Sindhi Media
سينيئر رڪن
14 آگسٽ رات 8 بجي کان 12 وڳي تائين، ريس ڪورس ڪراچيءَ ، پاڻيءَ جي وڏي ٽانڪيءَ جي سامهون وراي گهٽيءَ جي ٽئين کاٻي پاسي واري گھر(راشدي ڳوٺ) ۾ انيس انصاري اڪيڊميءَ پاران ، سنڌ جي برک شاعر، مُحقق ۽ ليکڪ مُحترم مرحوم و مغفور جناب شمشير الحيدريءَ جي ياد ۾ هڪ ميڙاڪو ٿيو جنهن جو انتظام حسب روايت انيس اڪيڊمي ڪراچي ڪيو ۽ اڄ اُن ميڙاڪي جي ڪوريج سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيشن (ساوا) جي مُنتظم اعلى پنهنجي دوست مُحترم اسدالله چانڊئي جي تعاون سان ڪئي. انشالله ان ميڙاڪي ۾ ڀيٽا ڏيندڙن جا ڦوٽو اڄ ئي شايع ڪيا ويندا. هن ميڙاڪي ۾ سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن (ساوا) جي منتظم اعليٰ عبدالرزاق ميمڻ ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل گهڻن ئي مهمانن شرڪت ڪئي. مُحترم شمشيرالحيدريءَ کي جن ليکڪن، برک شاعرن ۽ دوستن ڀيٽا ڏني اُهي هي آهن صدارت سندن فرزند جناب سليم حيدري.

3. جناب بدر اُڄڻ
4. جناب عبدالغفار تبسم
5. جناب بيدل مسرور
6. جناب ڊاڪٽر ايوب شيخ
7. جناب فتح مُحمد برفت (چيئرمين سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ ڪراچي يونيورسٽي
8. جناب ڪامريڊ سجاد ظهير
9. جناب آفاق ڀٽي
10. جناب منظور اُڄڻ سنڌي ادبي سنگت گمبٽ
11.جناب عابد اظهر
12. ڪمپيئرنگ ڪئي جناب رکيل مورائي
13. فوٽوگرافي ڪوريج ڏني جناب اسد چانڊيو (پي آءِ اي)
14. ڪئمرا رڪارڊنگ جناب انيس انصاري
شمشير الحيدريءَ سان عقيدت ۽ مُحبت ڪندڙن دوستن کي اپيل آهي ته پسند ڪرڻ سان پنهنجا ڪامينٽس ڏئي کيس ڀيٽا ضرور ڏين ته جيئن اسانجي هيءَ ڪوريج جيڪا پوري دُنيا جي سنڌين تائين وڃي ٿي کين خبر پئي ته اسان پنهنجي ليجنڊس جو ڪيترو مان رکون ٿا۔
(ادار) ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن، ريسرچ سينٽر (نيو سعيد آباد) سنڌ ۽ اُن جي ٿنڪ ٽيم. (سنڏي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن(ساوا).

شمشير الحيدريءَ سان عقيدت ۽ مُحبت ڪندڙن دوستن کي اپيل آهي ته پسند ڪرڻ سان پنهنجا ڪامينٽس ڏئي کيس ڀيٽا ضرور ڏين ته جيئن اسانجي هيءَ ڪوريج جيڪا پوري دُنيا جي سنڌين تائين وڃي ٿي کين خبر پئي ته اسان پنهنجي ليجنڊس جو ڪيترو مان رکون ٿا (ادار) ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن، ريسرچ سينٽر (نيو سعيد آباد) سنڌ ۽ اُن جي ٿنڪ ٽيم. (سنڏي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن(ساوا).