• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت گڏجاڻي

سائين لک قرب اصل دل خوش ٿي وئي سڀني دوستن کي ڏسي ، شال الله پاڪ سڀني کي سدا سلامت رکي ، سڀني کي مبارڪون ، اهي محبتون قائم رهنديون ان شا الله
 
ادا سليمان وساڻ صاحب اسلام عليڪم۔ ان محفل ۾ هميشه وانگر اوهان جي شموليت اسان سڀني لاء تمام گهڻي قيمتي هئي۔ توهان پنهنجي پيار ڀرئي ويچارين جي ذريعي اسان کي هن محبتي اڳڻ جي ٻين ادبي حلقن ۾ اهميت جو ٻڌائي سچ مچ ته اسان جي دلين ۾ خوشي جي لهر پيدا ڪري ڇڏي۔ هر موضوع تي اوهان جي رهنمائي ڀري گفتگو ٻڌي اسان ته گهڻو ڪجه پرايوسين۔
ادا ذيشان رشيد هميشه وانگر هن فورم کي وڌيڪ خوبصورت ۽ مشهور بنائڻ لاء مختلف قسمن جون ڪوششون جيڪي هو ان سلسلي ۾ ڪري رهيا جو ذڪر ڪري هڪ محنتي ،هڏ ڏوکي ۽ وڏي جو ڪردار ادا ڪيو۔ هون ته هن قسم جي پروگرامن ۾ ٻين موضوعن تي گهڻو ڳالهيو ويندو آهي پر ادا ذيشان جي هن اڳڻ جي باري ۾ گفتگو ايتري ته جامع ۽ معلومات سان ڀريل هئي جو اسان ان جي سحر اندر ڪنهن ٻئي موضوع ڏئي تو جه ئي نه ڏئي سگهياسين۔ ڪمپويٽر جي باري ۾ ڄاڻ ڏيندي هو ڪجه اهڙا ٽڪينڪل الفاظ استعمال ڪري رهيا هئي جو ايئن پيو لڳي ته ڪمپورٽر جي ٽڪينلاجي ايجاد ئي هنن ڪئي۔ان ۾ ڪنهن قسم جو ڪو شڪ نه آهي ته هو ڪمپوِٽر جي فليڊ ۾ تمام وڏي مهارت رکن ٿا۔
ان قسم جا ساڳيا تاثرات اسان جا محترم عامر ضياء جي لاء به آهن ۔جيڪي پنهنجي اهم مصروفيتن مان وقت ڪڍي دادو مان اچي هن گڏجاڻي ۾ شامل ٿئي ڪري ، اسان کي شرف ملاقات سان گڏ پنهنجي قيمتي رائين سان مستفيد ٿيڻ جو موقعو ڏنو۔

هڪ ڳاله جو اعتراف ڪندي اسان بلڪل به نه نه ڪٻائينداسين ته ادا نثار ابڙو پنهنجي دلچسپ ڳالهين سان سنجيده موضوع کي وڌيڪ دلچسپ بنائي اسان سڀني جي چپن تي مسڪهرائٽ پکيڙيندا رهيا۔ هنن جي شخصيت ۾ جيڪا خاص قسم جي ڪشش هئي ان محفل کي وڌيڪ خوبصورت بنائي ڇڏيو۔هر موضوع تي هنن جي معلومات تمام گهڻي هئي۔

