• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن پروجيڪٽ

ادا رحيم بخش ۔ توهان هڪ تمام افضل ڪم ڪري رهيا آهيو۔ الله پاڪ اوهان کي ان ۾ ڪاميابي عطا فرمائيندو۔اسان جون دعائون اوهان سان گڏ آهن۔ ادا اسان جي خيال ۾ توهان جو پروجيڪٽ ته ڪافي ٽائيم وٺيندو تڪميل ٿيڻ ۾ ۽ ان کي بار بار آپ لوڊ به ڪرڻو پوندو۔اسان ڪمپويتر جا ايترا ماهر نه آهيون جو اسان ان سلسلي ۾ اوهان جي مدد ڪري سگهون ۔ هاء باقي اسان لاء جيڪڏهن ڪو ٻيو ڪم ان ڏس ۾ هجي ته ضرور ٻڌائيندا۔
ڀيڻ ڪم ته بالڪل ڪافي ٽائيم وٺندو ان ۾ توهان جي دعائن جي به ضرورت آهي ۔ ڪافي دوستن مالي جاني مدد به ڪئي آهي ليڪن اڃا ڪافي ڪم رهيل آهي ان ڪري بار بار سڀني ڀائرن ڀينرن کي اها اپيل ڪري رهيا آهيون ته پهريون مرحلو ڪمپوزنگ جو آهي جيڪڏهن ڪو به ڀا يا ڀيڻ مناسب معاوضي سان هن نيڪ ڪم ۾ اسان جي معاونت ڪري ته سندن احسان ٿيندو۔ ڇو ته هڪ يا ٻن جي بجاء 10 ڄڻا ڪم ڪندا ته اهو ڪم جلدي مڪمل ٿي پوندو۔
 
ادا رحيم بخش ۔ توهان هڪ تمام افضل ڪم ڪري رهيا آهيو۔ الله پاڪ اوهان کي ان ۾ ڪاميابي عطا فرمائيندو۔اسان جون دعائون اوهان سان گڏ آهن۔ ادا اسان جي خيال ۾ توهان جو پروجيڪٽ ته ڪافي ٽائيم وٺيندو تڪميل ٿيڻ ۾ ۽ ان کي بار بار آپ لوڊ به ڪرڻو پوندو۔اسان ڪمپويتر جا ايترا ماهر نه آهيون جو اسان ان سلسلي ۾ اوهان جي مدد ڪري سگهون ۔ هاء باقي اسان لاء جيڪڏهن ڪو ٻيو ڪم ان ڏس ۾ هجي ته ضرور ٻڌائيندا۔

اوهان مالي معاونت ڪري سگهو ٿا، جيڪا وس آهر بهتر سمجهو، ان جو طريقار به هن ئي موضوع ۾ شامل آهي۔ لک شابسون ۔ الله پاڪ اوهان جون نيڪ خواهشات پوريون ڪري۔ آمين
 
جن دوستن کي هن پراجيڪٽ ۾ ڪجهه مواد لکڻ لا ڏنو ويو آهي انهن پيارن کي عرض آهي ته مهرباني ڪري ان ڪم کي جاري رکندا ۽ پراگريس به ٻڌائيندا رهندا ته جيئن دوستن کي آگاهي ملندي رهي۔
 
سائين رحيم بخش جن جي مهرباني ۔۔۔ جن دوستن سان هن پروجيڪٽ بابت تفصيلي ويچار ونڊيا ۽ صلاحون ورتيون۔۔۔
جيئن ته هي پروجيڪٽ وقت ۽ پيسو گهرندڙ آهي ۔۔۔ ان ڪري هن موضوع کي لڳاتار اپڊيٽ رکڻ ۽ پروجيڪٽ جي مرحلن کي دوستن اڳيان پيش ڪرڻ ضروري رهندو۔۔۔
خالص نيڪ نيتي تي مشتمل هن پروجيڪٽ جو انچارج محترم رحيم بخش جن پاڻ ئي آهن۔۔۔ جڏهن ته سنڌ سلامت جا سمورا رڪن کين جا سهڪاري آهن۔۔
اميد ته دوستن جي تعاون سان بظاهر مشڪل نظر ايندڙ هي پروجيڪٽ نيٺ مڪمل ٿيندو۔۔۔
دوستن کي درخواست آهي ته هن پروجيڪٽ ۾ جهڙي به طرح مدد ڪري سگهن۔۔ مدد ڪن۔۔۔ يعني هن پروجيڪٽ ۾ رقم سان گڏو گڏ هيٺين طريقن سان به مدد ڪري سگهجي ٿي۔۔۔
  • ترجمي ۽ تفسير جي پرنٽ ڪڍڻ لاءِ اي فور سائيز جي پيپر جو خريد ڪري ڏيڻ۔۔۔
  • ترجمي ۽ تفسير جي ڪجهه حصن جي پرنٽ ڪڍي ڏيڻ۔۔۔
  • پاڻ يا ڪنهن عزيز کان ترجمي ۽ تفسير جي ڪجهه حصي کي ٽائيپ ڪرائي ڏيڻ۔۔۔
  • پروفيشنل ڪمپوزر سان رعايتي اگهن سان ٽائيپنگ طئي ڪرائي ڏيڻ۔۔۔
  • يا ان کانسواءِ جنهن طرح سان به دوستن هن نيڪ ڪم ۾ حصو اٽڪائي سگهن ۔۔۔
چوندا آهن ته اگهي ته پاء نه ته مڻن کي موٽ۔۔۔ سو دوستو هن دنيا ۾ ڪيل توهان جي هي نيڪي جي اگهي وئي ته دنيا ته دنيا آخرت به سنورجي ويندي۔۔۔


