Sindhi Media
سينيئر رڪن
سراج ميمڻ به گُذاري ويو
شايد ڪو سنڌي هُجي جيڪو مُحترم سراج ميمڻ جي خدمتن کان ناواقف هُجي، منهنجي ساڻن پهرئين مُلاقات 1972 ۾ هلال پاڪستان جي دفتر (ڪورٽ بلڊنگ) جي سامهون ٿي، جنهن وقت مان پنهنجي هڪ لوڪ ڪهاڻي (مامتا ۽ موت) کي هلال پاڪستان اخبار ۾ڇپائڻ لاءِ ويو هوس ۽ پاڻ اها ڪهاڻي پسند ڪري مونکي پنهنجي ڀيڻ محترمه فهميده ميمڻ وٽ ريفر ڪيو هُئائون جنهن مُهنجي اها ڪهاڻي پنهنجي هفتيوار ايڊيشن ۾ ڇاپي. پاڻ ڪافي مدد ڪندڙ ۽ سنڌ جو ڏُک رکندڙ هُئا. افسوس هو اڄ اسان ۾ ناهن پر سندن يادون هر وقت اسان سان آهن. سندن هن لاڏاڻي تي (ساليُووڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر نيوسعيدآباد سنڌ سندس پوئيرن، عزيزن، دوستن سان هن ڏک ۾ گڏ آهن. اسان دُعاگو آهيون ته الله جل شانهُ کين جنت الفردوس ۾ جڳه ڏي ۽ پوين کي صبر.سنڌ جو ناليوارو ناول نگار ليکڪ ڏاهو، پراڏو سوئي سڏ، مرڻ مونسي مان ۽ تحقيق ۾ وڏو نالو سراج الحق ميمڻ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.............سندس جنازي نماز اڄ ڪراچي ۾ ٻپهري يا ٽپهري جي وچ واري وقت ڪلفٽن ۾ ادا ڪئي ويندي