• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

برک شاعر محقق ۽ ليکڪ جناب شمشير الحيدريءَ جي ياد ۾ هڪ ميڙاڪو

Sindhi Media

سينيئر رڪن
merako-jpg.579
14 آگسٽ رات 8 بجي کان 12 وڳي تائين، ريس ڪورس ڪراچيءَ ، پاڻيءَ جي وڏي ٽانڪيءَ جي سامهون وراي گهٽيءَ جي ٽئين کاٻي پاسي واري گھر(راشدي ڳوٺ) ۾ انيس انصاري اڪيڊميءَ پاران ، سنڌ جي برک شاعر، مُحقق ۽ ليکڪ مُحترم مرحوم و مغفور جناب شمشير الحيدريءَ جي ياد ۾ هڪ ميڙاڪو ٿيو جنهن جو انتظام حسب روايت انيس اڪيڊمي ڪراچي ڪيو ۽ اڄ اُن ميڙاڪي جي ڪوريج سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيشن (ساوا) جي مُنتظم اعلى پنهنجي دوست مُحترم اسدالله چانڊئي جي تعاون سان ڪئي. انشالله ان ميڙاڪي ۾ ڀيٽا ڏيندڙن جا ڦوٽو اڄ ئي شايع ڪيا ويندا. هن ميڙاڪي ۾ سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن (ساوا) جي منتظم اعليٰ عبدالرزاق ميمڻ ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل گهڻن ئي مهمانن شرڪت ڪئي. مُحترم شمشيرالحيدريءَ کي جن ليکڪن، برک شاعرن ۽ دوستن ڀيٽا ڏني اُهي هي آهن صدارت سندن فرزند جناب سليم حيدري.​
561770_4379770013226_2000027377_n.jpg
2. جناب امداد حُسيني.
3. جناب بدر اُڄڻ
4. جناب عبدالغفار تبسم
5. جناب بيدل مسرور
6. جناب ڊاڪٽر ايوب شيخ
7. جناب فتح مُحمد برفت (چيئرمين سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ ڪراچي يونيورسٽي
8. جناب ڪامريڊ سجاد ظهير
9. جناب آفاق ڀٽي
10. جناب منظور اُڄڻ سنڌي ادبي سنگت گمبٽ
11.جناب عابد اظهر
12. ڪمپيئرنگ ڪئي جناب رکيل مورائي
13. فوٽوگرافي ڪوريج ڏني جناب اسد چانڊيو (پي آءِ اي)
14. ڪئمرا رڪارڊنگ جناب انيس انصاري
merako-jpg.578

شمشير الحيدريءَ سان عقيدت ۽ مُحبت ڪندڙن دوستن کي اپيل آهي ته پسند ڪرڻ سان پنهنجا ڪامينٽس ڏئي کيس ڀيٽا ضرور ڏين ته جيئن اسانجي هيءَ ڪوريج جيڪا پوري دُنيا جي سنڌين تائين وڃي ٿي کين خبر پئي ته اسان پنهنجي ليجنڊس جو ڪيترو مان رکون ٿا۔

images
(ادار) ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن، ريسرچ سينٽر (نيو سعيد آباد) سنڌ ۽ اُن جي ٿنڪ ٽيم. (سنڏي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن(ساوا).
190064_4379830894748_906591821_n.jpg

  1. شمشير الحيدريءَ سان عقيدت ۽ مُحبت ڪندڙن دوستن کي اپيل آهي ته پسند ڪرڻ سان پنهنجا ڪامينٽس ڏئي کيس ڀيٽا ضرور ڏين ته جيئن اسانجي هيءَ ڪوريج جيڪا پوري دُنيا جي سنڌين تائين وڃي ٿي کين خبر پئي ته اسان پنهنجي ليجنڊس جو ڪيترو مان رکون ٿا (ادار) ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن، ريسرچ سينٽر (نيو سعيد آباد) سنڌ ۽ اُن جي ٿنڪ ٽيم. (سنڏي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن(ساوا).
 
