اڄ ڪلهه ڪاغذ جوڙي رکڻ جو رواج ڪونهين پرنٽ پبلشنگ بوڪ به ڊجيٽل بوڪ ۾ ڪنورٽ پيا ٿين. پر جيڪي به ڪاغذ يا تصويرون هونديون آهن تن کي اسڪين ڪري پنهنجي ڪمپيوٽر جي رڪارڊ تي يا انٽرنيٽ تي مستقبل لا سانڍي ۽ هميشه لا سيف ڪري يا ايڪسچينج ڪرڻ لا رکبو آهي. ٻيو ته اهو منفرد ايوارڊ ڪيئن سڏائجي ها جيڪر آنلائين نه ڏنو وڃي ها. ٽيون ته خاص سوشل ميڊيا جي پروموشن ۽ سنڌي ماڻهن کي هن مقصد هن جو هڪ خاص مقصد تهت ڪنورجنٽ ڪرڻو آهي، چوٿون ته ايجيوڪيٽ سنڌ پاليسي آهي. پنجون ته نيٽ ورڪ يا سوشل ميڊيا ۾ گلوبلي متعارف ڪرائڻو آهي. (ڇهون ته گهوٽ ته نشا هو ويئي ) يعني جي وصولي تي خوش رهڻو آهي ته کيسي مان ناڻو ڪڍي پرنٽ ۽ فريم ڪرائي رکڻو آهي ته قدر ٿيندو، مفت جو مال جيترو به قيمتي هُجي بيقدر ڦٽو ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ٻيا به گهڻائي رٿيل مقصد آهن. رهي ڳالهه هر ڪنهن جي ڏيئڻ جي ته اڃا تائين ڪنهن به شروعات ڪا نه ڪئي آهي جي ڪجي ته کير ۾ کنڊ.اهي ايوارڊ اگر پوسٽ ڪجن ها ته بهتر هو. ڇو ته آن لائين ايوارڊن جو ڪو به خرچ نه ٿو ٿئي. اهو ته هر ڪوپ ڏيئي سگهي ٿو.