سنڌ سلامت جي زين فورو جي جديد ورشن تي اپگريڊنگ

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏19 ڊسمبر 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    السلام عليڪم دوستو۔۔
    گذريل هڪ مهيني کان سنڌ سلامت فورم کي زين فورو جي پراڻي ورشن 4۔1۔1 کان جديد ترين ورشن 4۔2۔1 تي ٽرانسفر ڪرڻ جون ڪوششون جاري هيم۔۔۔ هي ڪم جيترو آسان پئي سمجهيم ان کان به ڏکيو هيو جو نئين ورشن ۾ ڪافي ساريون تبديليون ٿي چڪيون هيون۔۔۔ سڀ کان اهم تبديلي هئي زين فورو ايڊيٽر جي ۔۔ اڳ ٽني ايم سي اي نالي ايڊيٽر استعمال پئي ٿيو جڏهن ته جديد ورشن تي ريڊڪٽر ايڊيٽر استعمال ٿي رهيو ۔۔ جنهن تي پاڻمرادو سنڌي لکڻ کي فعال ڪرڻ به آسان نه هئو۔۔ هر دفعي وانگر هن دفعي به ادا @عامرضياء چارڻ کي تڪليف ڏيڻي پيم۔۔۔ سندن مهرباني جو وقتائتي موٽ ڏنائون۔۔۔
    نئون ورشن جي رڳو ايڊيٽر جو ئي مسئلو نه هو پر اچانڪ فورم وزني ٿيڻ لڳو ۽ موجوده ڊيٽابيس جو بيڪ اپ وٺڻ پڻ ڏکيو ثابت ٿيڻ لڳو۔۔ مختلف پلگ ان هٽائي به ڪوشش ڪئي وئي پر ناڪامي موجود ملي۔۔۔ لائيو فورم کي اپڊيٽ ڪرڻ ۾ وڏو رسڪ هيو۔۔۔ جو قيمتي ڊيٽا ضايع ٿيڻ جو انديشو هيو۔۔۔
    جڏهن حل لاءِ هوسٽنگ ڪمپني سان رابطو ڪيو ويو ته جواب مليو ته توهان جي سائيٽ تي ٽريفڪ جو ڪافي اضافو آهي۔۔ سڀ سهولتون ۽ مسئلا ختم ڪرڻ لاءِ هوسٽنگ پيڪيج اپگريڊ ڪرڻو پوندو۔۔۔ :(
    فورم کي لائيو رکڻ لاءِ اڳ ئي ڪافي خرچ ٿي رهيا هيا ۽ هاڻي اضافي خرچ منجهائي وڌو۔۔ خير همت نه هارايم حل لاءِ ٻيا جڳاڙ ۽ ڪوششون جاري رکيم پر اڄ لڳ ڀڳ هڪ مهيني کان پوءِ آخرڪار سنڌ سلامت جو موجوده ڊيٽابيس وڌيڪ وزن برداشت نه ڪري سگهيو ۽ ڪريش ٿيڻ لڳو ۔۔۔ ان سلسلي ۾ پهرين خبر ادا @سليمان وساڻ ان وقت ٻڌائي جڏهن آ آفيشلي ڪافي مصروف هيم۔۔
    ڊيٽا بيس کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ لاءِ تڪڙو بغير اطلاع جي فورم کي آف ڪرڻو پيو ۽ پوءِ رات جو لڳ ڀڳ هڪ بجي جيئن ئي واندڪائي ٿي۔۔ هوسٽنگ پيڪيج کي عارضي طور هڪ مهيني لاءِ اپگريڊ ڪندي شيئرڊ هوسٽنگ مان ڊيڊيڪيٽنگ هوسٽنگ تي منتقل ڪيم۔۔۔ (ان سلسلي ۾ هڪ دوست جو مشڪور آهيان جنهن پنهنجي ڪريڊٽ ڪارڊ مان 20 ڊالر استعمال ڪرڻ لاءِ ڏنا)
    ائين سمورا مسئلا چٽڪين ۾ حل ٿيڻ لڳا۔۔۔ فورم ڊيڊيڪيٽڊ سرور تي منتقل ٿيندي ئي پنهنجي رفتار پهرين جي مقابلي ۾ 10 دفعا وڌائي ڏيکاري جيڪا توهان به محسوس ڪندو۔۔ سٺي رفتار ڪري ٻن ڪلاڪ اندر نه صرف ڪريش ٿيل ڊيٽا بيس رپيئر ٿيو پر ڊيٽابيس جو بيڪ اپ، ريسٽور ۽ نئين ورشن تي اپگريڊنگ ڪاميابي سان منتقل ٿي۔۔۔

