عبدالغني لوهار
سينيئر رڪن
سائين لک قرب اصل دل خوش ٿي وئي سڀني دوستن کي ڏسي ، شال الله پاڪ سڀني کي سدا سلامت رکي ، سڀني کي مبارڪون ، اهي محبتون قائم رهنديون ان شا الله
سائين اصل ڳالهه اها آهي ته سائين عبدالرشيد ، پيارو سائين نثار ابڙو ، محترم سائين غلام مصطفى ، نهايت سهڻي ڪردار جو مالڪ سائين محمد سليمان ۽ ٻيا ڪافي دوست انهن سڀني دوستن جي طرز تحرير جا ته اسان اڳ ئي معترف هئاسين جو سندن تحريرون تمام پياريون نصيحت ڀريون هونديون آهن ليڪن اوهان به اهڙا جوهر ڄاڻو ٿا اها خبر اوهان جي ان تحرير مان پئي ۽ ان ڳالهه سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو فارسيء جي هڪ شعر وانگر۔مون کي خبر ناهي ته ڇو سڄي سنگت ايڏي فراخدلي کان ڪم وٺندي مٿي ماريل مڪوڙن کي دوستن ڪجهه هن انداز ۾ واکاڻيو آهي ته
ڏاڏل شينو لکڻي مان ائين لڳو ڄڻ سڄي سفر ۾ اوهان سان گڏ هيا سين
نثارابڙو سهڻن لفظن ۾ ڪٿا بيان ڪري گهٽ ۾ گهٽ مونکي حيران ڪري ڇڏيو آهي
غلام مصطفي ميمڻ گفتار جي غازين جو هي سنڌ سلامت جي ان فارمل گڏجاڻي جو پيرائتو حال
عاشق سولنگي لکڻ جو صفا فٽاڪو آھين ته به ٺھندو
منظور ڪلهوڙو حال سائين عبدلحفيظ سهڻن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي
رحيم بخش ليڪن هن ٿريڊ ۾ مون کي ته محترم عبدالحفيظ جن متاثر ڪيو
سليمان وساڻ پرين پياري عبدالحفيظ جي لکڻ جو انداز وڻندو آهي
عرس پريو عبدالحفيظ لغاري جي رپورٽ جي جي داد نه ڏجي ته زيادتي ٿيندي تمام خوبصورت انداز ۾
گڏجاڻيء جو احوال پيش ڪيو اٿئين
ذيشان رشيد عبدالحفيظ لغاري صاحب جن جي پڻ مهرباني جن تفصيلي ۽ دل لڀائيندڙ لفظن تي مشتمل ليک موڪلي
هن گڏجاڻي ۾ شامل نه ٿيندڙ دوستن کي به جهڙوڪ شامل ڪري ڇڏيو
بهرحال هي هڪ يادگار ملن هو جنهن جو يادون ڪڏهن به دل تان نه ميساربيون۔ دليون گڏ ته ساٿ سلامت! هڪ دفعو وري سڀني دوستني جي تمام گهڻي مهرباني جن تحرير پڙهي پنهنجي راءِ ڏني