سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن پروجيڪٽ محترم سائين رحيم بخش صاحب ۽ ڊجيٽل قرآن پراجيڪٽ لا ڪم ڪندڙ دوستو اسلام عليڪم، سائين، سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن پراجيڪٽ بابت تازي ڪارڪردگي کان آگاهي ڏيو، مهرباني۔ الله اوهان جو مددگار:. اوهان جو خيرانديش ۽ دعاگو ڊاڪٽر محمد اسلم عباسي
گذريل ٻن مهينن کان محترم سائين رحيم بخش جن جي طبيعت ناساز آهي.. ڊاڪٽر صاحب کين ڪمپيوٽر تي ويهڻ کان منع ڪيو آهي... گذريل موڪلن دوران سائين جن سان ملاقات ٿي ته ڪجهه بهتري نظر آئي اميد ته ترت ئي فعال ٿي ڪردار نڀائيندا... باقي جيتري قدر پروجيڪٽ تي ڪم جو سوال آهي ته سندن آخري جواب کان پوءِ مون تائين هڪ وڌيڪ جلد جا 300 پيجز لکجي پهتا آهن جيڪي سائين رحيم بخش ڏانهن اي ميل ڪري چڪو آهيان...
سائين منهنجا منهنجي طبيعت اڃا مڪمل صحيح نه ٿي آهي الله تعالي جي در التجا آهي ته پاڻ ڪريم پنهنجي ڪرم سان مون کي ۽ سڀني مسلمان ڀائرن کي صحت و عافيت عطا فرمائي. ڪي دوست پروف ريڊنگ ۾ هٿ ونڊرائين ته سندن احسان ٿيندو. جو اهو ڪم به وقت طلب آهي جيڪي جُلد مڪمل ٿيا آهن انهن جي پروف ريڊنگ ٿي وڃي ته تمام بهتر ٿيندو.
صاحب ڏج شفا، ميان مريضن کي. آمين محترم سائين رحيم بخش صاحب اسلام عليڪم، سائين، الله رب العالمين ۽ طبيب المرائض جي در التجا آهي ته اوهان کي صحت نصيب ڪري، آمين. سدائين گڏ. الله اوهان جو شافع ۽ مددگار اوهان جو خيرانديش ۽ دعاگو ڊاڪٽر محمد اسلم عباسي
سنڌي ۾ قرآن پاڪ جو ڊجيٽل سافٽويئر ٺاهڻ لا سڀني دوستن مدد ڪئي سڀني پيارن جي مهرباني. ڪمپوزنگ جو مرحلو تقريبا تڪميل کي پهتو هاڻي پروف ريڊنگ جو مرحلو آهي ۽ ڊجيٽل سافٽويئر ٺهرائڻ جو مسئلو باقي رهيل آهي محترم ذيشان رشيد جن جي ڪراچي مان شفٽ ٿيڻ سبب ان ڪم ۾ تاخير ٿي رهي آهي اميد ته سندن جلد ڪراچي واپسي ٿيندي ۽ هن ڪم کي تڪميل تائين پهچائيندا. جيستائين سافٽويئر تي ڪم ٿئي تيستائين هن عاجز 20 سورتن جو ترجمو تفسير هن ننڍڙي سافٽويئر ۾ سيٽ ڪيو آهي اميد ته دوستن کي پسند ايندو. سافٽوئير هلائڻ کان پهريان فولڊر کي ان زپ ڪري فولڊر ۾ موجود فانٽ ضرور انسٽال ڪندا. سافٽوئير ڊائون لوڊ ڪرڻ جي لنڪ آهي.
سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن پروجيڪٽ محترم سائين رحيم بخش صاحب ۽ ڊجيٽل قرآن پراجيڪٽ لا ڪم ڪندڙ دوستو اسلام عليڪم، سائين، سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن پراجيڪٽ بابت تازي ڪارڪردگي کان آگاهي ڏيو، مهرباني۔ الله اوهان جو مددگار:. اوهان جو خيرانديش ۽ دعاگو ڊاڪٽر محمد اسلم عباسي
سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن پراجيڪٽ اسلام عليڪم، سائين، سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن متعلق تازي ڪاڪردگي کان آگاه ڪريو. مهرباني. ساٿ هـلـندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي، نـــوجـــوان ســاٿـيو، ســـنڌ جـا وارثو! اوهان جو خير انديش: ڊاڪٽر محمد اسلم عباسي.