ادا عبدا لحفيظ هم تن گوش ٿئي ڪري ادا ذيشان رشيد جون ڳالهيون پيا ٻڌن ،جڏهن اسان انهن جو ڦوٽو ڪڍڻ پيا چاهيون ته ٻه ٽي دفعا هنن کي مخاطب ڪرڻو پيو پوي۔ان مان توهان ان ڳاله جو بلڪل صحيحي اندازو لڳائي سگهوٿا ته هو ڪيڏو نه هن اڳڻ کي آسمان جي بلندي تائين ڏسڻ لاء آتسئا آهن۔ انهن جي انهي محبتن جي ڪري هنن هر ميمبر جي دل ۾ جڳه ٺاهي آهي۔ هڪ خشڪ سبجيڪٽ تي ريسرچ ڪندڙ انسان جي پياري ڀري دل ڏسڻ ٿا چاهيو ته ادا عبدالحفيظ کي ڏسو۔
ادا يونس ملڪاڻي جن سان اسانجي پهرين ملاقات هئي ،هو اسان کي سنجيده،بردبار ۽ ڪم گو سان گڏ ذهين انسان نظر آيا۔
سائين عرس پريو هميشه وانگر محفل ۾ پنهنجي گفتگو۽ صاف گوئي سان مسڪهرائٽون پکيڙيندا رهيا۔هو بلڪل به ادا ذيشان رشيد جي غلبي هيٺ نه هئا پر ٿئي سگهي ٿو ته اهو ڪنٽرول وارو داڳو اسان کي گهٽ روشني جي ڪري نظر نه آيو هجئي ۔(هههههه ههههههههه ) بهرحال هو دلچسپ شخصيت جا مالڪ آهن۔

ادا منظور عباسي پنهنجي خيالات هن ڪکائون اڳڻ جي باري ۾ تمام سٺن الفاظن ۾ ڪيا ، ۽ وعدو ڪيائون ته ڪجه وڌيڪ ٽائيم ڏئي سٺا ۽ معلومات سان لبريز ليکن کي هن اڳڻ جي زينت ٺاهيندا۔ هو جسماني طور تي ايڏا لحيم شحيم نه هئا پر انهن جا خيالات ۾ تمام وڏي بلندي هئي ۔

سائين عمران درويش جن سان اسان جون ڪافي ڪچهريون ٿيون ڇاڪاڻ ته واپسي ۾ اسان انهن کي پنهنجي ڪار ۾ ڊراپ ڪيو۔ جيتري انهنجي شخصيت پيار هئي اوترئي گفتگو۔ هنن جا سياست جي باري ۾ خيال ذهني پختگي جي آحساس تي مشتمل هئا۔ هنن سان پهرين ملاقات هئي پر محسوس ايئن پئي ٿيو ته ڪافي وقت کان هڪ ٻئي سان گڏ آهيون۔

ادا غلام مرتضي وساڻ جن ۾ اسان کي هميشه وانگرهڪ خرابي(هههه هههههههه نه سائين منهنجا خوبي) نظر آئي ته هو هميشه سچ ڳالهائيندا آهن ۔پوء اهو چاهي سامهون واري کي وڻي يا نه ۔ هو دل جا سچا نظر آيا،جيڪو منهن ۾ اهو دل ۾ وري قول تي عمل ڪندڙ۔هنن جا ماني جي ڊشن تي تبصرا سڄي محفل ۾ مسڪهرائٽون پکيڙيندي رهيون۔

ادا سليمان وساڻ مهربانيون ڪري ڪجه ٻيا باشعور تعليم ۽ ادب جي شعبي سان وابسط سڄڻن کي هن گڏجاڻي ۾ آندو۔هنن جي ڪچهري ؤ هن محبتي ڪکائون اڳڻ جي باري ۾ پيارڀريا تاثرات ٻڌي سچ پچ ايئن لڳو ڄڻ ته گڏجاڻي جو اصل مقصد حاصل ٿئي ويو۔
محترم ميمبرس اسانجي دل جي ته اها خواهش هئي ته هن ڪکائون اڳڻ جو هر مانوارو ڀاتي ان گڏجاڻي ۾ شامل هجئي هان پر ڪجه شهرن جون دوريون۔ ڪجه نجي مصورفيتون ميمبرن جن جي ڪري ايئن نه ٿئي سگهيو۔ الله پاڪ ۾ اميد آهي ته انشالله هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جڏهن سڀ ميمبر يا تمام وڏو انگ ميمبرن جو هن قسم جي گڏجاڻي ۾ شامل ٿئي ڪري ان کي وڌيڪ خوبصورت بنائيندو۔
 