    پهرين ورشن جي مقابلي ۾ موجوده نئين ورشن بي شمار تبديليون سامهون اينديون۔۔ ۽ وري پراڻا ڪجهه فيچرس ڪجهه عرصي لاءِ غير فعال پڻ هوندا۔۔۔ خاص تبديلين ۾ رچ ٽيڪسٽ ايڊيٽر جو اضافو۔۔ آٽو سيو ڊرافٽ۔۔۔ ۽ ريسپانسوِ ڊيزائين جنهن ڪري هاڻي سنڌ سلامت ننڍي اسڪرين واري ڊيوائيسز ۾ پڻ آساني سان استعمال ڪري سگهبو۔۔۔ في الحال سنڌي ايڊيٽر موبائيل فونز جي ڪروم برائوزر ۾ ڪم نه پيو ڪري پر ان سهولت کي ترجيحي بنياد تي درست ڪيو ويندو۔۔۔ ان کان علاوه فورم تي هن دفعي سنڌي فونٽ کي امبيڊ ڪري رکيو ويو آهي ته جئين جن ساٿين وٽ سنڌي فونٽ ڪمپيوٽر ۾ انسٽال نه هجن انهن وٽ پڻ سنڌ سلامت جو نظارو درست نظر اچي۔۔۔

    جيئن ته اڳ ڳالهه ٿي چڪي ته سنڌ سلامت فورم کي عارضي طور ڊيڊيڪيٽوِ سرور تي آندو ويو آهي۔۔۔ ان جو سبب اهو آهي ته سرور پائيدار هوسٽنگ ڪافي مهانگي آهي جيڪا بغير مالي سهائتا جي جاري رکڻ ممڪن نه آهي۔۔۔ ان ڪري جيڪڏهن فورم جي موجوده رفتار ساٿين کي پسند اچي ۽ ان کي جاري رکڻ چاهين ته ڪوشش ڪري سگهجي ٿي۔۔۔ (تڪڙو ان سلسلي ۾ هڪ موضوع شروع ڪري ساٿين کان مشورو ورتو ويندو)

    هميشه وانگر جڏهن فورم کي ميجر اپڊيٽ مان گذاريو ويندو آهي ته ڪافي تبديليون هجڻ ڪري الجهنون پڻ پيدا ٿينديون آهن جن کي آهستي آهستي ختم ڪيو ويندو۔۔۔ دوستن کي درخواست آهي ته پنهنجا ويچار ۽ مشورا هن ئي موضوع موڪلين۔۔ ۽ فورم تي غلطين جي نشاندهين سان گڏو گڏ فورم تي مختلف جڳهين تي موجود انگريزي لفظن کي سنڌي ترجمي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ نشاندهي ڏياريندي پڻ مدد ڪن۔۔

    فورم کي اپڊيٽ ڪندي خبر ئي نه پئي وقت ڪافي لنگهي چڪو۔۔ ۽ گهڙي رات جا 4 وڄائي ڇڏيا۔۔ ان ڪري ساٿيو هاڻي اجازت۔۔
    والسلام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏19 ڊسمبر 2013
    17 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    توهان کي سلام آهي جو ايتري محنت ڪري في الفور فورم کي اپڊيٽ ڪري ورتو آهي سڀني دوستن کي مبارڪون هجن جو اسان جو فورم هاڻي نئين ورجن تي منتقل ٿي چڪو آهي اميد ته هاڻي اڳئين کان ڪافي سهولتون ملنديون هڪ ته جلد اپلوڊنگ ، موضوع موڪلڻ ۾ دير نه ٿيندي ، ايڊيٽر ۾ به ڪافي شيون نيون آهن ليڪن هن جو لُڪ اگر پهرئين وانگر رنگين هجي ته وڌيڪ بهتر لڳندو ڪافي جاين تي انگريزي لفظ آهن انشآء الله اهي آهستي آهستي درست ٿيندا ويندا جيئن موضوع جي هيٺان ترميم کان پوء History هسٽري انگريزي ۾ آهي مٿي watched Forums New posts انگريزي ۾ آهن ۽ اوهان ٻڌايو هو ته فونٽ ۾ انگريزي ايريل رکيو ويو آهي ليڪن ايڊيٽر ۾ اڃا شايد اهو فونٽ امبيڊ ٿيل نه آهي۔
    رڪن جي انفارميشن ۾ تصوير جي هيٺان لکيل آهي Staff Member ترميم لاء کلندڙ ايڊيٽر ۾ به ڪجهه لفظ انگريزي ۾ لکيل آهن۔ جيئن edit silently clear last edit information. ُ ايڊيٽر جي لکائي واري جاء تي آٽو لکيل اچي ٿو write your Reply وغيره اگر ترميم واري ايڊيٽر ۾ انگريزي کي سليڪٽ ڪري تبديليون محفوظ ڪجن ٿيون ته انگريزي درست نظر اچي ٿي جيڪڏهن سنڌي يعني رچ ايڊيٽر کي سليڪٽ ڪري تبديليون محفوظ ڪجن ٿيون ته انگريزي درست نظر نه ٿي اچي ۔وڌيڪ جيڪو ڪجهه نظر ايندو ته توهان کي مطلع ڪبو ۽ ٻيا دوست پڻ نشاندهي ڪندا۔:(
    مالي سهائتا لاء اميد آهي ته سڀ دوست ٿوري ٿوري مدد ڪندا ته انشآء الله ڪم ٿي ويندو۔ وڌيڪ سڀني دوستن جي راين ۽ مشورن تي عمل ڪيو وڃي۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏19 ڊسمبر 2013
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ايس ايم صارم

