يقينن سنڌ جي اصلي مالڪ قومن ۾ غير مُسلم واڻيا۽ واڻين مان ڦري مُسلم ٿيندڙ (ميمڻ واڌو شيخ) آهن ۽ ٻيا جيڪي به آهن يا ته سنڌ تي ڪاهه ڪندڙن سان گڏ آيا يا پو پناهگير ٿي آيا
رهي ڳالهه ته هو هندستان کان آيا آئون اها ڳالهه نٿو مڃان اُن ڪري جو هي سنڌ به هندستان جو ئي حصو حوئي ٻين صوبن ۽ علائقن جيان، ڀلا هڪ شهر يا علائقو ڇڏي به ڪو پناهگير ٿئي ٿو ڇا. رهي اڙدو زبان جي ڳالهه ته اھها ته هُئي ئي رابطي مُختلف ٻولين وارن جي زبان نه ڪه ڪنهن جي مادري زبان ته انهن جو اهو منتق ته اڙدو ڳالهائيدڙ سنڌي اهو به غلط آهي ڇو جو اڙدو مُهنجي لا به رابطي جي زبان آهي، ڀلا جي اڳتي سوچجي ته سنڌي وري ڪهڙي زبان ان جي الفابيٽس به ته انگريز سرڪار ئي ٺهرائي هُئي.
جي ڳالهايون هندستان تي ته تواريخ گواه آهي ته هندستان هندس مان نڪتو آهي ۽ هندس سنسڪرت زبان جو لفظ آهي جنهن جو مطلب ئي آهي انڊس ۽ انڊس ته سنڌ ۽ مهراڻ آهي، هندس فارسي ڳالهائڻ وارا چوندا هُئا انڊس رور کي نه ڪه اهو رُڳو هندُن جي ڪري ان تي هندس جو نالو پيو. ڀلا جي پيو به ته ظاهر آهي ته وادي مهراڻ،(انڊس ويلي) يا اندش رور (سنڌو ندي) جي ارد گرد مُسلمان ته ڪونه رهندا هُئا اُهي هندو ۽ ٻُڌ ڌرم جا پُڄاري ته هُئا پو کڻي 711ع کان انهن هندن اسلام قبول ڪرڻ شروع ڪيو ان نسبت سان پُراڻو فارسين جو اُچاريل لفظ هندس (سنڌو) غلط به ته ناهي. اها ڳالهه ته آهي نه هندستان تي عربن ۽ فارسين جو اثر رسوخ ته ٿي چُڪو هو تڏنهن ته الاهين پُراڻن سنڌي عالمن فارسي ۽ عربي زبان سکي هُئي.
(واڻيون، ميمڻ ۽ شيخ ) توهان کي ڪڏنهن به جهيڙي جهٽي يا اهڙي ڪنهن اڻ ظلم ، ڏاڍ يا وڻت واري عادت ۾ نه ڏٺو هوندو ۽ هو امن پسند شهري ۽ ڪاروباري هوندو.
.
سائين انجنئير صاحب
ڪافي ڏيهاڙن کان توهان جون تحريرون پڙهندو آيو آهيان. جنهن ۾ توهان جو وڏي ۾ وڏو مقصد موجوده سنڌي الفابيٽ کي هر حال ۾ پراڻي عربي واري الفابيٽ ۾ مٽائڻ جا جتن پڙهندو رهيو آهيان. جڏهن ته پهريان واري الفابيٽ ۽ هاڻ واري الفابيٽ جو فرق/ڇيد ان کان پهريان فني طور (Technical) تي واضع ڪري چڪو آهيان. ٿي سگهي ٿو ته توهان ان کي سمجهي نه سگهيا هجو ان لاءِ ورائي ورائي ان بابت کي توهان تحريرون ڏيندا رهو ٿا پر اڄ ته توهان ڪمال ڪري ڇڏيو آهي.
