سائين پرنٽنگ جي سلسلي ۾ عرض ته ڪافي دوست ڊائريڪٽ پي ڊي ايف فائيل تان ڪم هلائي رهيا آهن ڪي دوست وري پرنٽنگ تان ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن ليڪن هن وقت تائين اڃا ڪنهن ان جي گهر نه ڪئي آهي اگر ڪو دوست طلب ڪري ته اطلاع ڏيندا ته پو سائين جن کي پرنٽنگ لا عرض ڪجي۔
سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن پروجيڪٽ اسلام عليڪم محترم سائين سنڌ سلامت قرآن پراجيڪٽ بابت تازي ڪارڪردگي کان آگاهي ڏيو، مهرباني۔ اوهان جو خيرانديش ڊاڪٽر محمد اسلم عباسي
سائين پيارا ڪافي ڏينهن کان ڪم ٿورو سست رفتار هلي رهيو آهي ان جي باوجود ڪافي ڪم ٿي ويو آهي ليڪن جلد ستون جيڪو سائين محمد سارنگ جن جي حوالي ڪيل آهي انهن وٽ اڃا ڪافي ڪم رهيل آهي جلد2 ، 4 ،5 مڪمل ٿي چڪا آهن جلد 6 ۽ 8 اڌ اڌ ٿي چڪا آهن جلد 1 ۽ ٽي تي ڪم هلي رهيو آهي اميد آهي ته دير سوير ٻيڙو پار ٿي ويندو۔ وڌيڪ الله تعالي مدد فرمائيندو۔
سائين رحيم بخش صاحب اسلام عليڪم سائين سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن پراجيڪٽ بابت تازي ڄاڻ ڏيڻ تي سرهائي ٿي۔الله مدد، آمين۔ ساٿ سلامت، سنڌ سلامت۔ اوهان جي صحت لا دعاگو: ڊاڪٽر محمد اسلم عباسي
سائــيـــن ايـــتـــرو ڀــــلو ڪـــم ٿــــي رهــيـــو آهــــي ۽ ان ۾ اســــان شـــامـــل ٿـــيـــڻ کـــان رهـــجـــي ويــاســـيـــن تــه ســـاري زنــــدگي افـــســـوس رهـــنـــدو ( َقـــــرآن پــــاڪ جـــو ســـنــڌي تـــرجــمــو اوهــو انــٽــرنــيــٽ تــي ) مــــاشــا الله هـــن ڪــم جــو جــيــڪـــو بـــه بـــانـــي آهــي ان کـــي الله پــاڪ ان کـي اجـــر(ثـــواب ) ڏيــنـــدو اســـان بــه پـــنــهــنـــجــي طـــرفــان هــڪ هـــزار روپـــيه 1000 روپيه ڏــيــنــداســيــن ۔ ايڊمن صاحب ٻڌائين ته ڪئين موڪلبا مهرباني ٿيندي ۽ اسان به پنهنجي طرفان هڪ تـــــمــــــــــام نــنــڍڙي ڪــوشــش ڪـــئــي آهـــي ۽
جزاڪ الله ۔۔۔ هن پروجيڪٽ لاءِ ڪاٿيل رقم دوستن جي مهرباني سان اڳ ئي مڪمل ٿي چڪي آهي۔۔۔ پروجيڪٽ پنهنجي تڪميل جي مرحلن ۾ آهي۔۔۔ پروجيڪٽ جو ذميدار محترم رحيم بخش (03003040725) آهن توهان کين ڪال يا ميسيج ڪري وڌيڪ بهتر معلومات حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔۔
سائين منهنجا 2 ، 4 ، 5 ، 6 جلد تقريبا مڪمل ٿي چڪا آهن 1 ، 3 ، 7 ،8 جلد انهن تي ڪم هلي رهيو آهي اميد ته انشآء الله جلدي اهو ڪم مڪمل ٿيندو ليڪن ڪم ۾ ڪجهه سستي آهي جو ڪمپوزنگ لاء دوست گهٽ ٿا ملن خير الله تعالى مدد فرمائيندو ته انشآء الله نيٺ وڃي پار پهچبو۔