    ايس ايم صارم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    93
    ورتل پسنديدگيون:
    376
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ملازم
    ماڳ:
    محله ڪوٽ دينل شاھ پيرجوڳوٺ (ڪنگري
    السلام عليڪم!
    ڀاء رشيد سميت تمام منتظمين ۽ رڪن دوستن کي مبارڪون۔
    اصل ۾ دل صفا باغ و بهار ٿي پئي آهي جو فورم هينئر موبائيل تي به آسانيءَ سان کلي سگھي ٿو۔ فورم جي سافٽويئر ۾ ڪافي نواڻ آهي جيڪا به بهترين آهي۔ باقي تبديلين يا ترجمي جي ضرورت جو اندازو فورم کي گھمڻ کان پوءِ ڪري سگھجي ٿو جيڪو پڻ آهستي آهستي ٿي ويندو انشآءالله۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏19 ڊسمبر 2013
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لک قرب ۔۔۔ ٻڻ ڏينهن کان آيل ان مسئلي جو تڪڙو حل ڳولهي اواهن تمام سٺو ڪم ڪيو آهي۔ اوهان جي مصروفيتن کي ڏسي ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ واري الجهيل مسئلي سبب مونکي لڳي رهيو هو ته اپگريڊيشن ۾ ٽي کان چار ڏينهن لڳندا، اهوئي سبب هو جو مون فيسبوڪ تي اپڊيٽ ڪيو جيئن دوستن ۽ ميمبرن کي آگاهي ملي سگهي۔

    فورم جي اسپيڊ تمام سٺي آهي، باقي ڪم ڪرڻ کانپوء ئي خبر پوندي ته ڪٿي ڪٿي تبديلين جي ضرورت آهي۔ ايريل فونٽ کي امبينڊ ڪرڻ وارو ڪم ته تمام سٺو لڳو۔