اختلاف هئڻ کانسواءِبه ڪڏهن توهان کي ڪا موٽ نه ڏني اٿم پر اڄ توهان موٽ ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ”سنڌ“ ۽ ”هند“ لفظ تاريخ ۾ ڪڏهن ٻڌو هوندو توهان سو ڪنهن مريخ يا اطارد تاري جو نالو ناهي پر ٻن الگ الگ ملڪن جا ٻه الگ الگ نالا آهن جڏهن ته توهان سنڌ کي هند جو حصو سڏي تاريخ ئي مٽائي ڪم ئي پورو ڪري ڇڏيو. لڳي ٿو ته توهان تاريخ جي معاملي ڪجھ گهٽ پتوڙيو آهي. توهان جي ڄاڻ لاءِ عرض ڪندو هلان ته تاريخ ۾ سنڌ ڪڏهن به هند هو حصو ناهي رهي ۽ خود هاڻوڪو هندستان توڙي پاڪستان وارو پنجاب ، ڪي پي ڪي ، افغانستان ، ۽ ايران جا ڪجھ حصا سنڌ جو حصو رهيا آهن اها ٻي ڳالھ آهي ته توهان جي نظر ۾ انهن جو ذڪر اچڻ رهجي ويو آهي. ڇا توهان ٻڌائي سگهندا ته موئن جو دڙو ڪهڙي ميمڻ يا شيخ جو اڏايل آهي ؟؟؟
سائين منهنجا ميڊيا جا ماڻهو ٿي توهان جيڪر اهڙا هاڃا ڪندا ته پوءِ توهان ۾ ۽ انهن ڪاسبي تاريخدانن رقم ڪندڙن ۾ ڪهڙو فرق رهجي ايندو جيڪي ظالم ۽ بي حيا بادشاهن کي وڏا بهادر ۽ بي باڪ انسان ڪري لکندا رهيا آهن ؟؟؟ ڇا توهان کان عباسي ، ايراني ، عربي، مغل بادشاهن جي تواريخ رقم ڪندڙ مورخ وسري ويا آهن يا انهن کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪري رهيا آهيو. سنڌ اصل کان پنهنجو هڪ الگ ۽ بي باڪ وجود رکي ٿي ۽ الله رب العزت چاهيو ته سنڌ سدا سلامت رهندي ايندي.
سنڌ دراوڙ دور (Dravian Age) کان اڄ تائين هڪ عظيم وجود رهي آهي. ڪٿان جا ميمڻ ۽ ڪٿان جا شيخ سائين ؟؟؟ مونکي توهانجي هندوستان تي شڪ ٿو ٿئي ته ڪٿي اها سنڌ جو حصو نه رهي هجي جو پاڻ چئو ٿا ته انڊس ئي سندس نالي جو متن آهي. توهان ته 5000 سال پراڻي سنڌي ٻولي کي انگريزن پاران ٺهرائي ڇڏيو آهي ته پوءِ جيڪا ٻولي ميسوپوٽوميا کان به اڳ جي مڃي ٿي جيڪا موئن جي دڙي جي ٿاون ۽ ٺهڪرن تي اُڪريل آهي، جنهن جو ڇيد سائين مرحوم محترم سراج الحق صاحب ڪيو آهي اها ڪهڙي ۽ ڪٿان جي ٻولي آهي ؟؟؟؟
توهانجي جي ڄاڻ لاءِ ڪجھ ڪتاب هت رقم ڪري رهيو آهيان. مهرباني ڪري انهن کي پڙهو ۽ سنڌ جي وجود کي تسليم ڪيو. ناهي خبر ته ڪهڙن يارن جا ذاتي مفاد وارا ڪتاب پڙهي توهان اهو انداز اختيار ڪيو آهي جو سنڌ کي هند جو حصو سڏو پيا....
سنڌ صدين کان 1975 (Sindh Through the Centuries)by Hameed Khuro
سنڌ (هڪ جائزو) 2 واليم (Sindh, A General Introduction) by H.T Lambrick 1964
سنڌ گزيٽئير (Sindh Gazetteer )
سر چارلس نئپير ۽ سنڌ (Sir Charles Napier and Sind)
سنڌ ، مسلمانن جي فتح کان اڳ (Sindh, Before the Muslim conquest)
اوائلي سنڌ جي تصوير (Glimpse of Ancient Sindh)
آرين جي ڪهاڻي (The Aryan Myth)
قديم سنڌ ( ڀيرو مل مهر چند)
مڪلي نامو (راشدي صاحب جو)
تحفته الڪرام (مير علي شير قانع)
منهنجو توهان کي نماڻو عرض آهي سائين ته ڪجھ به لکڻ کان اڳ ان جي گهٽ ۾ گهٽ تصديق ته ڪيو اهو سچ به آهي يا نه بس ڪاپي پيسٽ وارو ڪم ڪيو پيو وڃي اهڙي طرح ته هن فورم جو نج مقصد ئي درهم ڀرم ٿي ويندو. اسان هت انڪري گڏ ناهيون ته مان چارڻ آهيان ۽ ٻيو ڪو ميمڻ آهي پر ان ڪري گڏ آهيون جو اسان سڀ هڪ عظيم وجود سنڌ امڙ جو حصو آهيون. ان ڪري جو لکو ٿا ان تصديق ته ڪيو.