شاه جي ڪلام ۾ قرآني هدايتون

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏1 ڊسمبر 2009۔

  1. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين قبلا واقعي اهو بيت ته پنجين نمبر تي اچي ويو هو
    پر منهنجي ياداشت ۾ نه رهيو
    هي هڪ بيت نمبر هڪ سان ملي ٿو ان کي ان سان ملائڻ گهرجي يا هڪ آيت لاء هڪ بيت ڪافي آهي جيڪڏهن وچ واور بيت اوهان حذف ڪري ڇڏيو ته بهتر آهي جو اهو ٻه دفعا صحيح نه آهي باقي آيت ٻي جو حوالو جي بهتر سمجهو ته ڏئي ڇڏيو جي اختصار کي مد نظر رکندي هڪ تي اڪتفا ڪيو ته به بهتر جيئن اوهان مناسب سمجهو هي ٿريڊ اوهان جو شروع ڪيل آهي اسان اوهان جي ٻانهن ٻيلي ٿي مدد ڪرڻ چاهيون ٿا جيڪو اوهان کي پسند اچي اهو منتخب ڪيو ٻئي کي حذف ڪيو اوهان جي صوابديد تي منحصر آهي۔
    تو جنجي تات تن پڻ آهي تنهنجي
    فاذڪروني اذڪر ڪم اي پروڙج بات
    هٿ ڪاني ڳڙ وات ، پڇڻ پر پرين جي
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    آيت 63 ۽ 64 سوره يونس پاره 11
    الذين آمنوا و کانوا يتقون(63) لهم البشرى في الحياة الدنيا وفي الاخرة ....... (64)
    هي اهي ماڻهون آهن جن ايمان آندو ۽ متقي ٿيا انهن لئه دنياوي زندگي ۾ به ۽ آخرت ۾ به خوشخبري آهي ...

    ساڳيو قرآني فڪر ڀٽ جي گهوٽ پنهنجي ڪلام ۾ ڪجهه هن ريت بيان ڪيو آهي؛

    سر سريراڳ بيت نمبر9
    جنيــــن سودو سچ جـــو، وکـر وهـــايو،
    بخرو لهم البشرى جو، انهي لئي آئيــو،
    انکي لالن لنگهايو، ساندارو سمنڊ جو.

    سمجهاڻي؛ جي ماڻهون سچا آهن، ايمان وارا آهن ۽ پنهنجو پاڻکي پرهيزگار رکنٿا اهي ماڻهون هِنَ دنيا يا هُن دنيا ۾ يعني ٻنهي جهانن ۾ سرخرو آهن ۽ ٿيندا، جيڪي ماڻهون هن دنيا جي شيطاني ڪمن کان پاڻ بچائي وٺنٿا ته اهي ئي آخرت ۾ الله جو قرب حاصل ڪري وٺنٿا ...
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    13..

    آيت 37 کان41 تائين سورت النازعات
    فاما من طغا (37) واثر الحيات الدنيا (38) فان الجحيم هي الماوا (39) وَاَما مَن خَافَ مَقَامَ رَبه ونَهَي النفس عَنِ الهَوى (40) فَان الجَنةَ هِيَ الماوى (41)
    ته جنهن سرڪشي ڪئي، ۽ هن دنيا کي ترجيح ڏني انجي منزل جهنم آهي ۽ ها جيڪو ماڻهون پنهنجي رب جي سامهون بيهڻ کان ڊڄندو هوندو ۽ پنهنجي نفساني خواهشن کي روڪيو هوندائين ته انهن جي منزل جنت آهي ....

    ساڳيو پيغام اسانجي سهڻي لطيف پنهنجي ڪلام ۾ سر سهڻيءَ ۾ تمام آسان ۽ واضح لفظن ۾ ڪجهه هن طرح سمجهايو آهي ....

    سر سهڻي بيت 11
    گهڙي گهڙو هٿ ڪـــــــري، ٻهـــون نهاري ٻنـــگ،
    وَاَمـــَامَن خَافَ مَقَـــامَ رَبه، اي لنــــگهيـــائين لنـگهه،
    سڪندي کي سيد چوي ڪني جهليندو جهنگ،
    رات جنهيـــــن جو رنــــــگ ، الا ! سي اڪــــــــارين.

