• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فٽبال ورلڊ ڪپ 2014 : جرمني فٽبال جو نئون چيمپيئن بڻجي ويو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10329206_10203834716606563_8209539466082438576_n.jpg


jpTuVR6nmvPyB.jpg

آخرڪار هي ميلو پنهنجي پڄاڻي تي پهتو ۽ جرمني 24 سالن کان پوء ارجنٽينا کي ٻڙي جي مقابلي ۾ هڪ گول تان شڪست ڏئي چوٿون دفعو ورلڊ ڪپ جو فاتح بڻجي ويو آهي. آخري دفعو 1990ع ۾ به جرمني جي ٽيم ارجنٽينا کي شڪست ڏني هئي. سڄي دنيا جا تجزيه ڪار اهو چئي رهيا هئي ته جرمني فاتح ٿيندو ۽ اهوئي ٿيو. جيتوڻيڪ مونکي هن سڄي ٽورنامينٽ ۾ ۽ فائنل ۾ پڻ ميسي کان سٺو رانديگر ٻيو نظر ڪونه آيو.

برازيل جي شهر ريو ڊي جينيريو ۾ ٿيندڙ ميچ ۾ مقرر 90 منٽن تائين مقابلو بغير ڪنهن جي برار رهيو. ٻنهي ٽيمن خوب حملا ڪيا پر گول ڪرڻ ۾ ناڪام ويون. پهرين هاف ۾ ارجنٽينا جي ٽيم بهترين راند کيڏي ۽ هن کي موقعا به مليا پر گول ڪرڻ ۾ ناڪام ويا، ٻئي هاف کانپوء ارجنٽينا گهڻو ڪري دفاعي راند کيڏي. پهرين هاف جي آخري لمحن جرمني پاران ڪيل ڪوشش جي نتيجي ۾ بال گول پوسٽ سان ٽڪرائجي واپس واپس آيو. ٻئي هاف جي شروعات ۾ ارجنٽينا جي ميسي پاران ڪيل ڪوشش گول جي ڪاميابي ڏياري نه سگهي. مقرر وقت ۾ برابري کان پوء ٽيمن کي 30 منٽن جو اضافي وقت ڏنو ويو. ۽ اضافي وقت جي ٻئي هاف يعني 113هين منٽ ۾ جرمني پاران هڪ ڪامياب ڪوشش ڪئي وئي، آندري شولر بهترين موو ڪندي پاس ماريو گولتيز ڏانهن بال موڪليو جنهن خوبصورت انداز ۾ گول ڪيپر کي چڪمو ڏئي گول ڪري ورتو. ياد رهي ته ماريو گولتز کي ميچ جي ٻئي هاف ۾ ڪلوز جي جاء تي موڪليو ويو هو.
ارجنٽينا پوء گهڻي ڪوشش ڪئي پر جرمني ڪامياب دفاع ڪندي هڪ گول تان ڪاميابي حاصل ڪري ايندڙ چئن سالن لاء فٽبال جو حڪمران بڻجي ويو. ارجنٽينا 2006 ۽ 2010 ۾ به جرمني هٿان ناڪ آئوٽ مرحلن ۾ شڪست کاڌي آهي. فاتح ٽيم کي ڪپ سان گڏ 35 ملين ڊالر جي انعامي رقم به ڏني وئي.

______
فٽبال 2014ع جي عالمي ڪپ جو ميلو هن وقت برازيل ۾ هلندڙ آهي. هي ميلو هاڻ ٻئي ۽ ناڪ آئوٽ رائونڊ ۾ داخل ٿي چڪو آهي. 32 ٽيمن مان 16 ٽيمون اڳلي رائونڊ ۾ پهتيون آهن. حيران ڪن طور تي فٽبال جي عالمي چيمپيئن اسپين ۽ اڳوڻي چيمپيئن انگلينڊ ، اٽلي ۽ پرتگال جون ٽيمون به پهرين ئي رائونڊ مان ٻاهر ٿي چڪيون آهن.

