• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سائين شمشير الحيدري لاڏاڻو ڪري ويو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

تمام گهڻي ڏک ۽ افسوس سان هيء خبر شيئر ڪجي ٿي ته سنڌي ادب جو ستارو سائين شمشير الحيدري ڊگهي علالت کانپوء اڄ صبح آغا خان اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي۔

انا الله و انا اليه راجعون
 
انا الله و انا اليه راجعون۔ بيشڪ هر زنده روح کي موت جو مزو چکڻو آهي (القرآن) الله جل شانهُ سندن مغفرت ڪري ۽ اُنهن جي پوئيرن کي صبرِ جميل عطا ڪري۔

ڪٿا جو فائدو وٺي هڪ عرض ڪندُس جيڪو مُشاهدي ۾ آهي ۽ توهان اسان بلڪل اُن کان باخبر آهيون ته جيڪو مرض اسان جي هر ٽيلنٽ جي جلد موت جي مُنهن ۾ وڃڻ جو سبب ٿو بڻجي ۽ جي آنده جا باقي رهيل سنڌي ٽيلنٽ ان کان پاسو ڪن ته صحتياب به ٿي سگهن ٿا ۽ الله جي حُڪم سان ڪافي وقت جي قوم جي وڌيڪ بهتر خدمت ڪري سگهن ٿا۔ ڪٿا اها آهي ته اسان جو ٽيلنٽ جڏنهن ناميارو ٿي ٿو وڃي ته هُو پنهنجي صُحبت بدلائي ٿو ڇڏي، خود فراموشي ۽ نالي ۽ جي مدهوشي ۾ اخلاقايات کان ٽُپيل حدون اورانگهيو ڇڏي ۽ پاڻ ۾ ٺري جي بي انتها استعمال، اخلاق کان ڪريل حرڪتُن ۽ سوسائٽين م وڃي پاڻ به تباه ٿو ٿئي ته پوئيرن لا به مصيبت بڻجو وڃي۔ اسان کي گهُرجي ته اهڙن جيئرن يا باقي بچيل ٽيلنٽس جيڪي خرابيون دور ڪرڻ لاِ انهن جي سوسائٽي جي حرڪتن کي نروار ڪري کين اڳتي تباهه ٿيڻ کان بچايون جو هو پو نيشنل ٽيلنٽس جن کي قوم هميشه عزت جي نگاهه سان ٿي ڏسي، ان جي ڏيکاريل رستن ٿي تي هلي بدنامي جي ڊپ کان غير اخلاقي حرڪت کان انتباه ڪندي۔ پنهنجي ارد گرد نظر بهاريو ته 95 سيڪڙو ٽيلنٽ ان مرض ۾ وڪوڙيل اهي جيڪو پو سندن جان ليوا بيماري جو سبب پڻ ٿي بڻجي ۽ اسان ان بيماري جا ڪارڻ ڄاڻندي به هن جي مدد جي اپيل ڪريون ٿا۔
 
انا الله و انا اليه راجعون۔
ڪل نفسُ ذائقته الموت. هر جاندار شيءَ کي موت جو مزو چکڻو آهي.
رب العالمين سندس اهل وعيال کي صبر و تحمل جي توفيق عطا فرمائي.
 
قالوانا لله و انا عليه راجعون
صبح جو اٺين وڳي پروفيسر سندرداس خوبچنداڻي نهايت ئي ڏک مان ٻڌايو ته ايم آر ڊي جو هيرو ۽ اسانجو ساٿي مولاءِ متقيان امام علي عليه سلام جو شيعو شمشيرالحيدري هن فاني دنيا کي خدا حافظ چئي راه ربّاني وٺي هليو ويو ۔
مسافر هليو ويو بنا موڪلائي
نه ڪنهن کي ٻڌائي نه ڪنهن کي چتائي ۔
ڳالهيون ڳوٺاين جون ، چڙهيون مٿي چت ،
عُمر! اوريم اُن سان ، جي هوند هئڙاهت ،
نيڻ ٽمايونت ، قاسم ! ڪانگ اڏائيان ۔
 
انا لله و انا اليه راجعون
اڄ جڏنهن ڪمپوٽر آن ڪيم ته دل کي صدمي پهچائيندڙ ان خبر تي نظر پئي ڪجه پل سوچ ۾ پئجي ويس ته شمشير الحيدري جو لقب هرو ڀرو حيدري نه هو پرهو واقعا سچو حيدري هو جو اڄ 21 رمضان مولائي ڪائنات حيدر ڪرار جي شهادت جي ڏينهن ان به وفات ڪئي ۽ پهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليا يقينن سائين شمشير الحيدري جهڙ ا ماڻهون وري هن دنيا ۾ پيدا نه ٿيندا سائين جي ان وڇوڙي تي اسان سنڌ سلامت جي پوري ٽيم ۽ تمام سنڌ واسي سائين جي اهل و عيال ۽ خصوصي طور تي سائين نثار ابڙو جن سان تعزيت پيش ڪريو ن ٿا ان دعا سان ته رب پاڪ سائين جن کي جنت الفردوس ۾ جڳه عطا فرمائي ۽ سندن پوئلڳن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي آمين
 
