مان ھي دوست به ھڪ آھي، سندن کي جنم ڏينھن جون کوڙ ساريون مبارڪون، سليمان سائين جا ٿورا جو ڪو به دوست مس نه ٿو ڪري۔
 
محترم عبدالحفيظ لغاري صاحب کي اسان جي طرفان به جنم ڏينهن جو کوڙ ساريون واڌايو، پاڻ هڪ بهترين دوست ساٿي ء ڪچهريء جو مور آهي، سنڌ سان پيار بي انتها آهي۔ سنڌ سلامت تي جامع لکڻين سان گڏ چاچي ڪريم بابت بهترين ٽوٽڪا ٻڌائيندو رهندو آهي۔ دعا آهي ته الله تعالي کيس وڏي ڄمار ڏئي آمين۔۔۔۔۔
 
ادا عبدالحفيظ لغاري اسلام عليڪم۔ توهان سان ملاقات کانپوء اسان به ادا سليمان وساڻ جي ڳاله کان متفق آهيون ته اوهان پنهنجري اندر علم جو هڪ وسيع سمنڊ سمائي ڇڏيو آهي،جنهن مان انمول گوهر هن محبتي اڳڻ جي ڪينئوس تي چٽيندا رهندا آهيو۔توهان جي پي ايڇ ڊي جي ڊگري جي باري ۾ پڙهي سچ مچ ته اسان جي دل ۾ اوهان لاء وڌيڪ عزت پيدا ٿئي ويئي آهي۔ توهان کي الله پاڪ هڪ نيڪ ۽ انسانن سان محبت ڪندڙ دل ڏني آهي،ان جو عملي مظاهرو اسان ادي تسليم واري معاملي ۾ ڏٺو۔ توهان کي اسان دل جي گهرائين سان ڄمڻ جي ڏينهن جي مبارڪ ٿا ڏيون ۽ الله پاڪ جي در تي اوهان لاء دعاگو آهيون ته اوهان جي زندگي جو نئون سال اوهان لاء خوشين،امن،محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام کڻي اچي ،هر ڏک ۽ مصبيت اوهان کان دور هجن ۽ الله سائين هميشه اوهان کي شڪر ادا ڪرڻ جو موقعو عطافرمائي۔آمين۔ هميشه خوش رهو۔
 
شاعرن جي باري ۾ مشهور آهي ته پنهنجي شاعري ٻڌي داد وٺڻ سندن پسنديده مشغلو آهي۔۔۔ جڏهن مون به سنڌ سلامت تي راتيون گذاري بهتري آڻڻ جي جستجو ڪئي ته طبيعت ۾ اهو شاعراڻو انداز اچي ويو ۔۔۔ دل چاهي پئي ته پنهنجي ڪيل محنت جي داد ملي۔۔۔ دوستن جون مهربانيون جن منهنجي ڪم کي هر وقت ساراهيو۔۔۔ پر حيرت ٿيم ته ان باوجود هڪ خال ڀرجڻ کان رهجي ويو ۔۔۔ ائين شايد شاعرن سان نه ٿيندو هجي۔۔۔ پوءِ مونسان ڇو ٿي رهيو هو۔۔۔
جلد ئي ادا عبدالحفيظ لغاري جن سان ملاقات ٿي۔۔ سندس هر ملاقات کان پوءِ لڳو ته اهو خال ڀرجڻ لڳو آهي۔۔۔ جڏهن غور ڪيم ته خبر پئي ته شاعري ٻڌائي داد وٺڻ نه پر شاعرن جو شاعري ٻڌائڻ پسنديده مشغلو هوندو۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو مون کي داد وصول ٿيڻ تي ايتري خوشي محسوس نه ٿي جيتري ادا حفيظ لغاري طرفان پڇندڙن سوالن جي جوابن تان۔۔۔ مون کي اها خبر ڀلي دير سان پئي هجي پر ادا حفيظ کي شايد اها پهرين خبر هئي۔۔۔ هوئن به پي ايڇ ڊي ڪندڙ اسان جو هي دوست مونکي هميشه نفسياتدان وڌيڪ لڳندو آهي۔۔۔
ادا سليمان سميت ڪئي دوست اڪثر سنڌ سلامت بابت جڏهن ڪو سوال ڪندا آهن ته جواب ڏيندي جلد ئي احساس ٿيندو آهي ته موضوع ختم ڪجي جو دوستن اجهو اوٻاسيون ڏيڻ شروع ڪيون۔۔۔ پر ادا حفيظ جو معاملو مختلف هوندو آهي۔۔۔ صاف لڳندو آهي ته کيس خبر آهي پر ان باوجود سندس سوال کٽندا ناهن ۽ پوء ظاهر آهي مونکي به ڳالهائڻ جو وارو ملي ويندو آهي۔۔۔ پوءِ ڀلي ڪچهري ۾ ادا سليمان، علي علي يا عرس ٽوڪيندو رهي اسان جا بيان جاري رهندا آهن۔۔۔ ڪڏهن ڪڏهن جواب ڏيندي ادا حفيظ جي مخصوص مرڪ سان تڪيندڙ نظرون روڪينديون به آهن پر پڪ سان اها سندس شخصيت ئي چئبي جو جيسين کيس جواب ڏئي مڪمل نه ڪجي ۔۔ ڪچهري جو مزو ڪاٿي اچي۔۔۔ پوءِ ادا سليمان ڀلي اسان جي ڪچهري کي روڪڻ لاءِ چاچا ڪريم جن ئي گهرائي پر کيس وارو ڪاٿي ٿو ملي۔۔۔ هاڻي ته اهڙي صورتحال آهي جو سچل ڳوٺ وڃڻ لا بس منهنجو هڪ ئي شرط رکيل هوندو آهي ته ڪچهري ۾ حفيظ جن به هجن۔۔۔۔