گروپ اسٽيج تي پوائنٽس ٽيبل هن طرح آهي. هر گروپ ۾ ٽاپ تي رهندڙ ٻه ٽيمون ٻئي رائونڊ ۾ پهتيون آهن.

jSIvjxR0pVKFW.png


jZPVMgo580JJn.png

ٻيو رائونڊ به پڄاڻي تي پهتو، هاڻ صرف 8 ٽيمون ميدان ۾ آهن.
ميزبان برازيل جي ٽيم چلي کي ۽ ڪولمبيا جي ٽيم يوراگائي کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويون آهن.
هالينڊ جي ٽيم ميڪسيڪو کي ۽ ڪوسٽا ريڪا جي ٽيم يونان کي شڪست ڏئي پهريون دفعو ڪوارٽر فائنل ۾ پهتي آهي.
فرانس جي ٽيم نائيجريا کي ۽ جرمني جي ٽيم الجيريا کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويون آهن.
ارجنٽينا جي ٽيم سئزرلينڊ کي ۽ بيلجيم جي ٽيم آمريڪا کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويون آهن.
______

ڪوارٽر فائنل جي مقابلن ۾ برازيل جي ٽيم ڪولمبيا کي ۽ جرمني جي ٽيم فرانس کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهتيون آهن ۽ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيمي فائنل 8 جولاء تي کيڏيو ويندو.

ٻئي طرف ارجنٽينا جي ٽيم بيلجيم کي ۽ هالينڊ جي ٽيم ڪوسٽاريڪا کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهتيون آهن ۽ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيمي فائنل 9 جولاء تي کيڏيو ويندو.
______

سيمي فائنل جي مقابلن ۾ جرمني جي ٽيم برازيل کي هڪ جي مقابلي ۾ 7 گولن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهتي آهي.

ٻئي طرف ارجنٽينا جي ٽيم هالينڊ کي پينلٽي شوٽس تي ٻن جي مقابلي ۾ چئن گولن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهتي آهي.​
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
اڄوڪي ميچن ۾ گروپ اي ۾ برزايل جي ٽيم ڪيمرون کي هڪ جي مقابلي ۾ چئن گولن تان شڪست ڏني، جڏهن ته ميڪسيڪو جي ٽيم ڪروشيا کي هڪ جي مقابلي ۾ ٽن گولن تان شڪست ڏني.

گروپ بي ۾ اسپين پهرين ميچ کٽي ورتي پر پوء به ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي وئي. اسپين آسانيء سان آسٽريليا کي ٻڙي جي مقابلي ۾ ٽن گولن تان شڪست ڏني. هالينڊ جي ٽيم چلي جي ٽيم کي ٻڙي جي مقابلي ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏني.

j8WHP3ItNoYFm.png
 
برازيل ۽ ڪيمرون وارو ميچ رات ڏٺوسين. ڪيمرون وارا ڪُپتيا آهن، اسان واري پسنديده رانديگر نيمار کي 4 دفعا ڌِڪا ڏنائون، پر شابس آهي نيمار کي واه جي راند ڪيائين. برازيل وارن بلڪل سبيتي راند ڪئي.
 
اڄ گروپ سِي C جي کيڏيل ميچن ۾ يونان جي ٽيم ڪوٽ ڊيور جي ٽيم کي هڪ جي مقابلي ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏئي ٻئي مرحلي لاء پنهنجو رستو ٺاهي ورتو، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ ڪولمبيا جي ٽيم جپان کي هڪ جي مقابلي ۾ چئن گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

گروپ ڊِي D جي کيڏيل ميچن ۾ يوروگائي جي ٽيم سنسني خيز مقابلي کانپوءِ اٽلي جهڙي مّضبوط ٽيم کي ٻڙي جي مقابلي ۾ هڪ گول تان شڪست ڏئي ٻئي مرحلي لاء پنهنجو رستو ٺاهي ورتو ۽ اٽلي جي ٽيم به اسپين ۽ انگلينڊ جيان ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي وئي. جڏهن ته ٻي ميچ ڪوسٽا ريڪا ۽ انگلينڊ وچ ۾ بغير ڪنهن گول جي برابري تي ختم ٿي.

