• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جي زين فورو جي جديد ورشن تي اپگريڊنگ

پيار ڪاوڙ نه ڪر۔۔۔ مون مذاق ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته گذريل ڳالهيون ڇڏي اڳتي وڌجي۔۔ پر ان جو اهو مقصد به ناهي ته گذريل سٺين ڳالهين کي ڇڏي ڏجي۔۔ سو حاضر بس رڳو پراڻي ورشن جي فيچرس کي نئين ورشن سان مطابقت ڪرڻ لاءِ تجربا ڪرڻ تي وقت وڃائبو۔۔ سو ڪبو جو سنڌ سلامت آهي ئي توهان جي ڪري۔۔۔:)
سائين مان ڪاوڙ نه ٿو ڪيان.جيڪا شي نئين فيچرس هوندي آهي اها پراڻي شي ۾ نه هوندي آهي.
توهان سنڌ سلامت ڏينهون ڏينهن بهتر بڻايو ٿا تپهان کي سلام ٿو ڪريان.
سنڌ سلامت جي ڪري مون سنڌ سجاڳ فورم چڏيو.انهن مون کي ايڊٽر به ڪريو پر مون اهو تڏي چڏيو.
بس هاڻي سنڌ سلامت آهي.
بس ساٿ هلندو رهندو جيستائين حياتي رهندي
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
لڳي ٿو ايڊيٽر ۾ اڃا ڪجهه اررس آهن جيئن ٽيگ ڪرڻ وقت @ذيشان رشيد کي ٽيگ ڪيوسين ته @ وارو نشان به ظاهر اچي ٿو

ها اهو مسئلو ته آهي۔ پر اوهان شايد فائر فاڪس استعمال ٿا ڪريو۔ ڪروم ۾ @ لکڻ کان پوءِ نالي جا پهريان ٻه ٽي اکر لکبا آهن ته پاڻمرادو ڏَس ڏيندو آهي هيٺ۔ جيئن فيس بُڪ تي آهي۔ اهو فائرفاڪس تي صحيح ڪم نه ٿو ڪري۔
رحيم بخش
 
سائيڊ تي رکيل نوان مضمون ۽ تازه ترين مضمون هوندا هئا ۔ جيڪر ٻيهر رکيو وڃي ته بهتر رهندو ۔
فعال موضوع هاڻي نيون تحريرون صفحي تي مٿي کاٻي پاسي موجود آهي۔۔۔:)

jrQhVJDhMF9JH.png

 
لڳي ٿو ايڊيٽر ۾ اڃا ڪجهه اررس آهن جيئن ٽيگ ڪرڻ وقت @ذيشان رشيد کي ٽيگ ڪيوسين ته @ وارو نشان به ظاهر اچي ٿو
جي ها ڊيفالٽ ورجن ۾ اهو نشان رهڻو هو۔۔ پر توهان جي نشاندهي کان پوءِ هاڻي ان کي فڪس ڪيو اٿم۔۔ جنهن کان رحيم بخش کي ٽيگ ڪرڻ دوران اهو نشان ظاهر نه ٿيندو۔۔۔ گڏ پهرين ورجن جي مقابلي ۾ هاڻي توهان رڪن جي پروفائيل پوسٽ يا ڪمينٽس پوسٽ ۾ پڻ ڪنهن رڪن کي ٽيگ ڪري سگهو ٿا۔۔۔:)
 
جي ها ڊيفالٽ ورجن ۾ اهو نشان رهڻو هو۔۔ پر توهان جي نشاندهي کان پوءِ هاڻي ان کي فڪس ڪيو اٿم۔۔ جنهن کان رحيم بخش کي ٽيگ ڪرڻ دوران اهو نشان ظاهر نه ٿيندو۔۔۔ گڏ پهرين ورجن جي مقابلي ۾ هاڻي توهان رڪن جي پروفائيل پوسٽ يا ڪمينٽس پوسٽ ۾ پڻ ڪنهن رڪن کي ٽيگ ڪري سگهو ٿا۔۔۔:)
توهان جي مهرباني جو جلد تدارڪ ڪندا پيا وڃو۔
 