شمشير الحيدري لا

ويئُون پَٻِ پَـئِي، کيرُون کاھوڙِيُن جُون؛
آئُون تن ڏوٿِيُنِ جو، پُڇان پيرُ، پَھِي!
رُڃُنِ راتِ رَھِي، ڏُونگَر جَنِين ڏورِيا.
 
انيس انصاري اڪيڊمي جو سرواڻ سائين اسحاق انصاري سدائين ادبي پروگرام ڪرڻ ۾ اڳرو رهندو آهي۔ مونکي ياد آهي ته سائين شمشير پنهنجو آخري نظم به انيس انصاري اڪيڊمي پاران ڪرايل مچ مشاعري ۾ پڙهيو هو۔ مونکي پڻ هن پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻو هو پر طبيعت جي خرابي سبب اچي نه سگهيس۔

شمشير سنڌي ادب جو وڏو نالو، هو سنڌ کي سدا ياد رهندو۔ مهربانيون هي رپورٽ اسان تائين پهچائڻ جون۔
 
دُنيا جا ٽي ڪروڙ سنڌيت جي دعويٰ ڪندڙ الائي ڪيڏانهن غائب ٿي ويا آهن جو پنهنجي مهان شاعر، ليکڪ ۽ مُحقق شمشير الحيدريءَ کي چند لفظن جي هن ڪامينٽس باڪس ۾ ڀيٽا ڏيڻ کان ڪيٻائين پيا. ٽن ڪروڙن مان ٽن ماڻهن جي ڀيٽا تي پوري سنڌي قوم جو سر ڇو نٿو جهُڪ
ي ۽ قول ۽ فعل جي هن تضاد کي ڇا چئجي. شمشير جيئرو هو يا اسپتال جي بيڊ تي هو ته هو پنهنجون ڪئمرائون کڻي پنهنجي يا شمشير جي شهُرت لاءِ يا اخبارن ۾ نمايان ٿيڻ لاءِ ته آيا هُئا پر ٻه سيڪنڊ هن ڪامينٽس باڪس ۾ ڀيٽا ڏئي دُنيا کي نٿا ٻُڌائڻ چاهين. اخر ڇو؟
 
مُحترم امداحُسيني پنهنجي پُراڻي يار کي الودائي ڀيٽا ڏئي رهيو آهي ڪمپيئر جناب رکيل مورائي ڀيٽا ٻُڌندي
195846_3335118149300_269121602_n.jpg
 
مُحترم عبدالغفار تبسم پنهنجي پُراڻي يار کي الودائي ڀيٽا ڏئي رهيو آهي پويان شمشير الحيدري جو فرزند سليم حيدري ۽ گڏ ڪمپيئر جناب رکيل مورائي ڀيٽا ٻُڌندي
549624_3335095068723_1951994130_n.jpg
 
304925_3335005466483_162356267_n.jpg

تعزيتي ميڙاڪي ۾ شامل سنڌ جا برک اديب، شاعر، ليکڪ، مُنتظم، ڪمپيئر شمشير حيدري جي فرزند سليم حيدري سان ميڙاڪي ۾ ڀيٽا ڏيڻ کان پهرئين۔
 
سنڌي ميڊيا (ساليوُوڊ)، سنڌي آرٽسٽس ويلفيئير ايسوسيئيشن (ساوا) ۽ ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ريسرچ سينٽر (نيوسعيدآباد) جو چيف ، ايڪٽر، ڊراما رائيٽر ۽ فري لانس ڊائريڪٽر انٽرٽينمينٽ عبدالرزاق ميمڻ انيس اڪيڊمي ڪراچي جي مُنتظم جناب اسحاق انصاري سان ميڙاڪي ۾
386905_3334992866168_2134008785_n.jpg
 
304524_3334988106049_1664729476_n.jpg

جناب بدر اُڄڻ ميڙاڪي جي شروعات ۾ ليپ ٽاپ تان شمشيرالحيدري جي آخري مچ تي شاعري ٻُڌي رهيا آهن ۽
 
هي پڪچر به تمام بهترين ۽ توهان جا پروگرام به مولا اوهان کي خوش رکي اسان نوان آهيون ان لا اڃان ته ڳالهه سمجهه ۾ گهٽ پئي اچي
 
Back
Top