jMMNyldmgPgRH.png
 
اڄ گروپ اِي E ۾ کيڏيل ميچن ۾ سئزرلينڊ جي ٽيم هنڊارس کي ٻڙي جي مقابلي ۾ ٽن گولن تان شڪست ڏئي ٻئي مرحلي لاء پنهنجو رستو ٺاهي ورتو، سئزرلينڊ جي زردان شقيري هئٽ ٽرڪ ڪري پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري. جڏهن ته ٻي ميچ ۾ فرانس ۽ ايڪواڊور جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو بغير ڪنهن گول جي برابر رهيو پر فرانس ٻئي رائونڊ لاء ڪئاليفاء ڪري ورتو.

گروپ ايف F جي کيڏيل ميچن ۾ ارجنٽينا ۽ نائيجريا وچ ۾ دلچسپ مقابلو ٿيو پر ورلڊ ڪلاس رانديگر ميسي جي شاندار راند سبب نائيجريا کي ٻن جي مقابلي ۾ ٽن گولن تان شڪست ملي. ارجينٽينا راند جي ٽين منٽ ۾ ميسي جي مدد سان گول ڪيو پر چوٿين ئي منٽ ۾ نائيجريا جي احمد موسى گول ڪري اسڪور برابر ڪيو. 45هين منٽ ۾ ميسي ارجنٽينا لاء ٻيو گول ڪيو پر وري 47هين منٽ ۾ ئي احمد موسى به ٻيو گول ڪري اسڪور برابر ڪري ڇڏيو. 50هين منٽ ۾ ارجنٽينا ٽيون گول ڪري برتري آخر تائين برقرار رکي ميچ کٽي ورتي. پر پوءِ به ٻئي ٽيمون ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي ويون.

j6U8LgcVHdxjF.png
 
اڄ گروپ جِي G ۾ کيڏيل ميچن ۾ جرمني جي ٽيم آمريڪا کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ گول تان شڪست ڏني پر ٻئي ٽيمون ٻئي مرحلي ۾ پهتيون، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ پرتگال جي ٽيم رونالڊو جي گول سبب گهانا کي هڪ جي مقابلي ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏني پر ٻئي ٽيمون ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويون.

اڄ گروپ ايڇ H ۾ کيڏيل ميچن ۾ بيلجيم جي ٽيم ڏکڻ ڪوريا کي ٻڙي جي مقابلي ۾ هڪ گول تان شڪست ڏئي ٻئي مرحلي لاء پنهنجو رستو ٺاهي ورتو، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ الجيريا ۽ روس جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو بغير ڪنهن گول جي برابر رهيو پر الجيريا ٻئي رائونڊ لاء ڪئاليفاء ڪري ورتو.

jR6QQuNiODob2.png
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ٻئي مرحلي يعني ناڪ آئوٽ مرحلي لاء جن 16 ٽيمن ڪواليفاء ڪيو آهي انهن جي مقابلن جو شيڊيول هيٺ ڏجي ٿو.

برازيل ۽ چلي

هالينڊ ۽ ميڪسيڪو

ڪولمبيا ۽ يوراگائي

يونان ۽ ڪوسٽاريڪا

فرانس ۽ نائيجريا

ارجنٽينا ۽ سئزرلينڊ

جرمني ۽ الجيريا

بيلجيم ۽ آمريڪا

j2H7TkbSTZ7iq.png
 
ٻئي مرحلي ۾ مونکي صرف ٻن ميچز ۾ دلچسپي آ... ڳالهه اڳتي وڌي ته فائنل تائين دلچسپي گهٽبي ڪونه.. :)
 
تُرڪي جتي فوٽ بالر جا ڪريزي رهن ٿا انهن سان گڏ هوندي به هن عالمي راندين جي ميلي ۾ دلچسپي پئدا نه ٿي سگهي الائي ڇو.
 