    هڪ ٻي ڳالهه نوٽ ڪيم ته ورڊ مان ڪاپي ڪري پيسٽ ڪيل مواد جي فارميٽنگ آٽو تبديل ٿي رهي آهي۔ اوهان به چيڪ ڪيو۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    هي تمام بهتر ورشن آهن پر هن ۾ ڪجھ انگريزي لفظ آهن جيڪي هيٺ ڏجن ٿا۔اهي سنڌي ۾ تبديل ڪيا وڃن
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    باقي سنڌي پيڊ ايڊيٽر کي مڪمل سنڌي ۾ ڪريو۔سڀ ڪجھ سنڌي لفظ ۾ تبديل ڪريو۔جتي جتي انگريزي لفظ لکيل آهن۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏19 ڊسمبر 2013
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اڄ صبح جيئن موبائيل تي فيسبڪ ميسيجز کوليم ته @ذيشان رشيد جو ميسيج هو جنهن ۾ هن موضوع جي لنڪ ڏنل هئي. ڪروم برائوزر ڊفالٽ هجڻ ڪري ان ۾ ئي کليو. اکيون ٺري پيون نئين ورشن کي ڏسي. جنهن ۾ موبائل جي مطابقت به هئي ته ايمبيڊ فونٽ پڻ. هي جواب آئون موبائل تان ئي ڏيئي رهيو آهيان. ايم بي سنڌي ڪي بورڊ وسيلي.گذريل هڪ مهيني کان رشيد جون ننڊون ڦٽل هيون سنڌي جي سڀ کان وڏي فورم کي بنا نقصان رسڻ جي اپگريڊ ڪرڻ لاء. سندس قابليت تي يقين هو سو پڪ هئي ڪم ٿيندو بس رڳو انتظار هو. اميد ته ٻيا ننڍا وڏا مسئلا به حل ٿي ويندا.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏19 ڊسمبر 2013
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    مبارڪون ۔۔ مبارڪون۔۔ مبارڪون
    رات فورم جو وزٽ ڪيم ته بند هو۔ ء وري هاڻي ما شاء الله اڪيون ٿديون ٿيون آهن۔ مان اڪثر موبال تان لڪندو آهيان۔ منهنجي لاء ته عيد ٿي وي۔ صحيح ڪمپوز ڪرڻ ۾ ٿورو ٽاءم لڳندو۔
    مبارڪون
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا رشيدڻ لک لک مبارڪون هجن۔
    آخرڪار اوهانجي دل جون مرادون پوري ٿي ويون۔
    اهو تمام مشڪل ڪم هوندو آهي جڏهن ڪنهن هڪ اسڪرپٽ کي ٻي اسڪرپٽ تي منتقل ڪبو آهي۔
    منهنجي لاء ڪا خدمت هجي ته حڪم ڪيو۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ايس ايم صارم

