سنڌ سلامت جي سٿ پاران پياري دوست ۽ فورم جي انتهائي سرگرم ساٿي عبدالحفيظ لغاري کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪيون ٿا۔
حفيظ سان واسطو تڏهن کان شروع ٿيو جڏهن کان هو پي سي ايس آء آر ليبارٽري ڪراچي ۾ آفيسر ٿيو، تڏهن کان سچل ڳوٺ ۾ رهائش اٿس۔ هڪ نهايت ايماندار، سچار ۽ محنتي نوجوان آهي جيڪو پي ايڇ ڊي ڪري هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪري چڪو آهي۔ سندس لکڻ جو انداز به ادبي ۽ دلچسپي وارو آهي، پر لکڻ کان اڪثر ڪيٻائيندو رهندو آهي، پر منهنجي گهڻي ٽوڪڻ يا اسرار تي اڄڪلهه تمام سٺو لکي رهيو آهي۔
سنڌ سلامت تي گهڻو سرگرم هجڻ سان گڏ نوان سوال اٿاريندو رهندو آهي، رشيد جو گهڻو فين آهي ۽ چاچي ڪريم سان ڪچهري ڪرڻ جو به ڪوڏيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته چاچو ڪريم سندس جان نه ڇڏيندو آهي ته مونکي وچ ۾ اچڻو پوندو آهي۔
دعا آهي ته نئون سال سندس زندگيء ۾ بهار ۽ مسڪراهٽن سان گڏ نيون خوشيون کڻي اچي۔