ٻئي رائونڊ جي پهرين ميچ دلچسپ رهي جنهن ۾ ميزبان برازيل جي ٽيم چليءَ کي پينلٽي ڪڪس جي بنياد تي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي. ٻنهي ٽيمن پهرين هاف ۾ هڪ هڪ گول ڪيو ۽ مقرر 90 منٽن ۾ ميچ هڪ هڪ گول تان برابر رهي. ايڪسٽرا ٽائيم جي آخري منٽ ۾ چليء جي اسٽرائيڪر پاران ڪيل ڪوشش ان وقت بدقسمتي جو سبب بڻي جڏهن بال گول پوسٽ سان ٽڪرائجي واپس اچي ويو.

ٻنهي ٽيمن کي پينلٽي ڪڪس مليون جن مان برازيل ٽي گول ڪيا، هڪ گول چليء جي گول ڪيپر روڪي ورتو، جڏهن ته هڪ گول پوسٽ جي ٻاهر هليو ويو. چليءَ جي ٽيم ٻه گول ڪيا، ٻه گول برازيل جي گول ڪيپر روڪي ورتا جڏهن ته آخري شاٽ گول پوسٽ سان ٽڪرائي واپس اچي وئي.

ٻئي طرف ڪولمبيا جي ٽيم يوراگائي کي ٻڙي جي مقابلي ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي.

jbxpSvwiIvQFER.png
 
ڪوارٽر فائنل جي اڄوڪن مقابلن ۾ به سنسني برقرار رهي. پهرين ميچ ۾ هالينڊ جي ٽيم حيريت انگيز طور تي آخري ٽن منٽن ۾ ٻه گول ڪري 88 وين منٽ تائين فتح جا خواب ڏسندڙ ميڪسيڪو کي هڪ جي مقابلي ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي آهي.

ٻي ميچ ۾ ڪوسٽاريڪا جي ٽيم پينلٽي ڪڪس جي بنياد تي يونان جي ٽيم کي شڪست ڏئي پهريون دفعو ڪوارٽر فائنل ۾ پهتي آهي. ميچ جي 90 منٽن تائين ڪوسٽاريڪا هڪ گول تان کٽي رهي هئي پر ايڊيشنل منٽ ۾ يونان جي ٽيم گول ڪري مقابلو برابر ڪري ڇڏيو. ايڪسٽرا ٽائيم ۾ ٻنهي ٽيمن ڪو به گول نه ڪيو ۽ مقابلو هڪ هڪ گول تان برابر رهيو. پينلٽي ڪڪس جي مرحلي ۾ ڪوسٽاريڪا پنج ئي دفعا بال کي گول ۾ پهچايو جڏهن ته يونان جي هڪ شاٽ ڪوسٽاريڪا جي گول ڪيپر روڪي ورتي ۽ ايئن ڪوسٽا ريڪا ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي.

jnVPbjdgmpbIn.png


 
ڪالهه هالينڊ ۽ ميڪسيڪو جو مقابلو ڏٺم... يقين نه ٿي آيو ته 10 دفعا ٻيو مرحلو پار ڪندڙ ۽ 2010 جي ورلڊ ڪپ ۾ رنرز اپ رهندڙ هالينڊ هن دفعي هارائي رهي آهي... اهو سمورو ڪريڊٽ ميڪسيڪو جي گول ڪيپر ڏانهن ٿي ويو... ميچ جا آخري مرحلا نه ڏسي سگهيس ۽ اڄ صبح جي خبرن ۾ هالينڊ جي جيت ٻڌي اڃان وڌيڪ حيرت ٿي...