ها اهو مسئلو ته آهي۔ پر اوهان شايد فائر فاڪس استعمال ٿا ڪريو۔ ڪروم ۾ @ لکڻ کان پوءِ نالي جا پهريان ٻه ٽي اکر لکبا آهن ته پاڻمرادو ڏَس ڏيندو آهي هيٺ۔ جيئن فيس بُڪ تي آهي۔ اهو فائرفاڪس تي صحيح ڪم نه ٿو ڪري۔
رحيم بخش
جي بالڪل درست ٿا چئو ليڪن هاڻي اهو مسئلو فائر فاڪس ۾ به نظر نه ٿو اچي۔ جيئن توهان کي تڪليف ٿا ڏيون عبدالحفيظ لغاري
 
السلام عليڪم دوستو۔۔
گذريل هڪ مهيني کان سنڌ سلامت فورم کي زين فورو جي پراڻي ورشن 4۔1۔1 کان جديد ترين ورشن 4۔2۔1 تي ٽرانسفر ڪرڻ جون ڪوششون جاري هيم۔۔۔ هي ڪم جيترو آسان پئي سمجهيم ان کان به ڏکيو هيو جو نئين ورشن ۾ ڪافي ساريون تبديليون ٿي چڪيون هيون۔۔۔ سڀ کان اهم تبديلي هئي زين فورو ايڊيٽر جي ۔۔ اڳ ٽني ايم سي اي نالي ايڊيٽر استعمال پئي ٿيو جڏهن ته جديد ورشن تي ريڊڪٽر ايڊيٽر استعمال ٿي رهيو ۔۔ جنهن تي پاڻمرادو سنڌي لکڻ کي فعال ڪرڻ به آسان نه هئو۔۔ هر دفعي وانگر هن دفعي به ادا @عامرضياء چارڻ کي تڪليف ڏيڻي پيم۔۔۔ سندن مهرباني جو وقتائتي موٽ ڏنائون۔۔۔
نئون ورشن جي رڳو ايڊيٽر جو ئي مسئلو نه هو پر اچانڪ فورم وزني ٿيڻ لڳو ۽ موجوده ڊيٽابيس جو بيڪ اپ وٺڻ پڻ ڏکيو ثابت ٿيڻ لڳو۔۔ مختلف پلگ ان هٽائي به ڪوشش ڪئي وئي پر ناڪامي موجود ملي۔۔۔ لائيو فورم کي اپڊيٽ ڪرڻ ۾ وڏو رسڪ هيو۔۔۔ جو قيمتي ڊيٽا ضايع ٿيڻ جو انديشو هيو۔۔۔
جڏهن حل لاءِ هوسٽنگ ڪمپني سان رابطو ڪيو ويو ته جواب مليو ته توهان جي سائيٽ تي ٽريفڪ جو ڪافي اضافو آهي۔۔ سڀ سهولتون ۽ مسئلا ختم ڪرڻ لاءِ هوسٽنگ پيڪيج اپگريڊ ڪرڻو پوندو۔۔۔ :(
فورم کي لائيو رکڻ لاءِ اڳ ئي ڪافي خرچ ٿي رهيا هيا ۽ هاڻي اضافي خرچ منجهائي وڌو۔۔ خير همت نه هارايم حل لاءِ ٻيا جڳاڙ ۽ ڪوششون جاري رکيم پر اڄ لڳ ڀڳ هڪ مهيني کان پوءِ آخرڪار سنڌ سلامت جو موجوده ڊيٽابيس وڌيڪ وزن برداشت نه ڪري سگهيو ۽ ڪريش ٿيڻ لڳو ۔۔۔ ان سلسلي ۾ پهرين خبر ادا @سليمان وساڻ ان وقت ٻڌائي جڏهن آ آفيشلي ڪافي مصروف هيم۔۔
ڊيٽا بيس کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ لاءِ تڪڙو بغير اطلاع جي فورم کي آف ڪرڻو پيو ۽ پوءِ رات جو لڳ ڀڳ هڪ بجي جيئن ئي واندڪائي ٿي۔۔ هوسٽنگ پيڪيج کي عارضي طور هڪ مهيني لاءِ اپگريڊ ڪندي شيئرڊ هوسٽنگ مان ڊيڊيڪيٽنگ هوسٽنگ تي منتقل ڪيم۔۔۔ (ان سلسلي ۾ هڪ دوست جو مشڪور آهيان جنهن پنهنجي ڪريڊٽ ڪارڊ مان 20 ڊالر استعمال ڪرڻ لاءِ ڏنا)
ائين سمورا مسئلا چٽڪين ۾ حل ٿيڻ لڳا۔۔۔ فورم ڊيڊيڪيٽڊ سرور تي منتقل ٿيندي ئي پنهنجي رفتار پهرين جي مقابلي ۾ 10 دفعا وڌائي ڏيکاري جيڪا توهان به محسوس ڪندو۔۔ سٺي رفتار ڪري ٻن ڪلاڪ اندر نه صرف ڪريش ٿيل ڊيٽا بيس رپيئر ٿيو پر ڊيٽابيس جو بيڪ اپ، ريسٽور ۽ نئين ورشن تي اپگريڊنگ ڪاميابي سان منتقل ٿي۔۔۔

