انا الله و انا اليه راجعون۔ بيشڪ هر زنده روح کي موت جو مزو چکڻو آهي (القرآن) الله جل شانهُ سندن مغفرت ڪري ۽ اُنهن جي پوئيرن کي صبرِ جميل عطا ڪري۔
ڪٿا جو فائدو وٺي هڪ عرض ڪندُس جيڪو مُشاهدي ۾ آهي ۽ توهان اسان بلڪل اُن کان باخبر آهيون ته جيڪو مرض اسان جي هر ٽيلنٽ جي جلد موت جي مُنهن ۾ وڃڻ جو سبب ٿو بڻجي ۽ جي آنده جا باقي رهيل سنڌي ٽيلنٽ ان کان پاسو ڪن ته صحتياب به ٿي سگهن ٿا ۽ الله جي حُڪم سان ڪافي وقت جي قوم جي وڌيڪ بهتر خدمت ڪري سگهن ٿا۔ ڪٿا اها آهي ته اسان جو ٽيلنٽ جڏنهن ناميارو ٿي ٿو وڃي ته هُو پنهنجي صُحبت بدلائي ٿو ڇڏي، خود فراموشي ۽ نالي ۽ جي مدهوشي ۾ اخلاقايات کان ٽُپيل حدون اورانگهيو ڇڏي ۽ پاڻ ۾ ٺري جي بي انتها استعمال، اخلاق کان ڪريل حرڪتُن ۽ سوسائٽين م وڃي پاڻ به تباه ٿو ٿئي ته پوئيرن لا به مصيبت بڻجو وڃي۔ اسان کي گهُرجي ته اهڙن جيئرن يا باقي بچيل ٽيلنٽس جيڪي خرابيون دور ڪرڻ لاِ انهن جي سوسائٽي جي حرڪتن کي نروار ڪري کين اڳتي تباهه ٿيڻ کان بچايون جو هو پو نيشنل ٽيلنٽس جن کي قوم هميشه عزت جي نگاهه سان ٿي ڏسي، ان جي ڏيکاريل رستن ٿي تي هلي بدنامي جي ڊپ کان غير اخلاقي حرڪت کان انتباه ڪندي۔ پنهنجي ارد گرد نظر بهاريو ته 95 سيڪڙو ٽيلنٽ ان مرض ۾ وڪوڙيل اهي جيڪو پو سندن جان ليوا بيماري جو سبب پڻ ٿي بڻجي ۽ اسان ان بيماري جا ڪارڻ ڄاڻندي به هن جي مدد جي اپيل ڪريون ٿا۔