آخرڪار هي ميلو پنهنجي پڄاڻي تي پهتو ۽ جرمني 24 سالن کان پوء ارجنٽينا کي ٻڙي جي مقابلي ۾ هڪ گول تان شڪست ڏئي چوٿون دفعو ورلڊ ڪپ جو فاتح بڻجي ويو آهي. آخري دفعو 1990ع ۾ به جرمني جي ٽيم ارجنٽينا کي شڪست ڏني هئي. سڄي دنيا جا تجزيه ڪار اهو چئي رهيا هئي ته جرمني فاتح ٿيندو ۽ اهوئي ٿيو. جيتوڻيڪ مونکي هن سڄي ٽورنامينٽ ۾ ۽ فائنل ۾ پڻ ميسي کان سٺو رانديگر ٻيو نظر ڪونه آيو.
برازيل جي شهر ريو ڊي جينيريو ۾ ٿيندڙ ميچ ۾ مقرر 90 منٽن تائين مقابلو بغير ڪنهن جي برار رهيو. ٻنهي ٽيمن خوب حملا ڪيا پر گول ڪرڻ ۾ ناڪام ويون. پهرين هاف ۾ ارجنٽينا جي ٽيم بهترين راند کيڏي ۽ هن کي موقعا به مليا پر گول ڪرڻ ۾ ناڪام ويا، ٻئي هاف کانپوء ارجنٽينا گهڻو ڪري دفاعي راند کيڏي. پهرين هاف جي آخري لمحن جرمني پاران ڪيل ڪوشش جي نتيجي ۾ بال گول پوسٽ سان ٽڪرائجي واپس واپس آيو. ٻئي هاف جي شروعات ۾ ارجنٽينا جي ميسي پاران ڪيل ڪوشش گول جي ڪاميابي ڏياري نه سگهي. مقرر وقت ۾ برابري کان پوء ٽيمن کي 30 منٽن جو اضافي وقت ڏنو ويو. ۽ اضافي وقت جي ٻئي هاف يعني 113هين منٽ ۾ جرمني پاران هڪ ڪامياب ڪوشش ڪئي وئي، آندري شولر بهترين موو ڪندي پاس ماريو گولتيز ڏانهن بال موڪليو جنهن خوبصورت انداز ۾ گول ڪيپر کي چڪمو ڏئي گول ڪري ورتو. ياد رهي ته ماريو گولتز کي ميچ جي ٻئي هاف ۾ ڪلوز جي جاء تي موڪليو ويو هو.
ارجنٽينا پوء گهڻي ڪوشش ڪئي پر جرمني ڪامياب دفاع ڪندي هڪ گول تان ڪاميابي حاصل ڪري ايندڙ چئن سالن لاء فٽبال جو حڪمران بڻجي ويو. ارجنٽينا 2006 ۽ 2010 ۾ به جرمني هٿان ناڪ آئوٽ مرحلن ۾ شڪست کاڌي آهي. فاتح ٽيم کي ڪپ سان گڏ 35 ملين ڊالر جي انعامي رقم به ڏني وئي.
______
فٽبال 2014ع جي عالمي ڪپ جو ميلو هن وقت برازيل ۾ هلندڙ آهي. هي ميلو هاڻ ٻئي ۽ ناڪ آئوٽ رائونڊ ۾ داخل ٿي چڪو آهي. 32 ٽيمن مان 16 ٽيمون اڳلي رائونڊ ۾ پهتيون آهن. حيران ڪن طور تي فٽبال جي عالمي چيمپيئن اسپين ۽ اڳوڻي چيمپيئن انگلينڊ ، اٽلي ۽ پرتگال جون ٽيمون به پهرين ئي رائونڊ مان ٻاهر ٿي چڪيون آهن.
گروپ اسٽيج تي پوائنٽس ٽيبل هن طرح آهي. هر گروپ ۾ ٽاپ تي رهندڙ ٻه ٽيمون ٻئي رائونڊ ۾ پهتيون آهن.
ٻيو رائونڊ به پڄاڻي تي پهتو، هاڻ صرف 8 ٽيمون ميدان ۾ آهن.
ميزبان برازيل جي ٽيم چلي کي ۽ ڪولمبيا جي ٽيم يوراگائي کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويون آهن. هالينڊ جي ٽيم ميڪسيڪو کي ۽ ڪوسٽا ريڪا جي ٽيم يونان کي شڪست ڏئي پهريون دفعو ڪوارٽر فائنل ۾ پهتي آهي. فرانس جي ٽيم نائيجريا کي ۽ جرمني جي ٽيم الجيريا کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويون آهن. ارجنٽينا جي ٽيم سئزرلينڊ کي ۽ بيلجيم جي ٽيم آمريڪا کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويون آهن.