دعا آهي ته اسان جو هي دوست سدا خوش و خرم رهي۔۔۔ ڏکيو ڏينهن نه ڏسي۔۔۔
 
جلد ئي ادا عبدالحفيظ لغاري جن سان ملاقات ٿي۔۔ سندس هر ملاقات کان پوءِ لڳو ته اهو خال ڀرجڻ لڳو آهي۔۔۔ جڏهن غور ڪيم ته خبر پئي ته شاعري ٻڌائي داد وٺڻ نه پر شاعرن جو شاعري ٻڌائڻ پسنديده مشغلو هوندو۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو مون کي داد وصول ٿيڻ تي ايتري خوشي محسوس نه ٿي جيتري ادا حفيظ لغاري طرفان پڇندڙن سوالن جي جوابن تان۔۔۔ مون کي اها خبر ڀلي دير سان پئي هجي پر ادا حفيظ کي شايد اها پهرين خبر هئي۔۔۔ هوئن به پي ايڇ ڊي ڪندڙ اسان جو هي دوست مونکي هميشه نفسياتدان وڌيڪ لڳندو آهي۔۔۔
ادا سليمان سميت ڪئي دوست اڪثر سنڌ سلامت بابت جڏهن ڪو سوال ڪندا آهن ته جواب ڏيندي جلد ئي احساس ٿيندو آهي ته موضوع ختم ڪجي جو دوستن اجهو اوٻاسيون ڏيڻ شروع ڪيون۔۔۔ پر ادا حفيظ جو معاملو مختلف هوندو آهي۔۔۔ صاف لڳندو آهي ته کيس خبر آهي پر ان باوجود سندس سوال کٽندا ناهن ۽ پوء ظاهر آهي مونکي به ڳالهائڻ جو وارو ملي ويندو آهي۔۔۔ پوءِ ڀلي ڪچهري ۾ ادا سليمان، علي علي يا عرس ٽوڪيندو رهي اسان جا بيان جاري رهندا آهن۔۔۔ ڪڏهن ڪڏهن جواب ڏيندي ادا حفيظ جي مخصوص مرڪ سان تڪيندڙ نظرون روڪينديون به آهن پر پڪ سان اها سندس شخصيت ئي چئبي جو جيسين کيس جواب ڏئي مڪمل نه ڪجي ۔۔ ڪچهري جو مزو ڪاٿي اچي۔۔۔۔

ادا ذيشان رشيد صاحب اسان به اوهانجو مدبرانا گفتگو ڏاڍي شوَق ۽ دلچسپي سان ٻڌندا آهيون ۽ ان مان ڪجه پرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون پر اسان سان مٍجبوري اها آهي ته اسان کي ڪمپويٽر ۽ ويب سائيٽ جي مسئلن جي باري ۾ گهڻي ڄاڻ نه آهي۔توهانجي ڏنل ڄاڻ کي اسان دل ۾ سانڍي به رکندا آهيون پران ڄاڻ جو اسان کي اڃا تائين عملي مظهرو ڪرڻ نه ٿو اچي۔ڇا ڪيون ڪند ذاهن اسان اوهان جا شاگرد آهيون۔بس ادا نثار کي عرض ڪنداسين ته ڪو سعودي عرب مان بادام آب زم زم جي پاڻي سان ڌوئي کڻي اچي ته اسان اها استعمال ڪري پنهنجي ذهن جي صلاحيتن کي مڙئي ڪجه وڌايون (ههههههههه ههههههههههههههه)
 