جن دوستن هن نيڪ ڪم ۾ حصو اٽڪائڻ چاهيو آهي انهن کي ترت طريقو ڪچهري ۾ موڪليو ويندو۔۔۔
سائين رحيم بخش جن کي عرض آهي ته سهڪار ڪندڙن دوستن ڏانهن پنهنجا بينڪ اڪائونٽ ۽ موبائيل نمبر شناختي ڪارڊ نمبر سان ڪچهري ۾ موڪلين ته جيئن دوست پنهنجي سهولت آهر پيسا موڪلي سگهن ۔۔۔ ان سلسلي ۾ منهنجا به ٽن بينڪن ۾ کاتا موجود آهن جيڪي توهان کي ڪچهري ۾ موڪليندس ته جيئن دوست گهٽ خرچ سان پنهنجو تعاون توهان تائين پهچائي سگهن۔۔۔
مان پنهنجي طرفان به هن نيڪ ڪم ۾ 5000 شامل ڪريان ٿو۔۔
سائين توهان جي مهرباني جو توهان دوستن جي رهنمائي ڪئي جن دوستن مٿي آفر پيش ڪئي آهي انهن کي ۽ ٻين کي ڪچهري ۾ شامل ڪري ڪچهر يء جو هڪ گروپ ٺاهيو ته جيئن ان ڪم کي جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي جلد شروع ڪري سگهجي۔
جيئن ته توهان جي صلاح سان جن دوستن جو ڪنهن ڪمپوزر سان واسطو آهي ته اهو ان سان رعايت طور اگهه طئه ڪري اسان کي ٻڌائي ته ان سان رابطو ڪري ڪم کي باقاعده شروع ڪري سگهجي۔
ا له ابا د ڪندا
نيا ز مگسي نواب سا ه
 
سنڌ سلامت طرفان هي بهترين پروجيڪٽ آهي، هن ڪار خير ۾ سڀني دوستن کي وس آهر حصو وٺڻ کپي. اوهان ڊونيشن لاءِ ڪهڙو طريقو رکيو آهي، مهرباني ڪري مون کي موڪليندا.
 
سنڌ سلامت طرفان هي بهترين پروجيڪٽ آهي، هن ڪار خير ۾ سڀني دوستن کي وس آهر حصو وٺڻ کپي. اوهان ڊونيشن لاءِ ڪهڙو طريقو رکيو آهي، مهرباني ڪري مون کي موڪليندا.
محترم ڀاء شبير ساگر اگر اوهان طريقو معلوم ڪرڻ چاهيو ٿا ته هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري معلوم ڪري سگهو ٿا۔
ادا اوهان هتي ڪلڪ ڪريو سڀ طريقا موجود آهن۔
 
هن ڪار خير لاء اسان جي نهايت محترم مانَ واري سائين حاجي منير احمد جن پڻ 2000 هزار روپيه موڪليا آهن۔ الله تعالي کين عمر دراز عطا فرمائي ۽ کين صحت و عافيت نصيب فرمائي۔
 