    ايس ايم صارم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    93
    ورتل پسنديدگيون:
    376
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ملازم
    ماڳ:
    محله ڪوٽ دينل شاھ پيرجوڳوٺ (ڪنگري
    [​IMG] [​IMG]
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ما شا الله نئين ورشن تي اچڻ تي سنڌ سلامت سٿ کي مبارڪون ڪالهه رشيد سان ڳالهه ٿي ان ٻڌايو ته اپڊيٽ ٿيڻ ۾ ٽي چار ڏينهن لڳي ويندا پر اڄ جئين ئي فورم کوليم ته نئي ورشن تي ڏسي خوشي ٿي رفتار ته سٺي آهي ايندڙ مسئلا به وقت سر حل ٿي ويندا
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏19 ڊسمبر 2013
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    سائين ھميشه جيان اوھان جي ھر محنت به سٺي لڳي، سدائين جيئو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    السلام عليڪم !
    سائين عبدالرشيد سمون صاحب جن کي دل جي اتساھ سان مبارڪباد پيش ڪيون ٿا ۽ فورم جي باقي انتظاميه سائين عامرضياء چارڻ صاحب ۽ جن مالي تعاون ڪيو سڀني جا شڪر گار آهيون ۔ اميد ڪريون ٿا ته فورم کي جلد از جلد ڪور ڪري وٺبو جيئن سڀني دوستن ۽ ميمبرن کي اڳتي ڪا دقت پيش نه اچي ۔جزاڪم الله خيرا!
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    تبديلي زندگي جي علامت آهي۔ ترقي لا وقت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ ضروري هوندو آهي۔
    منزل تي اُهي ئي پهچندا آهن جيڪي قدم به قدم اڳتي وڌندا آهن۔
    سنڌ سلامت جي موجوده تبديلي به هڪ خوش آئند قدم آهي۔
    ادا ذيشان رشيد جي محنتن جو ڦل سنڌ سلامت جي شڪل ۾ اسان جي آڏو آهي۔ هي فورم نه صرف سنڌي ٻولي، سنڌي ادب کي دنيا جي ڪند ڪڙڇ ۾ پهچائي ٿو پر سڄي دنيا جي سنڌين کي هڪ اڱڻ تي گڏ ڪرڻ ۾ به مصروف آهي۔
    سنڌ سلامت کي اپڊيٽ ڪري جديد گهرجن مطابق هلائڻ وارو ڪم هڪ تمام ڏکيو ۽ ٽيڪنيڪل ڪم آهي۔ ان لا مهارت ، محنت ۽ لاڳيتي ڪوششن جي ضرورت آهي ۽ ادا ذيشان ۾ اهي سڀ خوبيون موجود آهن۔
    جڏهن سنڌ سلامت جي سائيٽ بند ڪئي وئي ته ايئن لڳو ڄڻ انٽر نيٽ تي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي غائب ٿي وئي آهي۔:(
    سنڌ ۽ سنڌي ٻولي کي دنيا آڏو جيڪا سڃاڻپ سنڌ سلامت ڏني آهي اها ڪنهن ٻي سنڌي سائيٽ ناهي ڏني۔ سنڌ سلامت جو ايئن اوچتو غائب ٿي وڃڻ سان دل اُداس ٿي وئي۔۔۔جيتوڻيڪ اهڙا اوچتا جهٽڪا پهرين به لڳي چڪا آهن پر ان جي باوجود سنڌ سلامت جو ايئن اوچتو غائب ٿي وڃڻ الائي ڇو برداشت ناهي ٿيندو۔:confused:
    سنڌ سلامت جي سائيٽ ۾ ٿيل تبديلين جي ته خبر آهستي آهستي پوندي۔ منهنجي لا ته بس اها ئي خوشي جي خبر آهي ته سنڌ سلامت سان جدائي جو وقفو ادا ذيشان جي ڏينهن رات جي ڪوششن سان مختصر ٿي ويو ۽ سنڌ سلامت ٻيهر انٽر نيٽ تي ظاهر ٿي وئي آهي۔ :)
    منهنجي پاران سنڌ سلامت جي سڄي سٿ کي جديد گهرجن مطابق نواڻ آڻڻ تي کوڙ ساريون واڌايون قبول هجن۔۔۔
    آخر ۾ سڀ کان اهم ڳالهه فورم کي هلائڻ لا خرچ جي ضرورت ۽ ان جي پورائي جي ڪندس۔ هن فورم کي هلائڻ لا ڪير ڪيترو خرچ ڪري رهيو آهي۔۔۔ سنڌ سلامت جي سٿ ۽ رڪنن جو ان ۾ ڪيترو ڪردار آهي اها ڳالهه هميشه کان لڪل رهي آهي۔
    منهنجي صلاح آهي ته سنڌ سلامت تي ان بابت هڪ موضوع ٺاهيو وڃي جتي هن فورم جي بجيٽ، خرچ ۽ مدد ڪرڻ جو طريقو وغيره ٻُڌايل هجي۔۔۔۔سڀني رڪنن آڏو سنڌ سلامت جي بجيٽ ۽ سنڌ سلامت جون ضرورتون پيش ڪيون وينديون ته هر اهو رڪن جيڪو مالي مدد ڪري سگهي ٿو ضرور ان خدمت ۾ حصو وٺندو۔ رهنمائي ڪرڻ سان هر رڪن کي مدد ڪرڻ ۾ ۽ رقم پهچائڻ ۾ ڪا ڏکيائي به نه ٿيندي۔ هون به اڄڪلهه آن لائين بئنڪنگ وسيلي رقم جي مٽا سٽا ممڪن آهي۔ ايئن ڪرڻ سان مون سميت ڪافي دوست هن قومي خدمت ۾ ڀائيوار ٿيڻ جي ضرور ڪوشش ڪندا۔ انشاالله۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ادا رشيد مونکي تمام گهڻي خوشي اڄ ان وقت ٿي جڏهن موبائل تان لاگ ان ٿي ڪروم، ڊولفن ۽ اوپيرا مني ۾ سنڌ سلامت هلايم ته ٽنهي برائوزرس مڪمل سپورٽ ڪيو، سچ پڇو ته خوشي ته تڏهن به ٿي جڏهن فورم جي اسپيڊ ايڪسپريس اسپيڊ لڳي۔

    تنهنڪري عرض ڪندس ته تجرباتي يا عارضي طور ڊيڊيڪيٽيڊ سرور بجاء اسانکي هاڻي دائمي طرح ڊيڊيڪيٽيڊ سرور تي اچڻو پوندو۔ ڪاٿو لڳايو ته ڪيترو خرچو ايندو۔ خرچو ڪجهه وڌيڪ ايندو پر مان سمجهان ٿو ته اسان پاڻ ئي ان خرچ کي مينيج ڪري سگهون ٿا۔ اجايو دوستن کي تڪليف نه ڏبي۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ها سائين سليمان وساڻ ٽنهي برائوزرن تي سپورٽ آهن۔اوپيرا مني ۾ بلڪل درست سنڌي آهي۔
    [​IMG]