انشا الله ادا۔ انسان جي وس ۾ ڪجهه ناهي، اهو الله ئي آهي جو اسان کان ڪو ڪم وٺي ٿو، الله جي اوهان تي خاص عنايت آهي جو اهڙو نيڪ ۽ نيڪ جاريه ڪم اوهان کان ٿو وٺي۔ سچ پڇو ته اوهان جي نصيب تي رشڪ ٿو ٿئي۔ ادا ان ڪم کي اسپيشلي ايپل جي ميڪ ۽ ايپل جي آئي او ايس لا به ڊولپ ڪرائجو۔ اهو وڏو ڪم ٿيندو جو هن وقت اهو پليٽ فارم جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ گهٽ آهي پر ٻاهرين ملڪن ۾ عام آهي۔ ٻي نمبر تي اينڊرائيڊ آهي۔ ان لا به ڪجهه ڪجو۔ دعائن ۾ ياد رکجو۔ شل الله اوهان کي اهڙين ٻين کوڙ سارين نيڪين ڪرڻ جي توفيق ڏئي۔
ادا توهان جي ڪيل ڪاوشن کي جس هجي ۽ ادا مان به ان ڪم لا جيڪابه ٿي سًگھي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ ۾ اوهان جو ساٿ ڏيڻ لا تيار آهيان،توهان مواد موڪليو مونکي به ڏاڍي خوشي ٿيندي۔۔۔
جزاڪ الله۔۔۔ سائين منهنجا سنڌ سلامت تي ڀليڪار۔۔۔ قرآن پاڪ جي سنڌي ترجمي ۽ تفسير کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ واري پروجيڪٽ جو روحِ روان محترم سائين رحيم بخش صاحب جن آهن۔۔۔ توهان کين ذاتي ڪچهري به موڪلي سگهو ٿا يا وري سندن نمبر تي رابطو پڻ ڪري سگهو ٿا۔۔۔ سندن نمبر 03003040725 آهي۔۔۔
محترم سائين عبدالعزيز پيارا سڀ کان پهريان توهان کي اسان پنهنجي هن سنڌي ڀائرن جي سٿ ۾ شامل ٿيڻ تي اوهان کي ڀليڪار چئون ٿا اميد ته توهان جهڙن پيارن سان اسان جي ساٿ کي مزيد قوت حاصل ٿيندي، اگر توهان ڪمپوزنگ ۾ اسان جي مدد ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهان پنهنجي اي ميل موڪليندا ته جيئن توهان ڏي ڪجهه مواد ڪمپوزنگ لاء موڪلي سگهجي ۔ ڦڙو ڦڙو تلاء وانگر جيڪڏهن توهان جهڙا پيارا اسان سان ساٿ ۾ هوندا ته اميد آهي ته جلد اسان پنهنجي منزل مقصود حاصل ڪري وٺنداسين۔
محترم سائين رحيم بخش صاحب ۽ قرآن پراجيڪٽ لا ڪم ڪندڙ دوستو اسلام عليڪم، سائين سنڌ سلامت قرآن پراجيڪٽ بابت تازي ڪارڪردگي کان آگاهي ڏيو، مهرباني۔ اوهان جو خيرانديش ۽ دعاگو ڊاڪٽر محمد اسلم عباسي
سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن پروجيڪٽ محترم سائين رحيم بخش صاحب ۽ ڊجيٽل قرآن پراجيڪٽ لا ڪم ڪندڙ دوستو اسلام عليڪم، سائين، سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن پراجيڪٽ بابت تازي ڪارڪردگي کان آگاهي ڏيو، مهرباني۔ اوهان جو خيرانديش ۽ دعاگو ڊاڪٽر محمد اسلم عباسي