هوئن ته هن قسم جي گڏجاڻي ڪا نئين ناهي۔۔ سنڌ سلامت جا دوست اڪثر گڏبا ئي آهن۔۔ پر هن گڏجاڻي جي اهميت ان ڪري ٿورو وڌيڪ آهي ته سنڌ سلامت جي سونهن سائين نثارابڙو پڻ اسان سان شامل هيا۔۔ ۽ سچي ڳالهه ته آهي ئي اها ته هن رهاڻ جو مقصد به اهو ئي هو ته سائين سان گڏجي وقت گذارجي ۔۔ جيئن پاڻ خوشگوار يادون کڻي پرديس وڃن ۽ اسان جي ذهنن ۾ پڻ پنهنجا لاجواب ٽوٽڪا تيستائين گونجائيندا وڃن جيسين وري واپس ورن۔۔۔
گڏجاڻي ۾ ڪجهه نوان ۽ پراڻا دوست گڏ ٿيا ۔۔ گڏو گڏ ادا سليمان وساڻ جا ڪجهه دلبر دوست اهڙا به هئا جن سنڌ سلامت جو نالو ته ٻڌو هو پر سنڌ سلامت جي منشور ۽ مشن بابت کين ڄاڻ محدود هئي۔۔
سڀئي دوست تقريبن هڪ ئي وقت ڪراچي جي دلين کي سرور ڏيندڙ هوائن ۽ مست ڪيفيت واري ماحول ۾ موجود هوٽل ديسي هٽ تي پهتا۔۔۔ جيتوڻيڪ توقع کان ڪجهه وڌيڪ دوست گڏيا پر ڪجهه دوستن جن ۾ سائين ابو واصف، محترم ممتاز علي وگهيو ۽ محترم TAHIR SINDHI جن کي ڪافي ياد ڪيوسين۔۔۔ ٽنهي دوستن پنهنجي مجبورين جو ٻڌائيندي شرڪت کان معزرت ورتي هئي۔۔۔
دوست اڃان سيٽن تي ويٺا ئي مس ته آواز اٿيا ته دوستن جو تعارف ٿي وڃي۔۔ شروعات ۾ ادا @عامر ضياء چارڻ ۽ عرس پريو پنهنجو تعارف ڪجهه اهڙي روايتي انداز سان ڪرايو جو مون کي لڳو ته سمورن دوستن جو تعارف ٻن منٽن ۾ ئي ختم ٿي ويندو ۽ نوان گڏيل دوست گڏجاڻي مان اٿندي ئي هڪ ٻئي کي وساري ويهندا۔۔ ان ڪري سمورن دوستن جي جيئن مون ڏٺو ۽ سمجهيو آهي ان طرح تعارف ڪرائڻ جو ذمو کنيو۔۔۔ (هي ڪا وضاحت ناهي ۔۔۔ پر دوستن کي تعارفي سيڪشن جي اهميت ٻڌائڻ مناسب سمجهيم)۔۔
گڏجاڻي ۾ جتي سنڌ سلامت طرفان هلندڙ پروجيڪٽس جو ذڪر نڪتو اتي ڪجهه اضافي صلاحن ۽ مشورن تي پڻ گفتگو ٿي۔۔۔ ادا عبدالحفيظ لغاري طرفان سدائين دوستن کي الجهائيندڙ مسئلن ۽ مونجهارن کي پنهنجن لفظن سان پيش ڪرڻ جو هنر به خوب اچي وري کين کي جواب ڏيندي پاڻ ڏانهن ايترو متوجا ڏسي، جواب وضاحت سان ڏيندي به ڀلو لڳندو آهي۔۔
گڏجاڻي ۾ پنهنجي وچ ۾ سائين نثار ابڙو ۽ سائين غلام مصطفي ميمڻ جهڙين قابل ۽ محترم شخصيت کي ڏسي موقعو جو فائدو وٺي سنڌ سلامت طرفان 2012 جون ايوارڊيل شيلڊس پيش ڪيون ويون۔۔ جيڪي دوست موجود نه هئا انهن جي شيلڊس امانتن مهمان دوستن کي ڏنيون ويو۔۔۔ جيڪي يقينن کين تائين پهتيون ڪبيون۔۔۔
دوستن اڳيان اهڙين شيلڊس کي پيش ڪندي تصويرون ته ڏيکاريون ويون هتي انهن شيلڊس کي واضح ڏيکارجي ٿو۔۔۔