انا الله و انا اليه راجعون
الله تعالي کين مغفرت فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ مقام عطا فرمائي (آمين)
 
انا الله و انا اليه راجعون

اڄ نينڊ مان اک کُلندي ئي سائين سليمان جن جي سيل تي ڪيل ميسج تي پئي تمام گھڻو ڏک ٿيو۔
تنهنجا اي ’شمشير‘ هي نغما،
ڄڻ ته ڇڄي پيئي ڪا تار!


 
ان لله ما اعطي و لله ما اخذ۔ انا الله و انا اليه راجعون۔
بيشڪ هر نفس کي موٽي پنهنجي اصلي ماڳ تي وڃڻو آهي۔ تمام گهڻوڏک وصدمي جو احساس ٿيو آهي هن دور جي هڪ بهترين انسان، قلمڪار، شاعر، ڪمپيئر۔اديب۔ اسڪرپٽ رائٽير۔ سخن وار، حساس ؤ محبت ڀريل دل جي مالڪ جي هميشه واري وڇوڙي تي۔ اسان جي اکيون به سائين شمشير الحيدري جهڙي مٿين خوبيين واري انسان جي هميشه لاء الوادع تي لڙڪ ويهايا آهن ۔ هن ڏک واري موسم ۾ اسان سائين جي اهل خانه سان گڏ آهيون۔ الله پاڪ جي در تي نماڻو عرض آهي ته مرحوم کي بخشش فرمائين۔قبر جو پڇاڙون معاف ڪن۔ هر معاملي ۾ نرمي برتين،قبر جي عذاب کان هنن کي پنهنجي پناه ۾ رکن۔ هنن سان درگذار وارو معاملو رکن۔هنن کي جنت الفردوس ۾ اعلئ مقام عطا فرمائين ۔ هنن جي لواحقين کي صبر جميل عطا فرمائين۔ آمين۔
 
آءُ پنهنجي پياري محسن بابا سائين شمشير الحيدريءَ جي ڏکائتي موت تي سموري سنڌ سان تعزيت ڪريانٿو، ڇاڪاڻ شمشير سموري سنڌ جو سرمايو هو، شمشير سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان ائين سلهاڙيل هيو جيئن ننڍڙو ٻار ماءُ جي ڇاتيءَ سان ...
552050_10151080455558948_1299261792_n.jpg


شمشير جو موت سنڌ جي پٽ جو موت آهي ... شمشير جو موت سنڌ جي ٻوليءَ جو نقصان آهي، شمشير جي وفات سنڌيت کي ڌڪ آهي، انڪري لڙڪن سميت آءُ سموري سنڌ سان تعزيت ڪريانٿو ...

بابا ڪجهه ڏينهن اڳ ئي مونکان حسب معمول اجوا کارڪن (خاص قسم جون کارڪون جيڪي رسول اڪرم دل جي بيماريءَ ۾ کائڻ جي تلقين ڪندو هو) جي فرمائش ڪئي هئي ته جيئن آءُ مڪي مان اهي کارڪون ورتيون اچان ... ڪالهه شام جو مون اهي وٺي رکيون ۽ صبح جو هن سٻاجهي انسان هن دنيا کي ئي خير آباد چيو ...

اي سهڻا انسان اسان سڀني انسانن جي منزل ساڳي آهي ڪي اڳي ته ڪي پوءِ ....

رب العالمين کيس جنت الفردوس ۾ اعلا مقام عطا ڪري ۽ سموري خاندان سميت سموري سنڌ کي ان نقصان جي برداشت ڪرڻ جي سگهه عطا ڪري ... آمين
 
انا لله وانا اليه راجعون!
الله تعالى پويئرن کي صبر جميل ۽ مرحوم جي مغفرت فرماءِ ، ۽ کيس جنت الفردوس ۾ جايون عطا فرماءِ (آمين)

ادا نثار ابڙو صاحب جن سان پڻ اسين تعزيت ۾ شريڪ آهيون ، الله تعالى اوهان کي کي اوهان جي اهل عيال کي به پڻ صبر جي توفيق عطا فرماءِ!
 