140629175636_wesley_sneijder_976x549_getty.jpg

جڏهن ته يونان ۽ ڪوسٽاريڪا پهريون دفعو ٻئي مرحلي ۾ پهتيون هيون.. سندس رانديگرن جي محنت ڏسندڙن کي دنگ ڪري وڌو هو... ڪي ته يونان مان وڏيون اميدون رکڻ لڳا هئا پر هائي ڙي قسمت... بحرحال يونان سٺو مقابلو ڪيو... پر جيت وري به پنجاهه لک کان گهٽ آبادي واري ڪوسٽاريڪا جي نصيب ۾ رهي

140629230131_costa_rica_team_976x549_getty.jpg
 
فرانس ۽ جرمني به ڪوارٽر فائنل ۾

فرانس ۽ نائيجريا ۾ ٿيندڙ ميچ فرانس ٻڙي جي مقابلي ۾ هڪ گول تان کٽي ورتي. نائيجريا جو دفاع ڪمال جو رهيو پر آخري 10 منٽن ۾ ٻه گول کين ٻاهر ڪري ويا.

جرمني جي ٽيم الجيريا کي هڪ جي مقابلي ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏني. مقرر وقت ۾ ٻئي ٽيمون ڪوبه گول ڪونه ڪري سگهيون پر اضافي وقت ۾ ٽي گول اسڪور ٿيا.

jbe0pWZeGmfZl9.png
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ڪوارٽر فائنل ۾ اٺن ٽيمن جي رسائي.

ارجنٽينا ۽ سئزرلينڊ وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو پر ارجنٽينا ٻڙي جي مقابلي ۾ هڪ گول تان ميچ کٽي ورتي. مقرر وقت ۾ اسڪور بغير ڪنهن گول جي برابر رهيو پر اضافي وقت جي آخري لمحن ۾ اسٽار ميسي جي شاندار ڪوشش سان ڊي ماريو گول ڪري ورتو. سئزرلينڊ جي ٽيم بد قسمت رهي جو آخري منٽ ۾ سندن هڪ ڪوشش سان بال گول پوسٽ سان ٽڪرائي واپس ٿيو ۽ ساڳي ئي ريبائونڊ تي لڳل هٽ گول کان ٻاهر وئي.

بيلجيم جي ٽيم آمريڪا کي سنسني خيز مقابلي کانپوء هڪ جي مقابلي ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏني. مقرر وقت ۾ اسڪور بعير ڪنهن گول جي برابر رهيو پر اضافي وقت جي 93 ۽ 105 منٽ ۾ بيلجيم ٻه گول ڪيا، 107 منٽ ۾ آمريڪا به گول ڪيو پر وقت پوري ٿيڻ تي آمريڪا جي ٽيم جو ورلڊ ڪپ جو سفر به پورو ٿيو.

jsEMqC85USNXY.png
 
برازيل ۾ ٿيندڙ عالمي فٽبال جي ورلڊ ڪپ جو ميلو تيزي سان آخري مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي. ڪالهه ٿيندڙ ڪوارٽر فائنل ۾ جرمني ۽ برازيل فاتح بڻجي ويا ۽ سيمي فائنل ۾ رسائي حاصل ڪري ويا.

پهرين ميچ ۾ جرمني ۽ فرانس جو سخت مقابلو ٿيو پر جرمني ٻڙي جي مقابلي ۾ هڪ گول تان سرسي حاصل ڪري ورتي. جرمني پاران 13هين منٽ ۾ ميٽس هملس گول ڪري برتري قائم ڪئي جيڪا آخر تائين برقرار رهي. ٻنهي ٽيمن هڪ ٻئي جي گولن تي ڪيئي حملا ڪيا پر پوء ڪوبه گول اسڪور نه ٿيو ۽ ايئن جرمني سيمي فائنل ۾ پهچندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي.