ان سلسلي ۾ سائين رحيم بخش جن اڪيلي سر ڊيٽا کي ڊيٽا بيس ۾ منتقل ڪري رهيا آهن... سندن طبيعت گهڻو ڪمپيوٽر تي ويهڻ کان کين روڪي رهي آهي اهو ئي سبب آهي جو ڪم جي رفتار بهتر ناهي... ان سلسلي ۾ ڪنهن ڊيٽابيس ڄاڻو والنٽيئر جي ڳولا پڻ جاري آهي..
الله پاڪ توهان جي نيڪي کي قبول فرمائي...گهربل رقم حاصل ٿي چڪي آهي... وڌيڪ سائين رحيم بخش جن ئي ڪجهه ٻڌائي سگهن ٿا..
سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن پراجيڪٽ اسلام عليڪم، سائين، سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن متعلق تازي ڪاڪردگي کان آگاه ڪريو. مهرباني. ساٿ هـلـندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي، نـــوجـــوان ســاٿـيو، ســـنڌ جـا وارثو! اوهان جو خير انديش: ڊاڪٽر محمد اسلم عباسي.
سنڌ سلامت قرآن پروجيڪٽ ۾ هن وقت تائين 5 سنڌي ترجما شامل ٿي چڪا آهن... مولانا محمد ادريس ڏاهري جو جامع ترجمو ڪمپوز ٿي چڪو آهي جنهن جي پروف ريڊنگ جاري آهي .. اميد آهي ته جلد ان کي به شامل ڪيو ويندو.. جڏهن ته وڌيڪ ٻن ترجمن جن ۾ مولانا سڄڻ سائين جو ترجمو به شامل آهي پڻ پروجيڪٽ ۾ شامل ڪيو ويندو.. تفصيل لاءِ هيٺين لنڪ جو ڦيرو ڀريو.. مهرباني http://quran.sindhsalamat.com
سڀني دوستن کي آگاهي ڏجي ٿي ته تفسير احسن البيان جو ڪم هن عاجز ۽ دوستن جي مدد سان ڪمپوزنگ ۽ پروف ريڊنگ وارو مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي باقي سافٽويئر ۾ اپڊيٽ ڪرڻ لاء دوست ڪم ڪري رهيا آهن انشآء الله جلد از جلد هي ڪم مڪمل ٿي ويندو.
گهڻو وقت فورم تي حاضري نه رهي جو تفسير جي ڪم ۾ مشغول هيس روزانه صبح جو 5 بجه کان 7:30 بجه تائين تفسير جي ڪم ڪندو رهيس ماشآء الله الله تعالي جي فضل سان نيٺ ڪم مڪمل ٿيو ليڪن ان جي باوجود ڪٿي ڪٿي غلطيون رهجي ويون هونديون جو پروف ريڊنگ جي ماهرن کي ان ڪم جي اهنجائي جو مڪمل تجربو هوندو دوستن کي اپيل آهي ته جڏهن به ڪا غلطي ڏسن ته ٽيم ورڪ کي ان جو اطلاع ڏين ته جيئن ان کي درست ڪري سگهجي.
سائين لک قرب مونکي اندازو آھي تہ پروف ۽ ڪمپوزنگ جو ڪم ڪيڏو ڏکيو ۽ پيچيدہ آھي، ڇو تہ منھنجو بہ روز ڪتابن سان ئي ڪم آھي. تمام گھڻي خوشي ٿي تہ ھي نيڪ ڪم مڪمل ٿيو. جلد ٻئي مرحلي کي مڪمل ڪري تفسير دوستن اڳيان آڻينداسين. سدا سلامت ھجو