تبديلي زندگي جي علامت آهي۔ ترقي لا وقت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ ضروري هوندو آهي۔
منزل تي اُهي ئي پهچندا آهن جيڪي قدم به قدم اڳتي وڌندا آهن۔
سنڌ سلامت جي موجوده تبديلي به هڪ خوش آئند قدم آهي۔
ادا ذيشان رشيد جي محنتن جو ڦل
سنڌ سلامت جي شڪل ۾ اسان جي آڏو آهي۔ هي فورم نه صرف سنڌي ٻولي، سنڌي ادب کي دنيا جي ڪند ڪڙڇ ۾ پهچائي ٿو پر سڄي دنيا جي سنڌين کي هڪ اڱڻ تي گڏ ڪرڻ ۾ به مصروف آهي۔
سنڌ سلامت کي اپڊيٽ ڪري جديد گهرجن مطابق هلائڻ وارو ڪم هڪ تمام ڏکيو ۽ ٽيڪنيڪل ڪم آهي۔ ان لا مهارت ، محنت ۽ لاڳيتي ڪوششن جي ضرورت آهي ۽ ادا ذيشان ۾ اهي سڀ خوبيون موجود آهن۔
جڏهن سنڌ سلامت جي سائيٽ بند ڪئي وئي ته ايئن لڳو ڄڻ انٽر نيٽ تي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي غائب ٿي وئي آهي۔
سنڌ ۽ سنڌي ٻولي کي دنيا آڏو جيڪا سڃاڻپ سنڌ سلامت ڏني آهي اها ڪنهن ٻي سنڌي سائيٽ ناهي ڏني۔ سنڌ سلامت جو ايئن اوچتو غائب ٿي وڃڻ سان دل اُداس ٿي وئي۔۔۔جيتوڻيڪ اهڙا اوچتا جهٽڪا پهرين به لڳي چڪا آهن پر ان جي باوجود سنڌ سلامت جو ايئن اوچتو غائب ٿي وڃڻ الائي ڇو برداشت ناهي ٿيندو۔
سنڌ سلامت جي سائيٽ ۾ ٿيل تبديلين جي ته خبر آهستي آهستي پوندي۔ منهنجي لا ته بس اها ئي خوشي جي خبر آهي ته سنڌ سلامت سان جدائي جو وقفو ادا ذيشان جي ڏينهن رات جي ڪوششن سان مختصر ٿي ويو ۽ سنڌ سلامت ٻيهر انٽر نيٽ تي ظاهر ٿي وئي آهي۔
منهنجي پاران سنڌ سلامت جي سڄي سٿ کي جديد گهرجن مطابق نواڻ آڻڻ تي کوڙ ساريون واڌايون قبول هجن۔۔۔
آخر ۾ سڀ کان اهم ڳالهه
فورم کي هلائڻ لا خرچ جي ضرورت ۽ ان جي پورائي جي ڪندس۔ هن فورم کي هلائڻ لا ڪير ڪيترو خرچ ڪري رهيو آهي۔۔۔ سنڌ سلامت جي سٿ ۽ رڪنن جو ان ۾ ڪيترو ڪردار آهي اها ڳالهه هميشه کان لڪل رهي آهي۔
منهنجي صلاح آهي ته سنڌ سلامت تي ان بابت هڪ موضوع ٺاهيو وڃي جتي هن فورم جي بجيٽ، خرچ ۽ مدد ڪرڻ جو طريقو وغيره ٻُڌايل هجي۔۔۔۔سڀني رڪنن آڏو سنڌ سلامت جي بجيٽ ۽ سنڌ سلامت جون ضرورتون پيش ڪيون وينديون ته هر اهو رڪن جيڪو مالي مدد ڪري سگهي ٿو ضرور ان خدمت ۾ حصو وٺندو۔ رهنمائي ڪرڻ سان هر رڪن کي مدد ڪرڻ ۾ ۽ رقم پهچائڻ ۾ ڪا ڏکيائي به نه ٿيندي۔ هون به اڄڪلهه آن لائين بئنڪنگ وسيلي رقم جي مٽا سٽا ممڪن آهي۔ ايئن ڪرڻ سان مون سميت ڪافي دوست هن قومي خدمت ۾ ڀائيوار ٿيڻ جي ضرور ڪوشش ڪندا۔ انشاالله۔