پهرين ورشن جي مقابلي ۾ موجوده نئين ورشن بي شمار تبديليون سامهون اينديون۔۔ ۽ وري پراڻا ڪجهه فيچرس ڪجهه عرصي لاءِ غير فعال پڻ هوندا۔۔۔ خاص تبديلين ۾ رچ ٽيڪسٽ ايڊيٽر جو اضافو۔۔ آٽو سيو ڊرافٽ۔۔۔ ۽ ريسپانسوِ ڊيزائين جنهن ڪري هاڻي سنڌ سلامت ننڍي اسڪرين واري ڊيوائيسز ۾ پڻ آساني سان استعمال ڪري سگهبو۔۔۔ في الحال سنڌي ايڊيٽر موبائيل فونز جي ڪروم برائوزر ۾ ڪم نه پيو ڪري پر ان سهولت کي ترجيحي بنياد تي درست ڪيو ويندو۔۔۔ ان کان علاوه فورم تي هن دفعي سنڌي فونٽ کي امبيڊ ڪري رکيو ويو آهي ته جئين جن ساٿين وٽ سنڌي فونٽ ڪمپيوٽر ۾ انسٽال نه هجن انهن وٽ پڻ سنڌ سلامت جو نظارو درست نظر اچي۔۔۔

جيئن ته اڳ ڳالهه ٿي چڪي ته سنڌ سلامت فورم کي عارضي طور ڊيڊيڪيٽوِ سرور تي آندو ويو آهي۔۔۔ ان جو سبب اهو آهي ته سرور پائيدار هوسٽنگ ڪافي مهانگي آهي جيڪا بغير مالي سهائتا جي جاري رکڻ ممڪن نه آهي۔۔۔ ان ڪري جيڪڏهن فورم جي موجوده رفتار ساٿين کي پسند اچي ۽ ان کي جاري رکڻ چاهين ته ڪوشش ڪري سگهجي ٿي۔۔۔ (تڪڙو ان سلسلي ۾ هڪ موضوع شروع ڪري ساٿين کان مشورو ورتو ويندو)

هميشه وانگر جڏهن فورم کي ميجر اپڊيٽ مان گذاريو ويندو آهي ته ڪافي تبديليون هجڻ ڪري الجهنون پڻ پيدا ٿينديون آهن جن کي آهستي آهستي ختم ڪيو ويندو۔۔۔ دوستن کي درخواست آهي ته پنهنجا ويچار ۽ مشورا هن ئي موضوع موڪلين۔۔ ۽ فورم تي غلطين جي نشاندهين سان گڏو گڏ فورم تي مختلف جڳهين تي موجود انگريزي لفظن کي سنڌي ترجمي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ نشاندهي ڏياريندي پڻ مدد ڪن۔۔

فورم کي اپڊيٽ ڪندي خبر ئي نه پئي وقت ڪافي لنگهي چڪو۔۔ ۽ گهڙي رات جا 4 وڄائي ڇڏيا۔۔ ان ڪري ساٿيو هاڻي اجازت۔۔
والسلام
سائين هي سنڌي ۾ لکو
Untitled.png
 
Back
Top