يقينن اهڙين گڏجاڻين سان جذبن کي نئين طاقت ۽ دوستن کي پنهنجي ساٿ ۾ گڏ ڏسي همت ۾ اضافو محسوس ٿيندو آهي۔۔ جنهن جو سواد ۽ سرور ڪافي وقت تائين برقرار رهندو آهي۔۔۔

گڏجاڻي ۾ شريڪ دوستن جو ٿورائتو آهيان جن پنهنجي قيمتي وقت کي اسان سان گڏ گذاريو۔۔۔ خاص طور سائين نثار ابڙو جن جو ۔۔۔ جن پنهنجي ڪافي پروگرامن کي هن گڏجاڻي خاطر تبديل ڪيو۔۔
محترم عبدالحفيظ لغاري صاحب جن جي پڻ مهرباني جن تفصيلي ۽ دل لڀائيندڙ لفظن تي مشتمل ليک موڪلي هن گڏجاڻي ۾ شامل نه ٿيندڙ دوستن کي به جهڙوڪ شامل ڪري ڇڏيو۔۔۔

خاص ٿورا ۽ احسان سائين غلام مصطفي ميمڻ جن جا ۔۔ جن سنڌ سلامت ۽ انهن جي ساٿين کي پنهنجي وچ ۾ وقت گذارڻ جو موقعوڪراچي جي پرامن ۽ پر فضا ماحول جي چونڊ ڪندي سمنڊ جي ساحل تي هڪ بهترين هوٽل جو انتخاب ڪندي ڪيو۔۔ ۽ هميشه وانگر ميزباني جا فرائض بخوبي نڀايا۔۔ ۽ ساڻن گذاريل لمحا قيد ڪرڻ لاءِ پڻ خاص انتظام ڪيا۔۔ ۔
 
مون کي خبر ناهي ته ڇو سڄي سنگت ايڏي فراخدلي کان ڪم وٺندي مٿي ماريل مڪوڙن کي دوستن ڪجهه هن انداز ۾ واکاڻيو آهي ته

ڏاڏل شينو لکڻي مان ائين لڳو ڄڻ سڄي سفر ۾ اوهان سان گڏ هيا سين
نثارابڙو سهڻن لفظن ۾ ڪٿا بيان ڪري گهٽ ۾ گهٽ مونکي حيران ڪري ڇڏيو آهي
غلام مصطفي ميمڻ گفتار جي غازين جو هي سنڌ سلامت جي ان فارمل گڏجاڻي جو پيرائتو حال
عاشق سولنگي لکڻ جو صفا فٽاڪو آھين ته به ٺھندو
منظور ڪلهوڙو حال سائين عبدلحفيظ سهڻن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي
رحيم بخش ليڪن هن ٿريڊ ۾ مون کي ته محترم عبدالحفيظ جن متاثر ڪيو
سليمان وساڻ پرين پياري عبدالحفيظ جي لکڻ جو انداز وڻندو آهي
عرس پريو عبدالحفيظ لغاري جي رپورٽ جي جي داد نه ڏجي ته زيادتي ٿيندي تمام خوبصورت انداز ۾
گڏجاڻيء جو احوال پيش ڪيو اٿئين
ذيشان رشيد عبدالحفيظ لغاري صاحب جن جي پڻ مهرباني جن تفصيلي ۽ دل لڀائيندڙ لفظن تي مشتمل ليک موڪلي
هن گڏجاڻي ۾ شامل نه ٿيندڙ دوستن کي به جهڙوڪ شامل ڪري ڇڏيو

بهرحال هي هڪ يادگار ملن هو جنهن جو يادون ڪڏهن به دل تان نه ميساربيون۔ دليون گڏ ته ساٿ سلامت! هڪ دفعو وري سڀني دوستني جي تمام گهڻي مهرباني جن تحرير پڙهي پنهنجي راءِ ڏني
 
مون کي خبر ناهي ته ڇو سڄي سنگت ايڏي فراخدلي کان ڪم وٺندي مٿي ماريل مڪوڙن کي دوستن ڪجهه هن انداز ۾ واکاڻيو آهي ته