انا الله و انا اليه راجعون
اسان تمام ڏک وڇان هي تعزيتي ليک لکون ٿا ته سائين شمشير الحيدري جي هن ڏکائتي لاڏاڻي تي سنڌ سموري سوڳوار آهي ، علم جا سڀ ذخيرا اڄ سوڳوار آهن، ڪتاب، لائبريريون، يونييورسٽيون، علمي گهر، قلم ، ڪاغذ، بيت غزل، وايون، ٽي سٽا،نثري نظم، ناول ڪهاڻيون، چو سٽا، لطيف جا سڀ سر به اڄ سوڳوار بڻجي پيا آهن، هڪڙو شمشير هو زماني ۾ سو به اڄ گذاري ويو. ڌڻي در دعا آهي ته کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام مليس. آمين
 
انا الله و انا اليه راجعون
الله پاڪ مرحوم جي مغفرت فرمائي ڪري کيس کي جنت الفردوس ۾ بلند مقام عطا فرمائي آمين۔ ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي آمين۔
 
شمشير واقعي هزارن ۾ حيدري هو!

سندس پوٽي سندرتا حيدري ڪاوش 07 آگسٽ 2012 واري اشاعت ۾ شايع ٿيل پنهنجي خط ”هزارن ۾ حيدري آهيان!“ ۾ شمشير الحيدري بابت کوڙ ڳالهيون لکيون هيون، جن ۾ سندس باري ۾ اهو به لکيو هئائين ته شمشير صاحب سادگي پسند انسان هو. مون به پهريون ڀيرو جڏهن کيس ڪراچي ٽي وي اسٽيشن تي 1985ع ڌاري ڏٺو هو ته ايئن ئي محسوس ڪيو هو. اڇا ڪپڙا، انهن تي ڪاري ڪوٽي پاتل، اکين تي نظر واري عينڪ، هٿ ۾ سگريٽ، چپن تي شايد مڌم مسڪراهٽ ۽ نهار ۾ عجيب تنقيدي انداز جي انسان شناسي سمايل هئس. ماسٽر غلام علي (سنڌي فنڪار تعمير حسين جو والد) مون ساڻ هو، شمشير صاحب سان شايد دوستي هيس، چيائين ته ”يار هن کي ته ڪنهن ڊرامي ۾ ڪاسٽ ڪر“ شمشير صاحب غور سان مون کي ڏسڻ لڳو، پل کن جي ماٺ کانپوءِ بظاهر ڪم جي گهڻائي سبب ٿَڪل ٿَڪل نظر ايندڙ شمشير صاحب جو گرجدار آواز هال ۾ گونجيو، ”بابا فنڪار آهين ته ڪو ٽهڪ ڏئي ڏيکار، ٿورو جهيڻو ئي سهي، پر روئي به ڏيکار، يار ڪو ته پنهنجو ڪمال ڏيکار، ڪيئن مڃان ته تون فنڪار آهين؟“ سندس فرمائش ٻڌي منهنجا ته ڄڻ طوطا ئي اڏامي ويا! شمشير صاحب ته ايئن چ
ئي اسڪرپٽ لکڻ ۾ مصروف ٿي ويو ۽ ماسٽر غلام علي منهنجي نِرڙ تي پگهر جا ڦڙا ڏٺا ته کل ۾ ٻڏي ويو. شمشير صاحب ماسٽر کي کلندي ڏسي مشڪي چوڻ لڳو ”يار غلام علي تون جو گڏجي آيو آهين ته ڪجهه ته سيکاربو ضرور!“ ان ڏينهن ته آئون شمشير صاحب جون ڳالهيون نه سمجهي سگهيو هئس ته هن مون کي ڇا سيکارڻ ٿي گهريو، پر بعد ۾ جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڊرامي جو آڊيشن ڏيڻ پهتس ته اسڪرپٽ ڏسي شمشير صاحب جون ڳالهيون ياد آيون ۽ واقعي سندس ڏسيل انداز سان ڊائيلاگ جي ادائيگي ئي مون کي هن آڊيشن ۾ پاس به ڪرايو هو. سنڌ جو ناميارو شاعر، اديب، ليکڪ، ڊرامانگار ۽ قلم ۽ سخن جو ڌڻي شمشير الحيدري ان حوالي سان جهڙوڪر بازي ئي کٽي ويو جو سندس وفات حضرت علي عليه السلام جي يوم شهادت تي ٿي آهي، جنهن سان وابستگيءَ سبب ئي هو حيدري به سڏائيندو هو. شل ڌڻي تعاليٰ کيس محمد و آلِ محمد صه جي قرب جوار ۾ جڳهه عطا فرمائي (آمين).

ذوالفقار خاڪي/حيدرآباد
 
Back
Top