ٻي ميچ ۾ ميزبان برازيل جي ٽيم ڪولمبيا کي هڪ جي مقابلي ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏني. پهريون گول برازيل پاران ستين منٽ ۾ سلوا ڪيو جڏهن ته برازيل پاران ٻيو گول ڊيوڊ ليوز ٻئي هاف ۾ 69 منٽ ۾ ڪيو. ڪولمبيا جي ٽيم 80وين منٽ ۾ هڪ گول ڪيو پر برازيل سيمي فائنل ۾ پهچي ويو.

jDXoYjhetmYal.png
 
ڪالهه ٿيندڙ ڪوارٽر فائنل ۾ ارجنٽينا ۽ هالينڊ فاتح بڻجي ويا ۽ سيمي فائنل ۾ رسائي حاصل ڪري ويا.

پهرين ميچ ۾ ارجنٽينا جي ٽيم بيلجيم کي ٻڙي جي مقابلي ۾ هڪ گول تان ڪاميابي حاصل ڪئي. ارجنٽينا پاران اٺين منٽ ۾ گونزالو هيگئن گول ڪري برتري قائم ڪئي جيڪا آخر تائين برقرار رهي.

ٻي ميچ ۾ هالينڊ جي ٽيم ڪوسٽاريڪا کي پينلٽي ڪڪس تي ٿيندڙ مقابلي ۾ ٽن جي مقابلي ۾ چار گول ڪري ڪاميابي ماڻي. مقرر وقت ۽ اضافي 30 منٽن ۾ ٻنهي ٽيمن ڪوبه گول نه ڪيو. ڪوسٽاريڪا جي ٽيم گهڻو ڪري دفاعي راند کيڏي ۽ هنن پهريون ڪارنر 114 هين منٽ ۾ حاصل ڪيو. هالينڊ جي ٽيم 120هين منٽ ۾ هڪ تبديلي ڪندي گول ڪيپر کي مٽايو ۽ گول ڪيپر ئي سندن هيرو بڻيو جنهن پينلٽي ڪڪس تي ٻه گول روڪيا ۽ ايئن هالينڊ پينلٽي ڪڪس تي ٿيندڙ مقابلي ۾ ٽن جي مقابلي ۾ چئن گولن تان ڪاميابي ماڻي سيمي فائنل ۾ پهتي.

jbhUTL8KJOye7V.png
 
معلومات زبردست آهي.
پر آئون ڪرڪيٽ ، فٽبال ۽ هاڪي سميت سڀني راندين کيڏڻ ته پري جي ڳالهه ڏِسڻ کان به پري رهيو آهيان. ايتري تائين جو ڪمپيوٽر ۾ انسٽال تيل 3 ڊي گيمز کيڏڻ تي به دل نه چوندي هئي.

(جنهن ڪون سمجهه آوي ، باقي اساڏي جا ڪانهي.)
 
پهرين سيمي فائنل ۾ جرمني جي ٽيم ميزبان برازيل کي هڪ جي مقابلي ۾ ستن گولن تان تايخي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. برازيل جي ٽيم پنهنجي اسٽار رانديگر نيمار ۽ دفاعي رانديگر ۽ ڪپتان تياگو سلوا کان بغير ڪنهن ڪلب جي ٽيم لڳي رهي هئي. 11 هين منٽ ۾ جرمني پهريون گول ڪيو ۽ پوء پهرين هاف ۾ چار ٻيا گول ڪري پنجن گولن جي برتي قائم ڪري ورتي. ٻئي هاف ۾ 69 ۽ 79 منٽن ۾ جرمني ٻه ٻيا گول ڪري فائنل لاء جاء پڪي ڪري ورتي. آخري منٽ ۾ برازيل هڪ گول اسڪور ڪيو. جرمني ميچ جي 11، 23، 24، 26، 29، 69 ۽ 79 وين منٽن ۾ گول ڪيا.

برازيل جي بدترين شڪست ۽ تاريخي شڪست آهي ان کان اڳ 1922ع ۾ يوراگائي جي ٽيم هٿان هڪ جي مقابلي ۾ ڇهن گولن تان شڪست کاڌي هئي. جرمني جي ڪلوز سڀ کان وڌيڪ 16 گول ڪري برازيل جي رونالڊو جو رڪارڊ ٽوڙي ورتو.
 
Back
Top