    سمجهاڻي؛ هن دنيا جي شيطاني ضرورتن جي درياهه مان، هڪ سالڪ تمام احتياط سان لنگهندو ته پار پوندو ... ۽ هو پنهنجي رب کان ڊڄندو هوندو ته هر ڏکي مقام کان لنگهي پار پوندو ۽ شيطاني ڌوڪي کان بچي ويندو ... جن جو عشق الله سان هوندو تن کي براين جو جهنگ به ڪو ڇيهو رسائي نه سگهندو ...
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    مٺا ۽ مان وارا سائين رحيم بخش، اوهانجا لک ٿورا، حقيقت پڇو ته اوهانجي ان ٻانهن ٻيلائپ منهنجو سينو سوايو ڪري وڌو آهي ... الله تعالا ان جو اجر اوهانکي ڏيندو ... اوهانجي تحقيق ۽ علم دوستيءَ جو قائل ته آءُ اڳ ئي هيس پر هاڻ اهو قائل پڻو احترام ۾ بدلبو پيو وڃي ...

    جيئن ته هر روز قرآن ۽ فرقان مجيد کي پڙهندي جت ڪا آيت لطيف جي بيتن سان ٺهڪندي آهي ته کڻندو آهيان رسالو ... پوءِ بس رسالو، مان ۽ الله جو ڪلام، هڪ ٿي ويندا آهيون ... ڪجهه ٻيا شعر به مون ڳولهيا آهن جي پڻ ونڊ ڪنداسون ۽ هي اوهانجا بيت پڻ انهن ۾ سهڻو اضافو آهن ... انهن کي ترتيب ڏئي ... ان موتين مالها ۾ جوڙيندا رهنداسون ... جو اڃان ڪٿي ڳالهه آهي الله جو ڪلام ۽ لطيف جو پيغام جي پڻ آيتون آهن تن کي توريندي تڪيندي پڪ سان هي حياتي گهٽ پئجي ويندي ...

    اوهان جا لک لائق ... ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ...

    shal judy hujeen

    sindhsalamatsaathsal
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    آيت 53 سوره الزمر پاره 24
    قُل يَا عِبَادِيَ الذِينَ اسرَفُـوا عَلى انفُـسِهـِم لاَ تَـَـقـنَـَطُوا مِن رحمَةِ اللهِ اِن الله يَغـفِـرُ الـذنُــوبَ جَمِـيعا اِنه هُوَ الغـَـفُــورُ الرحِـيمُ
    (منهنجي طرفان) چئي ڇڏ ته اي منهنجا ٻانهو! جن پنهنجين جانين (نفس) کي تڪليف ۾ وڌو آهي، ته اوهين الله جي رحمت کان مايوس نه ٿيو، پڪ سان الله سڀ گناه بخشيندو آهي، ۽ واقعي اهو وڏو بخشڻهار ۽ رحمت وارو آهي ...

    ساڳئي قرآني فڪر جي تشريح ڪندي ڀٽائي سڳوري سهڻيءِ کي صلاحيندي ڪجهه هينئن چيو آهي
    سر سهڻي بيت 21
    گهڙو ڀڳو ته گهوريو ، آسرو م لاهيج
    لا تقنطوا من رحمةِ اللهِ تُرَ هي ان تريج
    حبيباڻي هيج ، پسين منهن ميهارجو.

    سمجهاڻي؛ اي انسان تنهنجو نفس مئو ته چڱو ٿيو، الله مان آسرو نه لاهيج، اها ڳالهه پنهنجي ذهن ۾ وهاري ڇڏ ته هو رحيم آهي ۽ انجي رحمت مان نااميد ناهي ٿيڻو، انهيءَ الاهي عشق جي رستي تي هلندو رهه ته ڪامياب ٿيندي ۽ رب جي رحمتن جي لائق ٿي ويندي ...
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    قرآني آيت؛ سورت الغاشيه 4
    تصلا نارَ حاميه ....
    معني؛ اهي ڀڙڪندڙ باهه ۾ ويندا...
    نوٽ؛ هن سورت الغاشيه لئه چيو ويندو آهي ته اسانجو رسول اڪرم، جمعي جي نماز ۾ اڪثر پڙهندو هو هن آيت ۾ دوزخ ۽ جنت جو ذڪر تمام واضح ۽ حيرت جوڳو ٿيل آهي ... ساڳئي طرح دوزخ جي باه ۽ جنت جي باغن جو ذڪر ڀٽ جي گهوٽ پڻ پنهنجي ڪلام ۾ ڪيو آهي ... جيئن ؛