______
ڪوارٽر فائنل جي مقابلن ۾ برازيل جي ٽيم ڪولمبياکي ۽ جرمني جي ٽيم فرانس کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهتيون آهن ۽ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيمي فائنل 8 جولاء تي کيڏيو ويندو.
ٻئي طرف ارجنٽينا جي ٽيم بيلجيم کي ۽ هالينڊ جي ٽيم ڪوسٽاريڪا کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهتيون آهن ۽ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيمي فائنل 9 جولاء تي کيڏيو ويندو.
______
سيمي فائنل جي مقابلن ۾ جرمني جي ٽيم برازيل کي هڪ جي مقابلي ۾ 7 گولن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهتي آهي.
ٻئي طرف ارجنٽينا جي ٽيم هالينڊ کي پينلٽي شوٽس تي ٻن جي مقابلي ۾ چئن گولن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهتي آهي.
اڄوڪي ميچن ۾ گروپ اي ۾ برزايل جي ٽيم ڪيمرون کي هڪ جي مقابلي ۾ چئن گولن تان شڪست ڏني، جڏهن ته ميڪسيڪو جي ٽيم ڪروشيا کي هڪ جي مقابلي ۾ ٽن گولن تان شڪست ڏني.
گروپ بي ۾ اسپين پهرين ميچ کٽي ورتي پر پوء به ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي وئي. اسپين آسانيء سان آسٽريليا کي ٻڙي جي مقابلي ۾ ٽن گولن تان شڪست ڏني. هالينڊ جي ٽيم چلي جي ٽيم کي ٻڙي جي مقابلي ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏني.
اڄ گروپ اِي E ۾ کيڏيل ميچن ۾ سئزرلينڊ جي ٽيم هنڊارس کي ٻڙي جي مقابلي ۾ ٽن گولن تان شڪست ڏئي ٻئي مرحلي لاء پنهنجو رستو ٺاهي ورتو، سئزرلينڊ جي زردان شقيري هئٽ ٽرڪ ڪري پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري. جڏهن ته ٻي ميچ ۾ فرانس ۽ ايڪواڊور جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو بغير ڪنهن گول جي برابر رهيو پر فرانس ٻئي رائونڊ لاء ڪئاليفاء ڪري ورتو.
گروپ ايف F جي کيڏيل ميچن ۾ ارجنٽينا ۽ نائيجريا وچ ۾ دلچسپ مقابلو ٿيو پر ورلڊ ڪلاس رانديگر ميسي جي شاندار راند سبب نائيجريا کي ٻن جي مقابلي ۾ ٽن گولن تان شڪست ملي. ارجينٽينا راند جي ٽين منٽ ۾ ميسي جي مدد سان گول ڪيو پر چوٿين ئي منٽ ۾ نائيجريا جي احمد موسى گول ڪري اسڪور برابر ڪيو. 45هين منٽ ۾ ميسي ارجنٽينا لاء ٻيو گول ڪيو پر وري 47هين منٽ ۾ ئي احمد موسى به ٻيو گول ڪري اسڪور برابر ڪري ڇڏيو. 50هين منٽ ۾ ارجنٽينا ٽيون گول ڪري برتري آخر تائين برقرار رکي ميچ کٽي ورتي. پر پوءِ به ٻئي ٽيمون ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي ويون.
ارجنٽينا ۽ سئزرلينڊ وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو پر ارجنٽينا ٻڙي جي مقابلي ۾ هڪ گول تان ميچ کٽي ورتي. مقرر وقت ۾ اسڪور بغير ڪنهن گول جي برابر رهيو پر اضافي وقت جي آخري لمحن ۾ اسٽار ميسي جي شاندار ڪوشش سان ڊي ماريو گول ڪري ورتو. سئزرلينڊ جي ٽيم بد قسمت رهي جو آخري منٽ ۾ سندن هڪ ڪوشش سان بال گول پوسٽ سان ٽڪرائي واپس ٿيو ۽ ساڳي ئي ريبائونڊ تي لڳل هٽ گول کان ٻاهر وئي.
بيلجيم جي ٽيم آمريڪا کي سنسني خيز مقابلي کانپوء هڪ جي مقابلي ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏني. مقرر وقت ۾ اسڪور بعير ڪنهن گول جي برابر رهيو پر اضافي وقت جي 93 ۽ 105 منٽ ۾ بيلجيم ٻه گول ڪيا، 107 منٽ ۾ آمريڪا به گول ڪيو پر وقت پوري ٿيڻ تي آمريڪا جي ٽيم جو ورلڊ ڪپ جو سفر به پورو ٿيو.
معلومات زبردست آهي.
پر آئون ڪرڪيٽ ، فٽبال ۽ هاڪي سميت سڀني راندين کيڏڻ ته پري جي ڳالهه ڏِسڻ کان به پري رهيو آهيان. ايتري تائين جو ڪمپيوٽر ۾ انسٽال تيل 3 ڊي گيمز کيڏڻ تي به دل نه چوندي هئي.