اسلام عليڪم ادا
ادا سائين دبئي مان هن خير جي ڪم ۾ ڪينءَ حصو وٺي سگھجي ٿو
ادا دبئي مان اوهان هن ڪم ۾ بالڪل آساني سان حصو وٺي سگهو ٿا پهريان اوهان ٻڌايو ته اوهان ڪهڙي نموني هن ڪم ۾ شريڪ ٿيڻ چاهيو ٿا اگر توهان سنڌي ۾ ڪمپوزنگ ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهان کي جيترا پيج چئو اهي اِي ميل ذريعي موڪلي ڏيون اگر توهان ڊونيشن وغيره ڏيڻ چاهيو ٿا ته ان لاءَ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري طريقو معلوم ڪري سگهو ٿا۔

ادا اوهان هتي ڪلڪ ڪريو سڀ طريقا موجود آهن۔
 
تمام سٺو اللۡه پاڪ توهان کي اڃان به وڌيڪ همٿ ۽ سگهه ڏي۔ منهنجي پاران 500 روپيه توهان تائين ڪيئن موڪلجن۔ مهرباني ڪري ضرور ٻڌائيندو۔
سائين رحيم بخش جن جي مهرباني ۔۔۔ جن دوستن سان هن پروجيڪٽ بابت تفصيلي ويچار ونڊيا ۽ صلاحون ورتيون۔۔۔
جيئن ته هي پروجيڪٽ وقت ۽ پيسو گهرندڙ آهي ۔۔۔ ان ڪري هن موضوع کي لڳاتار اپڊيٽ رکڻ ۽ پروجيڪٽ جي مرحلن کي دوستن اڳيان پيش ڪرڻ ضروري رهندو۔۔۔
خالص نيڪ نيتي تي مشتمل هن پروجيڪٽ جو انچارج محترم رحيم بخش جن پاڻ ئي آهن۔۔۔ جڏهن ته سنڌ سلامت جا سمورا رڪن کين جا سهڪاري آهن۔۔
اميد ته دوستن جي تعاون سان بظاهر مشڪل نظر ايندڙ هي پروجيڪٽ نيٺ مڪمل ٿيندو۔۔۔
دوستن کي درخواست آهي ته هن پروجيڪٽ ۾ جهڙي به طرح مدد ڪري سگهن۔۔ مدد ڪن۔۔۔ يعني هن پروجيڪٽ ۾ رقم سان گڏو گڏ هيٺين طريقن سان به مدد ڪري سگهجي ٿي۔۔۔
  • ترجمي ۽ تفسير جي پرنٽ ڪڍڻ لاءِ اي فور سائيز جي پيپر جو خريد ڪري ڏيڻ۔۔۔
  • ترجمي ۽ تفسير جي ڪجهه حصن جي پرنٽ ڪڍي ڏيڻ۔۔۔
  • پاڻ يا ڪنهن عزيز کان ترجمي ۽ تفسير جي ڪجهه حصي کي ٽائيپ ڪرائي ڏيڻ۔۔۔
  • پروفيشنل ڪمپوزر سان رعايتي اگهن سان ٽائيپنگ طئي ڪرائي ڏيڻ۔۔۔
  • يا ان کانسواءِ جنهن طرح سان به دوستن هن نيڪ ڪم ۾ حصو اٽڪائي سگهن ۔۔۔
چوندا آهن ته اگهي ته پاء نه ته مڻن کي موٽ۔۔۔ سو دوستو هن دنيا ۾ ڪيل توهان جي هي نيڪي جي اگهي وئي ته دنيا ته دنيا آخرت به سنورجي ويندي۔۔۔


جن دوستن هن نيڪ ڪم ۾ حصو اٽڪائڻ چاهيو آهي انهن کي ترت طريقو ڪچهري ۾ موڪليو ويندو۔۔۔
سائين رحيم بخش جن کي عرض آهي ته سهڪار ڪندڙن دوستن ڏانهن پنهنجا بينڪ اڪائونٽ ۽ موبائيل نمبر شناختي ڪارڊ نمبر سان ڪچهري ۾ موڪلين ته جيئن دوست پنهنجي سهولت آهر پيسا موڪلي سگهن ۔۔۔ ان سلسلي ۾ منهنجا به ٽن بينڪن ۾ کاتا موجود آهن جيڪي توهان کي ڪچهري ۾ موڪليندس ته جيئن دوست گهٽ خرچ سان پنهنجو تعاون توهان تائين پهچائي سگهن۔۔۔
مان پنهنجي طرفان به هن نيڪ ڪم ۾ 5000 شامل ڪريان ٿو۔۔
سائين توهان جي مهرباني جو توهان دوستن جي رهنمائي ڪئي جن دوستن مٿي آفر پيش ڪئي آهي انهن کي ۽ ٻين کي ڪچهري ۾ شامل ڪري ڪچهر يء جو هڪ گروپ ٺاهيو ته جيئن ان ڪم کي جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي جلد شروع ڪري سگهجي۔
جيئن ته توهان جي صلاح سان جن دوستن جو ڪنهن ڪمپوزر سان واسطو آهي ته اهو ان سان رعايت طور اگهه طئه ڪري اسان کي ٻڌائي ته ان سان رابطو ڪري ڪم کي باقاعده شروع ڪري سگهجي۔