    بيت؛ سر سورٺ
    تو در آيس، راڄيــــــا : جاجڪ وٺي جــــيُ،
    ڪنان ”نــــــار حــاميه“ هاڻ بچائج هــــــيُ،
    والي ڏياريئي ويُ، جت آهي ” جنات عدن“.

    سمجهاڻي؛ اي مالڪ هي ٻانهو، تنهنجي در تي پناه وٺڻ آيو آهي، پاڻ توکي ارپڻ آيو آهي، هاڻ اهو والي ئي ان دوزخ جي باه کان بچائي جنت جا باغ ڏيکاريندو ...
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين تمام سهڻي سمجاڻي اوهان پيش ڪئي آهي الله اوهان جي ان ڪار خير کي مقبوليت جو شرف بخشي انشآء الله اوهان جي ساٿ سان رهبو وقت جي بي رحم لمحن ڪجهه فرصت نه ڏني آهي انڪري وري ٻي ساعت ۾ اوهان سان گڏ انشآء الله تعالى
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    قرآني آيت؛ سورت بقره 158
    ومن تطوع خيراَ فَاِن الله شاڪر عليم.
    معني؛ پنهنجي خوشيءَ سان ڀلائي ڪرڻ وارن جو الله قدردان آهي ۽ انهن کي خوب سڃاڻي ٿو.

    بيت؛ سر سهڻي
    ڪنڌيءَ اڀيــــون ڪيتريــون، ساهـــڙ ساهـــڙ ڪـن،
    ڪني سانگو ساهه جو، ڪي گهوريس ڪيو گهڙن،
    ساهــــڙ سنــــــدو تـــــــن، گهــــــاگهــــائي گهــــرن جي.


    سمجهاڻي؛ ڀٽ جو گهوٽ پڻ ساڳي قرآني پيغام جي تشريح ڪندي چوي ٿو ته جي محبوب حاصل ڪرڻو اٿئي ته پنهنجي خوشيءَ سان درياهه ۾ گهر، نه ڪي محبوب تي مهرباني ڪندي درياهه ۾ گهرجي، پنهنجي من جي خوشيءَ سان ڪيل ڪم قبول پوي ٿو ۽ ماڻهون ڪامياب ٿي وڃي ٿو.
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    قرآني سورت الانعام آيت 36
    اِنمَا يستجيب الذين يسمعون والموتا يبعثهم الله ثم اليه يرجعون
    معني؛ اهي ماڻهون ئي مڃيندا جي ٻڌندڙ هوندا، ۽ مڙدن کي الله زنده ڪري اٿاريندو پوءِ انهن سڀني کي الله جي طرف آندو ويندو ...

    قرآني سورت البقره آيت 156
    الذين اذا اصابتهم مصيبت قالوا انالله وانا اليه راجعون ...
    معني؛ انهنکي، جڏهن به ڪا مصيبت اچي ٿي ته چئي ڏيندا آهن ته اسين ته الله جي ملڪيت آهيون ۽ اسين ان طرف ئي وڃڻا آهيون ...

    نوٽ؛ قرآني تعليم مطابق انسان الله جي ملڪيت آهي ۽ کيس انطرف ئي موٽايو ويندو ... قرآني تعليم تحت اسان سڀني کي اهو پختو ايمان رکڻو آهي ته روز حشر برپا ڪيو ويندو ۽ اسان سڀني کي ان ڏينهن الله جي سامهون بيهاريو ويندو ۽ هن دنيا ۾ ڪيل عملن جو پڇاڻو ڪيو ويندو ...

