• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ناليوارو اديب، ناول نگار، افسانه نگار ۽ ڪالم نگار سراج الحق ميمڻ لاڏاڻو ويو

Sindhi Media

سينيئر رڪن
سراج ميمڻ به گُذاري ويو
شايد ڪو سنڌي هُجي جيڪو مُحترم سراج ميمڻ جي خدمتن کان ناواقف هُجي، منهنجي ساڻن پهرئين مُلاقات 1972 ۾ هلال پاڪستان جي دفتر (ڪورٽ بلڊنگ) جي سامهون ٿي، جنهن وقت مان پنهنجي هڪ لوڪ ڪهاڻي (مامتا ۽ موت) کي هلال پاڪستان اخبار ۾ڇپائڻ لاءِ ويو هوس ۽ پاڻ اها ڪهاڻي پسند ڪري مونکي پنهنجي ڀيڻ محترمه فهميده ميمڻ وٽ ريفر ڪيو هُئائون جنهن مُهنجي اها ڪهاڻي پنهنجي هفتيوار ايڊيشن ۾ ڇاپي. پاڻ ڪافي مدد ڪندڙ ۽ سنڌ جو ڏُک رکندڙ هُئا. افسوس هو اڄ اسان ۾ ناهن پر سندن يادون هر وقت اسان سان آهن. سندن هن لاڏاڻي تي (ساليُووڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر نيوسعيدآباد سنڌ سندس پوئيرن، عزيزن، دوستن سان هن ڏک ۾ گڏ آهن. اسان دُعاگو آهيون ته الله جل شانهُ کين جنت الفردوس ۾ جڳه ڏي ۽ پوين کي صبر.

سنڌ جو ناليوارو ناول نگار ليکڪ ڏاهو، پراڏو سوئي سڏ، مرڻ مونسي مان ۽ تحقيق ۾ وڏو نالو سراج الحق ميمڻ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.............سندس جنازي نماز اڄ ڪراچي ۾ ٻپهري يا ٽپهري جي وچ واري وقت ڪلفٽن ۾ ادا ڪئي ويندي
 
سنڌي ٻوليء جو ناليوارو اديب، جديد صحافت جو سرواڻ، ناول نگار، افسانه نگار ۽ ڪالم نگار سراج الحق ميمڻ دل جي دوري سبب اڄ انتقال ڪري ويو. سندس جنازي نمازسڀاڻي سلطان مسجد ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي جڏهن ته تدفين گذري قبرستان ۾ ٿيندي. سراج الحق ميمڻ 24 آڪٽوبر 1933ع تي ٽنڊو ڄام ۾ جنم ورتو.
398000_10200296392590674_926984398_n.jpg
 
اڄ صبح جو لڳاتار موبائيل فون تي سراج الحق ميمڻ جي وڇوڙي جا ميسج مليا۔ مرحوم جو سنڌي ادب ۾ ڪافي خدمتون آهن، سندس ڪهاڻي ٻوهڻي ته شاهڪار ڪهاڻي اٿس، جا بين القوامي ادب ۾ پيش ڪر سگهجي ٿي۔
عجب ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ته سندس مرتيئي جو ذڪر سنڌ سلامت تي نظر نه آيو ، ڇو ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
 
سنڌي ٻوليء جو ناليوارو اديب، جديد صحافت جو سرواڻ، ناول نگار، افسانه نگار ماهر لسانيات ۽ ڪالم نگار سراج الحق ميمڻ اڄ انتقال ڪري ويو. سندس جنازي نمازسڀاڻي سلطان مسجد ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي جڏهن ته تدفين گذري قبرستان ۾ ٿيندي.
سراج الحق ميمڻ ولد محمد يعقوب ميمڻ 24 آڪٽوبر 1933ع تي ٽنڊو ڄام ۾ جنم ورتو. 1945 اٽيچمينٽ ڏسو
 
اڄ صبح جو لڳاتار موبائيل فون تي سراج الحق ميمڻ جي وڇوڙي جا ميسج مليا۔ مرحوم جو سنڌي ادب ۾ ڪافي خدمتون آهن، سندس ڪهاڻي ٻوهڻي ته شاهڪار ڪهاڻي اٿس، جا بين القوامي ادب ۾ پيش ڪر سگهجي ٿي۔
عجب ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ته سندس مرتيئي جو ذڪر سنڌ سلامت تي نظر نه آيو ، ڇو ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟

رضوان ڀاء هيٺ ڏنل موضوع تي ڦيرو ڀريو، توهان کي ذڪر ملي ويندو
ناليوارو اديب، ناول نگار، افسانه نگار ۽ ڪالم نگار سراج الحق ميمڻ لاڏاڻو ويو
 
Back
Top