اسانکي تمام خوشي ٿي آهي جو هي سنڌي فيس بوڪ توهان شروع ڪيو آهي خاص ڪري قرآن ڪريم جي پروجيڪٽ لاءِ توهان کيرون لهڻيون حسب حال منهنجي طرفان 5000 پنج هزاروپيه ڊونيشن طور قبول ڪندا انشاءَالله جلد توهانکي ملي ويندا آطر ۾ سائين رحيم بخش ڏاهري صاحب ۽ سڀني دوستن کي لک،لک واڌايون الله جل جلاله هن قوم کي ساڃه ڏئي زندگي رهي انشاالله وري هن سنڌي فيس بوڪ تي ئي ملاقات ٿيندي رهندي
 
ada pehrin t sibni sindhin khe muhnje tarfa lakh lakh mubarakoon jo jo asan je baherin ehdi side jo aaghaz kyo aahe aen munjin tarfa sindhsalamat ji teem khe wadi wadi mehrbani chawan tho aein sibhni dostan khe iltja kinds t wadh men wadh shirqat kin t jein hie side ziyada menziyada kamiyab thie(aamin) sindh salamat sindhi salamat sindhi topi ajark
salamat sada۔
ادا پهريائين ته سڀني سنڌين کي منهنجي طرفان لک لک مبارڪون جو اسان جي ڀائرن اهڙي سائيٽ جو آغاز ڪيو آهي ۽ منهنجي طرفان سنڌ سلامت جي ٽيم کي وڏي وڏي مهرباني چوان ٿو ۽ سڀني دوستن کي التجا ڪندس ته وڌ ۾ وڌ شرڪت ڪن ته جيئن هي سائيٽ زياده کان زياده ڪامياب ٿئي آمين۔ سنڌ سلامت سنڌي سلامت سنڌي ٽوپي اجرڪ سلامت سدا سلامت هجن۔
محترم محمد اقبال ٿهيم پيارا اوهان کي هن پيار ڀرئي فورم تي ڀلي ڪار چئون ٿا اوهان کي نئين هجڻ جي ڪري ڪجهه لکڻ ۾ دشواري محسوس ٿي رهي آهي ليڪن اگر توهان ٿوري ڪوشش ڪندا ته انشآء الله جلد سنڌي لکڻ توهان لاءِ آسان ٿي پوندو مٿي مون ڪوشش ڪئي آهي ته توهان جي تحرير کي سنڌي ۾ لکان اگر ڪا ڪوتاهي رهجي وئي هجي ته معذرت اميد ته آئنده سنڌي ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪندا سدا سلامت هجو۔
 
ادا اهو نيڪ ڪم ڪيتري تائين پهتو۔
آگاه ڪندا۔
مان ان نيڪ ڪم لا ڪمپوزنگ ڪرڻ چاهيان ٿو۔
سائين توهان جي وڏي مهرباني جو توهان هن ڪم ۾ حصو وٺڻ چاهيو ٿا اوهان پنهنجي اي ميل موڪلي ڏيو ته توهان ڏي ڪمپوزنگ لاء مواد موڪلي ڏجي ڪم ٻه ٽهايون ٿي ويو آهي اڃا هڪ ٽهائي ڪم رهي ٿو انشآء الله توهان دوستن جي تعاون سان اهو به عنقريب مڪمل ٿي ويندو۔
 
ادا سائين مواد بالڪل مليو آهي،
مان انشا الله سڀاڻي ئي پرنٽ ڪري ڪمپوز ڪرڻ ٿو شروع ڪريان۔
ادا منهنجي ڪمپيوٽر پرنٽر ٺاهڻ جي دوڪان آهي گهوٽڪي ۾، اگر پرنٽنگ ڪرڻي هجي ته مان پرنٽنگ به ڪري ڏيندس، نيڪي طور، ڪوئي پئسا ڪو نه وٺندس۔
نيڪي ڪرڻ جو موقعو ضرور ڏيندا، رمضان مبارڪ ۾ ته هڪ جون ستر نيڪيون ملنديون، اهڙو فائدي وارو سودو الله جي ذات کان سوا ٻيو ڪير ڏيندو۔
 
Back
Top