    ساڳئي فڪر ۽ تعليم کي ڀٽ جي گهوٽ پڻ ڳايو آهي ۽ جي ڳوڙهو مطالعو ڪبو ته لطيف جو فڪر پڻ اهڙي پيغام سان ڀريو پيو آهي، جنهن ۾ هو هن دنيا کان نفرت ڪري ٿو ۽ ان ڏينهن جو انتظاري آهي جنهن ۾ هو اصل سان وڃي ملندو ... جنهنجو سهڻو مثال هيٺيون بيت آهي؛

    سر مارئي
    هـــــي هنڌ، ڀيڻيــــــون هاڻ، ساڙيــــان سڀ ڏيهيــن ري،
    ڪل شئي يرجع الا اصله، ٿي جهڄان جهانگين ڪاڻ،
    ڀـــــــري پنهنجـــــي ڀــــــاڻ، پســــــان ملــڪ ملير جو!
     
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سورة الزمر آيت 53
    قل يَا عِبَادِيَ الذِينَ اَسرَفوا عَلى انفسِهِم لا تـَقــنـَـطوا مِن رَحمةِ اللهِ اِن اللهَ يَغفِرُ الذنُوبَ جَمِيعا اِنه هُوَ الغـَـفور الرحِيمُ
    ترجمه : (اي محبوب!) توهان فرمايو ته اي منهنجا ٻانها جن پنهنجي نفسن تي ظلم ڪيو آهي الله جي رحمت مان نا اميد نه ٿيو بيشڪ الله تعالى سڀ گناه بخشي ٿو بيشڪ اهو بخشڻهار مهربان آهي.
    مقصد ته ڪو ٻانهو خطا ڪري ويهي ته الله تعالى پنهنجي محبوب رؤف رحيم کي فرمائي ٿو ته توهان انهن ٻانهن کي ڏس ڏيو ته پنهنجي خطا جي مون کان معافي گهرن خطا جي ڪري مون رب جي رحمت مان نا اميد نه ٿين ته ڪا معافي ڪانه ملندي بلڪ مان بخشڻهار آهيان رڳو مونڏي متوجهه ته ٿي ڏسن حديث شريف ۾ به اهڙو مضمون آيل آهي ته التائب من الذنب کمن لا ذنب له يعني: گناهن کان توبه ڪندڙ ائين آهي ڄڻ ته هن گناه ڪيوئي نه آهي.

    سهڻو لطيف به اهوئي ڏس ٿو ڏئي ته الله جي دربار ۾ روئي رب کان معافي طلب ڪر جي سمجهين ته اڃا پنهل نه پرتو آهي ته به آه و زاري ڪندو ره نيٺ ڪرم ٿيندو۔

    بيت 20 ، 21 سر ليلان چنيسر ص 506
    جي ڪارون آڻين ڪانڌ کي ، ته روئي ريجهائيج ،
    ليلان ليلائيج اٿئي ماڳ منٿ جو
    جي ليلائي نه لهين ته پڻ ليلائيج
    آسرو مَ لاهَيج سڄڻ ٻَاجَهندڙ گهڻو.
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    تمام سهڻو، ادا رحيم بخش، انتهائي ڳوڙهو شعر ۽ قرآني هدايتن جي عين مطابق ...
    جزاڪ الله خئير،
    shal judy hujeen
    sindhsalamatsaathsal
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    قرآني سورت آل عمران آيت 185
    ڪل نفس ذائقة الموت وانما توفون اجورڪم يوم القيامت فمن زحزح عن النار وادخل الجنت فقد فاز وما حياة الدنيا الا متاع الغرور ...
    معني؛ هرجان کي موت جو مزو چکڻو آهي ... ۽ قيامت جي ڏينهن توهانکي پورو پورو بدلو ملندو، بس جنهن ماڻهونءَ کي باه کان پري ڪيو ويندو ۽ کيس جنت ۾ داخل ڪيو ويندو، بيشڪ اهو ئي ڪامياب ٿيو، ۽ دنيا جي زندگي ته صرف دهوڪي جو سامان آهي ...