ڏاڏل شينو لکڻي مان ائين لڳو ڄڻ سڄي سفر ۾ اوهان سان گڏ هيا سين
نثارابڙو سهڻن لفظن ۾ ڪٿا بيان ڪري گهٽ ۾ گهٽ مونکي حيران ڪري ڇڏيو آهي
غلام مصطفي ميمڻ گفتار جي غازين جو هي سنڌ سلامت جي ان فارمل گڏجاڻي جو پيرائتو حال
عاشق سولنگي لکڻ جو صفا فٽاڪو آھين ته به ٺھندو
منظور ڪلهوڙو حال سائين عبدلحفيظ سهڻن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي
رحيم بخش ليڪن هن ٿريڊ ۾ مون کي ته محترم عبدالحفيظ جن متاثر ڪيو
سليمان وساڻ پرين پياري عبدالحفيظ جي لکڻ جو انداز وڻندو آهي
عرس پريو عبدالحفيظ لغاري جي رپورٽ جي جي داد نه ڏجي ته زيادتي ٿيندي تمام خوبصورت انداز ۾
گڏجاڻيء جو احوال پيش ڪيو اٿئين
ذيشان رشيد عبدالحفيظ لغاري صاحب جن جي پڻ مهرباني جن تفصيلي ۽ دل لڀائيندڙ لفظن تي مشتمل ليک موڪلي
هن گڏجاڻي ۾ شامل نه ٿيندڙ دوستن کي به جهڙوڪ شامل ڪري ڇڏيو

بهرحال هي هڪ يادگار ملن هو جنهن جو يادون ڪڏهن به دل تان نه ميساربيون۔ دليون گڏ ته ساٿ سلامت! هڪ دفعو وري سڀني دوستني جي تمام گهڻي مهرباني جن تحرير پڙهي پنهنجي راءِ ڏني
سائين اصل ڳالهه اها آهي ته سائين عبدالرشيد ، پيارو سائين نثار ابڙو ، محترم سائين غلام مصطفى ، نهايت سهڻي ڪردار جو مالڪ سائين محمد سليمان ۽ ٻيا ڪافي دوست انهن سڀني دوستن جي طرز تحرير جا ته اسان اڳ ئي معترف هئاسين جو سندن تحريرون تمام پياريون نصيحت ڀريون هونديون آهن ليڪن اوهان به اهڙا جوهر ڄاڻو ٿا اها خبر اوهان جي ان تحرير مان پئي ۽ ان ڳالهه سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو فارسيء جي هڪ شعر وانگر۔
هر بيش گمان مبر که خالي است شايد که پلنگ خفته باشد
يعني جهنگل ۾ وڻن جي پاڇن ۾ جڏهن سج جا ڪرڻا هيٺ پوندا آهن ته پري کان اڇا ڪارا نشان يعني روشني ۽ پاڇن جا نشان نظر ايندا آهن اڪثر اهو پري کان ڏسندڙ کي محسوس ٿيندو آهي ته جهنگل خالي آهي اهو ته پاڇن ۽ تِڙڪن جي ميلاپ جي ڪري چٽڪمرو نظارو نظر اچي رهيو آهي ، شاعر چوي ٿو ته هر جڳهه کي ائين خالي نه سمجهه متان اتي چٽڪمرو چيتو ستل هجي ۔ سو اوهان کي به جڏهن ستل شينهن کي جاڳيل ڏٺو سين ته تعريف دل مان بي اختيار نڪري پئي ۔
 
سنڌ سلامت جي اهڙين سهڻين سدا ملوڪ هستين اڳيان اسين پنهنجي وائڙائپ کي درست ڪرڻ ۾ لڳل هئا سين ته اهڙن سحر انگيز هستين جي ڀر ۾ سچ ته پاڻ کي هيسيل هيسيل محسوس ڪيون سين، جيتوڻيڪ ان محفل ۾ پهچڻ کان اڳ اڻواقفيت جهڙو هجڻ واري ڪيفيت اثر انداز هئي پر پو اتي پهچي مُحبت ۽ ميزباني جي ميٺاج ايتري ملي جو پنهجائپ جو احساس سانڍي واپس وريا سين۔ لک قرب سڄڻڻ جا۔
 
Back
Top