ادا سليمان سميت ڪئي دوست اڪثر سنڌ سلامت بابت جڏهن ڪو سوال ڪندا آهن ته جواب ڏيندي جلد ئي احساس ٿيندو آهي ته موضوع ختم ڪجي جو دوستن اجهو اوٻاسيون ڏيڻ شروع ڪيون۔۔

هاهاهاهاها ۔۔۔۔ ادا ذيشان رشيد پوء به ڪا تبديلي ناهي آئي، ڳالهه کي مختصر بيان ڪرڻ به هڪ هنر هوندو آهي، ڪجهه ئي جملن ۾ سڀ ڪجهه چئي وڃو۔ اميد ته سائين نثارابڙو جي نقش قدم تي هلي اوهان به اهو سمجهي ويندا ۽ اسان جي اوٻاسين اچڻ کان اڳ ئي موضوع مڪمل ڪري ڇڏيندا۔
 
ادا سليمان وساڻ توهان جي ڳالهه درست آهي اصل بوريت سان گڏوگڏ ذيشان رشيد مٿي ۾ سور به وجهي ڇڏيندو آهي پوء واپسيء تي رات جو 3 بجه چانهه ٺهي ڏئڻي پوندي آهي، پوء منهنجو بل 41 هزار ته ايندو نه ۔۔۔۔۔۔۔ هههههههههه
 
هاهاهاهاها ۔۔۔۔۔

يار واهه جو ٻڌائي اٿئي، شايد هاڻي ڪا تبديلي اچي ۽ اهو مختصر قصو سمجهه ۾ اچيس
 
207950_2250419298193_6604401_n.jpg

ڀائرن جهڙي دوست ۽ سلجهيل لکيل پڙهيل ۽ اعلى تعليم يافته ساٿي، تمام سٺو لکندڙ ۽ ڳالهين جي تهه تائين جلدي پهچندڙ سنڌ سلامت جي سرگرم رڪن ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري کي جنم ڏينهن جون واڌايون.

سچل ڳوٺ ۾ رهندي ڪيئي دوست ۽ اڳواڻ آهن جن سان ڪچهريون ٿين ٿيون پر انهن مان حفيظ لغاري شايد هن وقت اهڙو دوست آهي جنهن سان گهڻو ڪري روز ملاقات ٿيڻ سان گڏ ڪيترن ئي موضوعن تي گفتگو ٿيندي آهي۔ شائسته زبان استعمال ڪندڙ حفيظ جي جنم ڏينهن تي سندس لاء دعائون ۽ اها نيڪ خواهش ته شال هي سال سندس زندگيء ۾ نئين بهار جيان اچي۔ ان بهار جي شروعات ٿي به چڪي آهي۔
 
من ۾ محبتن جا کوڙ، تن تي سادگيءَ جو لباس، منهن تي مرڪن جي ورکا، علم جو چاه ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي تمنا اهڙي جو کيس ننڍي عمر ۾ ڊاڪٽر بڻائي ڇڏيو ... سنڌ جي علمي ترقي ۽ اقتصادي خوشحالي سميت سنڌ جي محبتن ۾ رنڊا روڙيندو رهي ٿو ... جنهن ماڻهونءَ ۾ اهڙيو سڀ خوبيون شامل ٿي وڃن ته اهڙا ماڻهون پارس سڏرائيندا آهن ... جن جي صحبت مان ڪيترائي ڪچا لوه جهڙا ماڻهون به سون ٿي ويندا آهن ...

منهنجي طرفان کيس ڍير ساترو پيار ۽ محبتون .... ۽ ٽوپي لاهي سلام
 
معصوم پياري صورت ۽ بهترين تحريرون لکندڙ ادا عبدالحفيظ کي سالگرهه جون کوڙ ساريون واڌايون۔
شل الله پاڪ توهان جي زندگي جي هر خواهش پوري ڪري،هر قدم تي ڪاميابي توهان جا قدم چُمي ۽ هر وقت خوش وخرم رهو۔ آمين۔
 
Back
Top