نثارابڙو
نائب منتظم
شاه جي ڪلام ۾ قرآني هدايتون
دوستو! ڪافي ڏينهن کان ڪوشش ڪري شاه جي ڪلام ۾ قرآني آيتن جو ذڪر ، معنا ۽ هڪجهڙائي وارا بيت گڏ ڪري رهيو آهيان، جنهنجي هيءَ هڪ ڪڙي پيش ڪري رهيو آهيان ... اوهان سڀني دوستن کي گذارش آهي ته اوهان وٽ۔۔به اهڙو بيت جو قرآني آيتن سان ٺهڪندڙ هجي يا جنهن ۾ سڌي سنئين قرآني آيت هجي ته هت ونڊ ڪجو ته جيئن ان مضمون کي پنهنجي منطقي منزل تائين پهچائي سگهجي ...
ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ...
________________________________________
1.
قرآني آيت؛ سورت بقره 152
فاذڪروني اذڪرڪم، واشڪروا لي ولا تڪفرون ...
معني؛ اوهين مونکي ياد ڪريو مان توهانکي ياد ڪندو رهندس، ۽ منهنجا احسان مڃيندا رهجو ۽ منهنجي ناشڪري نه ڪجو.
بيت؛
عــــاشقــــن الله جــــي، ســــــدا وائــــي وات،
فاذڪروني اذڪرڪم، تن ۾ اها تــــات،
انهن کان ڪا ساعت، سڄڻ ويل نه وسري.
سر يمن ڪلياڻ
تو جنـــجي تات، تــن پڻ آهــــي تنهنـــــجي،
فاذڪروني اذڪر ڪم، اي پروڙج بات،
هٿ ڪــــاني ڳڙ وات ، پڇــڻ پر پرين جي.