    قرآني سورت عبس آيت 33 کان 36 تائين
    فاِذا جآت الصآخت (33) يوم يفر المرءُ من اخيه (34) وامهي وابيه(35) وصاحبتهي و بنيه (36) ...
    معني؛ جڏهن ڪنن کي ٻوڙو ڪندڙ (قيامت) ايندي، ان ڏينهن ماڻهون پنهنجي ڀاءُ، ۽ پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي پيءُ، ۽ پنهنجي زال ۽ پنهنجي اولاد کان ڀڄندو ....

    نوٽ؛ قرآني تعليم مطابق هر انسان کي موت جو مزو چکڻو آهي ... حساب جو ڏينهن قائم ٿيڻو آهي ، ان ڏينهن تي انسان پنهنجن خوني رشتن کي به نه سڃاڻيندو ۽ انهن کان به ڀڄي پاسو ڪندو ... ۽ ان ڏينهن تي جنهن انسان کي باه کان بچايو ويندو ۽ کيس جنت جي باغن جو سير ڪرايو ويندو اهو ئي انسان ڪامياب ٿيندو، هي دنيا هڪ ڌوڪو آهي، هڪ آزمائش آهي، هن دنيا ۾ ڪيل سڀ عمل انسان جي ڪاميابي ۽ ناڪاميابيءَ جو سبب ٿيندا ... چڱن ۽ صالح ڪمن جو بدلو جنت ۽ برائيءَ جو بدلو جهنم ٿيندو ... امتحان ۾ پاس ٿيڻ لئه پنهنجو پاڻ کي هن دنيا ۾ ئي موت کانپوءِ جي زندگيءَ لئه سنوارڻو آهي ... لالچ لوڀ، ڪوڙ، ٺڳي، ڌوڪي ۽ دولاب کان پاڻ کي صاف رکڻو آهي ... الله جي مقرر ڪيل حدن اندر رهي پاڻ کي سرخرو ڪرڻو آهي ...

    ساڳئي فڪر ۽ تعليم کي ڀٽ جي گهوٽ پڻ ڪيترن ئي هنڌن تي ڳايو آهي ۽ انسان کي تنبيه ڪئي آهي ته هو پنهنجو پاڻ سڃاڻي، تڪڙو توبهه تائب ٿي چڱائيءَ طرف اچي، ۽ جي شرڪ جي رستي تي هلندڙ آهن انهن کان ڍڪڻهار جي پناه حاصل ڪري، هي مال ۽ متاع جو ڍير به ڪنهن ڪم جو ناهي ۽ اهي رشتا ناتا به ڪنهن ڪم نه ايندا ... سندس چڱائي ئي ڇوٽڪاري جو سبب ٿيندي ... ان پيغام کي هيٺ ڏنل وائيءَ ۾ انتهائي سهڻي نموني بيان ڪيو اٿس؛

    وائي؛ سر سريراڳ ؛ داستان ٽيون

    ساٿين ننڌا بار، وو! پانڌين ننڌا بار،
    توکي آرس اکڙين ۾!
    پاتا پاڙيوارين، پڳهه منجهه پاتار،
    پتڻ ٿو پور ڪري، آئي تنهنجڙي وار،
    سڄيون راتيون سمهين، کايو منجهه خمار،
    ڪ تو ڪنين نه سئي، هلڻ جي هاڪار؟
    تائب ٿيو تڪڙا، سچي اي سنڀار،
    ننڊ نه ڪجي ايتري، سڻج ادا يار!
    سائينءَ مڪين سچ کي، تون ڪوڙو منجه قطار،
    ڪه تو ڪنين نه سئي، ڪپر جي ڪوڪار،
    گهڙان ٿي رءَ گهڙي، الاهي توهار!
    هو جو شڪ شارڪ جو، تئان رک ستار!
    ڪل نفس ذائقة الموت، پڙهو اي پچار،
    شڪار تون شهباز جو، تون تان منجهه شڪار،
    يوم يفرالمرءُ من اخيه، جت ڀڄندا ڀار،
    ترهو ڇنو تار ۾، اچج تون اوسار،
    لک مڙيئي لٽيا، هنئهين ويا هزار،
    ڏنئه جي الله کي، هوند ٿئين پريين پار،
    جوٽن مٿان جٽڪي، دني تنهنجي دار،
    جيفو آهي حديث ۾، انڌيءَ اي آچار،
    وٽيءِ ڪين ولهن سين، ڪنبي ڀر قهار،
    سا ڪئن هلي توسين، جا ڀڳي کان ڀتار؟
    جيڻ جال نه نبهي، سڻج اي سنڀار،
    جم ورسائين ويسرا! ڀتين جي ڀلڪار.
     
  13. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: شاه جي ڪلام ۾ قرآني هدايتون

    مهرباني ادا تمام سٺي ونڊ ڪئي آهي توهان
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شاه جي ڪلام ۾ قرآني هدايتون

    ادا علي اڪبر شر صاحب، لطيف چواڻي جي ماسو جڙئي مال ته پوڄارا پر ٿئين ۔۔۔ ڪوشش آهي ته اسان سنڌين کي ڪو ماسو هٿ چڙهي وڃي ۽ ڇوٽڪاري واري راهه آسان ٿئي ۔۔۔ ۽ سنڌ جي آجپي واري ويڙه پڻ سهل ٿئي ۔۔۔

    پسند ڪرڻ جي مهرباني ۔۔۔
     
  15. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: شاه جي ڪلام ۾ قرآني هدايتون

    واه اسائين واه تمام پياري شيئرنگ آهي سبحان الله
     
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شاه جي ڪلام ۾ قرآني هدايتون

    جي تو بيت ڀانيان سي آيتون آهن

    سائين نثار صاحب اوهان ۽ قبله مولوي رحيم بخش جي ڪوشش ڏاڍي وڻي۔ لطيف سائين ۽ قرآن جو تعلق تي مٿين بيت ۾ لطيف سرڪار پاڻ ئي راه ڏسي ويو آهي ته هي بيت ناهن پر آيتون آهن۔ اوهان دوستن قرآني آيتن ۽ ڀٽائي جي بيتن کي ملائي ۽ سمجهائي اسان لاء آسانيون پيدا ڪري ڇڏيون آهن۔

    الله پاڪ اوهان کي همت ڏي جو هن ڪم کي اڃان اڳتي وڌايو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شاه جي ڪلام ۾ قرآني هدايتون



    سهڻا دوست، وساڻ صاحب، اوهانجا ٿورا جو اوهان هن ڪاوش کي پسند فرمايو پر هڪ عرض ته اوهانکي به ان سلسلي ۾ ڪو بيت يا ڪا آيت ذهن تي تري اچي ته ان ساڳئي ڌاڳي جي زينت ٺاهيندا ته اڃان سهڻو لڳندو ۔۔۔ بلڪ هن ڌاڳي جي شروعات ۾ مون سڀني دوستن کي دعوت ڏني هئي پر سوا ادي رحيم بخش جي ڪنهن به اڳتي اچي هن مضمون ۾ پنهنجو حصو نه ڳنڍيو ۔۔۔

    رب اسانکي سڌي راهه طرف رهنمائي فرمائي ۔۔۔ آمين
     
  18. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: شاه جي ڪلام ۾ قرآني هدايتون

    ادا نثار اوهان جي محنت ڏاڍي وڻي۔ لطيف حق آهي
     
  19. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: شاه جي ڪلام ۾ قرآني هدايتون


    [​IMG]
    شاه صاحب صرف سنڌ جو وڏو شاعر ناهي پر هڪ عالمگير شاعر آهي جنهن جو فڪر عالمگير فڪر آهي ( شاه عبداللطيف سنڌيءَ جو واقعي به سرتاج شاعر آهي. لطيف جي ٻولي ئي سنڌي ٻوليءَ کي زنده رکڻ جي ضمانت آهي ) شاه صاحب جي شاعري امن شانتي پيار ء محبت جو درس ڏئي ٿي. شاه صاحب جو اهيو اسان تي وڏو احسان آهي جو اهڙي لازوال ۽ ڪمال واري شاعري سنڌي ٻولي کي ڏئي ڪري سنڌي ٻولي کي مالا مال ڪري ڇڏيو آهي۔ توهان سنڌي ادب مان اگر شاه جي شاعري ۽ سندس شخصيت کي الڳ ڪندو ته توهان کي سنڌي ادب خالي خالي ۽ اڻ پورو لڳندو۔ ڀٽائي جي جو فڪر دنيا ۽ آخرت سنوارڻ جي پنڌ جوپڻ ڏس پتو آهي، سنڌ سلامت جا دوستو ۽ منهنجا سنڌي ڀائرو مان توهان کي اهيو به ٻڌائيندو هلان ته ڀٽائي سرڪار جي شاعريءَ ۽ لازوال پيغام کي پرکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ ڪيترن ئي جنمن جي عقل ۽ علم جي ضرورت آهي، مگر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اسان جو نوجوان نسل غالب، اقبال، ء شيڪسپيئر کي ته پڙهڻ پسند ڪندو آهي مگر شاه جي شاعري کي ناهي پڙهندو.جڏهن ته شاه صاحب غالب، اقبال ، ء شيڪسپيئر کان ڪئين دفعه وڏو شاعرآهي . اگر ڪوئي پڙهي ته ڏسي. منهنجا ڀائرو منهنجي صلاح وٺو ٫ اڄ ئي شاه صاحب جي شاعري کي پڙهڻ ء سمجهڻ شروع ڪريو . ء پنهنجي مٺي ٻولي اباڻي ٻولي سنڌي ٻولي سان پيار ۽ محبت جو ثبوت ڏيو. شاه جي شاعري آسان سنڌي ۾ پڻ معني ء تشريح سان ڏني وئي آهي صرف پڙهن وارابڻجو ٌء شاه جي فڪر ء درس کي سمجهو. سنڌ سلامت تي شاه ۽ سندس شاعري تي تمام سٺا مضمون ۽ مقالا ونڊ ٿيل آهن ان کان علاوه شاه جي شاعري کي آواز واري انداز ۾ پڻ (شاه عبدالطيف ڀٽائي جون وايون ۽ بيت ) سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيو ويو آهي۔ ان کان علاوه به سنڌ سلامت تي هڪ مڪمل عنوان آهي شاه صاحب جي حوالي سان ( سنڌ سلامت : شاه عبداللطيف ڀٽائي ) بس توهان شاه جي شاعري کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ وارا بڻجو هڪ ڀيرو ئي صحيح پر دل سان شاه صاحب کي پڙهو ته صحيح، پوءِ ڏسو ته توهسن ڪيئن نه شاه صاحب جا ٿئي ٿا وڃون شاه صاحب فرمايو آهي نه
    هَنجَنِ سين هيڪارَ، جي ڳَڻَ ڪري نِهارِئين؛
    ٻَگَھنِ ساڻ ٻِيهارَ، ٻيلَھ نه ٻَڌِين ڪَڏهِين.​

    ۔ان کان علاوه توهان اگر شاه جو رسالو ڊاريڪٽ نيٽ تان پڙهڻ چاهيو ته توهان وائيس آف سنڌ جو تيار ڪيل شاه جو راسالو پڻ هت ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا۔
    ادا نثار ابڙا صاحب توهان جو ڪم ( شاه جي ڪلام ۾ قرآني هدايتون ) تمام سهڻو ڪم آهي، ۽ اهيو ڪم ڏسي ڪري دل باغ بهار ۽ سرهي ٿئي پئي آهي ، ادا توهان جو ڪم بلڪل تعريف جي لائق آهي ۽ هن ڪم جي تعريف نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي،ادا توهان جي انهيءِ ڪم جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي، هون به شاه صاحب تي جيترو ڪجي اهو گهٽ آهي دعا آهي ته رب پاڪ توهان کي ان ڪم ۾ توڙ تائين پهچائي آمين۔

    http://www.youtube.com/watch?v=zxZp8Q6GNWs&feature=related
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شاه جي ڪلام ۾ قرآني هدايتون

    مهراڻ ٽي ويءَ وارن به هن ساڳئي موضوع جي مناسبت سان هي پروگرام پيش ڪيو هو، اوهان پاڻ ڏسو ۔۔۔





     

هن صفحي کي مشهور ڪريو