    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    منهنجي هڪ عرض آهي ته هيٺ ڏنل تصوير مطابق سب فورم هيٺ ترتيب ۾ رکو
    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ۔ممتاز قريشي ادا وهان جي ڳالهه بلڪ صحيح آهي ته سڀني کي سهڪار ڪرڻ گهُرجي۔ پر ڳالهه اها آهي ته انتظامي لڏو (جنهن تي وقت بوقت رُڪنن توڙي ٻين پاران) تنقيد ٿيندي رهي ٿي۔ اهي قطعي نه ٿا چاهين ته ڪو سڀني دوستن کي تڪليف اچي۔ مالي طور ته پنهنجي کيسي تي بار وجهه ٿا سو وجهن ٿا پر جيتري قدر آئون کين ذاتي طرح سُڃاڻان ٿو هو سڀ اهڙن ذريعهِ مُعاش سان واڳيل آحن جو کين وقت جهڙي قيمتي شئي ڏيڻ تي به جس هُجي۔
    اوهان موضوع ۾ ڏسو ته ۔ذيشان رشيد لکي ٿو ته رات هڪ بجي واندو ٿيس ته ۔ ۔ ۔ ۔سوچيو ته جيڪو ماڻهو رات جو هڪ بجي واندو ٿيندو هُجي اُهو ڪيترو مصروف هوندو۔
    توڙي جو ڪڏهن رتي برابر پتي به نه وڌي اٿم پر عرض ڪبو ته تعاون لاءِ چوندا ته حاضر آهيون۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پسنديدگيءَ لاءِ لک لائق۔۔۔
    توهان جا ڏسيل لڳ ڀڳ سمورا انگريزي لفظ سنڌي ۾ تبديل ڪيا ويا آهن۔۔۔ جيسيتائين ايڊيٽر جو تعلق آهي ته ايڊيٽر تي لکائي واري فونٽ جيئن ته جاوا ڪوڊنگ ۾ ڏنل آهي ان ڪري اهو امبيڊ ٿي نه سگهيو آهي۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    موبائيل ورشن کي اڃان تائين مڪمل طور نه جانچي سگهيو آهي۔۔ جيڪڏهن توهان اڪثر موبائيل تي سنڌ سلامت جو وزٽ ڪندڙ آهيو ته غلطين جي نشاندهي ڪندا رهندا۔۔۔ فورم جي نئين تبديلي کي پسند ڪرڻ جي مهرباني ۔۔۔ يقينن هن خوبصورتي ۾ توهان پڻ مهرباني جا مستحق آهيو۔۔۔
    دوستن لاءِ اطلاع ته سنڌ سلامت تي موجوده امبيڊ ڪرڻ لاءِ فونٽ تيار ڪري ڏيڻ ۾ ادا صارم جي مڪمل محنت شامل ۔۔۔ سندن ٿورا جو ڪافي اڳ ئي فونٽ تيار ڪري موڪلي ڏنو هو۔۔۔ فونٽ کي اپلائي ڪرڻ سان ڪجهه ٽيڪنيڪل الجهنون نظر مان گذرن پيون جن کي نوٽ ڪيو پيو وڃي۔۔ ترت ان ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ ادا صارم جن کي اضافي درخواست ڪبي۔۔۔ سندن سهائتا لاءِ لک لائق
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جئين ته ڊيڊيڪيٽڊ سرور تي اڳ ڪم ڪرڻ جو تجربو نه هو۔۔ ان ڪري اندازو نه هو ته ڪم تڪڙو اڪلي سگهندو۔۔۔ هوئن به اپڊيٽنگ جا ڪئي مرحلا ۽ تجربا اڳ ٿي چڪا هئا ان ڪري ڪم ٿورو ترت ٿي پيو۔۔۔
    جي ها نئين ايڊيٽر ۾ اها خاصيت شامل ڪئي وئي آهي ته مواد ڪنهن به جڳهه تان کڻي جڏهن پيسٽ ڪيو وڃي ته ان جي فارميٽنگ کي پاڻ مرادو تبديل ڪري فورم جي ڊيفالٽ فارميٽنگ ۾ آڻي سگهي ۔۔۔ ان طرح رڪنن جي ڪاپي پيسٽ ٿيل مواد کي انتظاميه طرفان درست فارميٽنگ ۾ تبديل ڪرڻ جي اضافي ڪم جي پڻ ضرورت نه رهندي ۽ ساٿين طرفان آندل مواد درست سنڌي فارميٽنگ ۾ نظر ايندو۔۔۔
    جلد فورم تي آيل تبديلين کي الڳ موضوع سان ساٿين اڳيان آگاهه ڪبو۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو