Sindhi Media
سينيئر رڪن
اسلام جي پکيڙ، مُحمد بن قاسم جي آمد ۽سنڌ جو باب الاسلام بڻجڻ ۽ اڄ تاريخ جي روشنيءَ ۾.
تحرير ۽ تحقيق: عبدالرزاق ميمڻ
مُحمد صلعم جن جي زندگي جو پورو نمونون (569ع کان 632ع) تائين هن دُنيا ۾ انسانن ۽ جنن لا عملي زندگي جو هڪ کُليو ڪتاب آهي۔ جنهن جا حوالا حديثن ۾ ملن ٿا۔
610ع ۾ قرآن جو پڙاڏو هڪ کان گهٽ صدي جي وقت ۾ (بحر اوقيانوس) کان (وچ ايشيا) تائين پُهتو۔ ۽ مُحمد صلي الله عليه وسلم جن جي وفات (632ع )کان محض هڪ سئو سال پو ۽ (732ع ڌاري) اسلام فرانس جي شهر(تُوري) جي حدن تائين پُهچي چُڪو هو۔
سال 632ع ۾ حضرت ابوبڪر رضه سان خلافت راشديه جي شروعات ٿي۔ پاڻ (حروب الرده) کان پو (سلطنت ساسانيه) ۽ (سلطنت بازنطيني) طرف پيشقدميون جاري رکيون.
۽ سال 634ع ۾حضرت ابوبڪر صديق رضه جي وفات کان پو حضرت عمر رضي جن کي خلافت راشديه جو ٻيو خليفو چونڊيو ويو۔ حضرت عمر رضيه (ساسانين) کان عراق (بين النهرين)، ايران جي علائقن ۽ (روميو کان مصر)، فلسطين، سوريا ۽ آرمينا جا علائقا فتح ڪري اسلامي خلافت ۾ داخل ڪيا ۽ عملي طور تي انهن ٻنهين وڏين سلطنتن جو خاتمون آندو۔ ۽ پوءِ 638ع ۾ ۾مسلمان (بيت المقدس) ۾ داخل ٿي چُڪا هُئا۔ 644ع ۾ (ابولولو فيروز) جي خنجر سان حضرت عمر رضيه جي شهادت کان پو حضرت عثمان رضيه مُسلمانن جو ٽيون خليفو چُونڊيا ويا۔
حضرت عثمان رضيه (644ع کان 656ع) جي قيادت ۾ مُسلمانن سال 652ع تائين اسلامي خلافت مغرب جي حدن (جزيره الاندلس) ۾ پُهچي چُڪيون هُيون ۽ سال 656ع ۾ حضرت عثمان رضيه جن کي به شهيد ڪيو ويو.
۽ پو حضرت علي رضيه (656ع کان 661ع)جن کي مُسلمانن جو چوٿون خليفو چونڊيو ويو۔
حضرت عثمان رضه جي شهادت تي اسلامي خلافت جا ماڻهو سخت ناراض ٿي پيا ۽ انهُن خلافت راشديه جي چوٿين ۽ آخري خليفي حضرت علي رضيه جن تي گهڻو زور بار وڌو ته حضرت عثمان غني رضه جي قاتلن کي هڪدم پڪڙي سزا ڏني وڃي۔ جنهن ۾ ناڪامي سبب اُمت مُسلم کي هڪ وڏو ڌچڪو سال 656ع جي آخر ۾ (جنگ جمل) جي صورت ۾ پيو۔ پو دمشق جي حاڪم (امير معاويه) حضرت علي جي بيعت جو انڪار ڪندي حضرت عثمان جي قصاص جو مطالبو ڪيو ۽ نتيجي ۾ سال 657ع ۾ (جنگ صفين) جو واقعو پيش آيو۔ جنهن ۾ حضرت علي رضه جن کي فتح حاصل نه ٿي سگهي.
۽ سال 660ع ۾ معاويه جي حاڪميت مصر، حجاز ۽ يمن جي علائقن تي قائم رهي۔ پو سال 661ع ۾ عبدالرحمان بن ملجم جي هڪ تلواري حملي سان حضرت علي رضيه جي شهادت ٿي وئي۔
بل آخر سال 661ع ۾ (خلافت بنو اُميه) جو وجود پيو ۽ ان جي وفات کان پو سال 679ع ۾ سندس پُٽ (يزيد) حڪومت ۾ ويٺو۔
حُسين رضه جن کي 680ع ۾ ڪربلا جي ميدان تي شهيد ڪيو ويو۔
سال 710ع ۾ بنو اُميه کي ٻه فتحيون حاصل ٿيون۔
1. هڪ فتح سنڌ (مُحمد بن قاسم) ۽
2. ٻي 711ع ۾ اُندلس جي (طارق بن زياد) جي وسيلي۔
سال 699ع ۾ فقهي امام حضرت ابو حنيفه رحه جن جي پئدائش ٿي هُئي ۽ فقهي امام (حضرت امام مالڪ رحه) جن 711ع ۾ پئدا ٿيا هُئا۔ حالانڪه اندلس جي فتح کان پو سال 650ع تائين (عباسي خلافت ) جي قيام دوران (بنو اُميه خلافت) تقريبن ختم ٿي چُڪي هئي پر بنو اُميه جو هڪ شهزادو (عبدالرحمان الداخل) فرار ٿي 756ع ۾ اُندلس وڃي پُهتو ۽ هُن اُتي (خلافت قرطبه) جو بُنياد وڌو۔ ائين بنو اُميه جي خلافت 1031ع تائين قائم رهي۔
هڪ طرف (عباسي خلافت) ۾ ڪاغذي صنعت ۽ 762ع ۾ بغداد جي (بيت الحڪمه) جهڙا شاهڪار ڏسڻ ۾آيا ته ٻي طرف بچيل (خلافت اُميه) ۾ (جامع مسجد قرطبه) جهڙيون عمارتون تعمير ٿيون۔
سال 767ع ۾ فقهي امام حضرت امام شافعي رحه جن جي ولادت ٿي ته سال 780ع ۾ فقهي امام حضرت حنبل رضيه جن جي ولادت ٿي۔
حضرت عثمان رضيه جي شهادت وقت مُسلمانن ۾ هڪ پهريون فرقو پئدا ٿيو هو۔ جيڪو حضرت علي رضيه جي حامي هو جيڪو پو هلي (شيعان علي) نالي سان سڃاتو ويو۔ سن 1285ع ۾ انهن ئي شيعا فرقي جي حمايت سان ۽ هلاڪو خان جي بغداد تي حملي ڪرڻ سان (خلافت عباسيه) جو آخري خليفو (معتصم با الله) کي غاليچي ۾ ويڙهي مٿان گهوڙا ڊوڙائي ماريو ويو ۽ خليفتُ المسلمين ۽ امير المومنين جي ڌيئرن کي منگوليا ۽ چنگيز خان جي پوٽن مونڪو خان جي حرم ۾ موڪليو ويو۔ مصلحت کان ڪم وٺندي پو هلاڪو خان اهم شيعا عبادت خانن تي پنهنجي سپاهين کان نقصان پُهچڻ جي انديشن ڪري پهريدار مقرر ڪري ڇڏيا هُئا ۽ ائين خلافت عباسي جو به خاتمو ٿيو۔
اهو عباسي عهد ئي هو اسلامي تاريخ جيڪا سال 700ع کان شروع ٿي (اسلامي عهد زرين) سمجهيو وڃي ٿو ۽ مُسلمان سائنسدانن جا عظيم ڪتاب انهي زماني ۾ تخليق ٿيا هُوا ۽ انهي زماني ۾ ان مقسُ کي (دجلا) جو پاڻي ڪاري ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو۔
چوڻ لا ته 1924ع تائين گهلجي ايندڙ خلافت لغوي معنائن ۾ (632ع کان 1258ع) تائين قائم سمجهي سگهجي ٿي۔ جڏنهن ته حقيقت ۾ ان جو عملي طور خاتمون 945ع ۾ (بنون بويا) جي هٿان ٿي چڪو هو۔
هوڏانهن ايران ۾ سامانيا (819ع کان 999ع تائين) وارن ۽ ايران جي گهڻن ئي حصن سميت (ماروا النهر) ۽ هاڻوڪي هندستان جي علائقن تي ڦهليل غزنوي سلطنت ( 963ع کان 1187ع تائين) وارا، عباسي خلافت کي ڏيک طور نالي ماتر ئي نمائندگي ڏيندا هُئا۔
فاطمين (909ع کان 1171ع تائين)، تيونس ۾ عباسي خلافت کي غاصب قرار ڏئي پنهنجي هڪ جُدا خلافت (920ع) جي دعوى ڪري چُڪا هُئا۔ ۽ اسپين ۾ عبدالرحمان سوم(928ع) پاڻ لاِ خليفي جو لقب استعمال ڪري رهيو هو۔ هي اهڙو وقت هو جو هڪ ئي وقت ۾ دُنيا ۾ ٽي وڏيون خلافتون موجود هُيون۔ هر طرف کان خلافا بازي پنهنجي زورن تي هُئي، هي هڪ ئي وقت موجود خلافتون
1. (خلافت عباسيه)،
2. (خلافت فاطميه)،
3. (خلافته قرطبه ( اندلس اُميه) جون هُيون۔
سال 1169ع ۾، (نورالدين زنگي) شير ڪوهه جي ذريعي مصر پنهنجي تسلط ۾ وٺي خلافت فاطميه جو خاتمو آندو.
۽ پو صلاح الدين ايوبي (1138ع کان 1193ع) سال 1174ع ۾ (ايوبي سلطنت) جو بُنياد وڌو۔ ۽ 1878ع ۾عيسائين جي قائم ڪيل (مملڪت بيت المقدس) کان بيت المقدس کي آزاد ڪرايو۔ پو 1342ع ۾ ايوبي سلطنت جي خاتمي ۽ مُلڪن (1250ع کان 1517ع تائين) حڪومت جي قيامن کان پهرئين ان سلطنت م هڪ عورت سُلطانه شجر الدار (1249ع کان 1250ع) به ستين صليبي جنگن جي دوران قيادت ڪئي۔
سال 1258ع ۾چنگيز خان جي پوٽي کان پاڻ بچائيندڙ عباسين، مصر ۾ مملوڪن جي سلطنت (1250ع کان 1517ع) ۾ خليفي جو لقب اختيار ڪري عباسي (فرار ٿيڻ وارا) خلافت کي مملوڪين جي عثمانين جي سليم اول (پهريون) جي هٿان شڪست کاڻ تائين (1517ع) نالي ۽ ڏيک تحت قائم رکيو ۽ پو سليم اول آخري مصري عباسي خليفي (محمد المتوڪل ثاني) (1509ع کان 1517ع تائين، کان پو خليفي جو لقب پاڻ لاِ حاصل ڪري ورتو۔
هاشم ثاني کان پو خلافت قرطبه (756ع کان 1031ع) ختم ٿي وئي ۽ الاندلس، ننڍين ننڍين رياستن ۾ ورهائجي ويو۔ دولت مرابطين جي يوسف بن تاشفين 1094ع ۾ ان کي وري مُتحد ڪيو پر اُن کان پو دولت موحدون آئي ۽ معرڪه العقاب (1212ع) ۾ انهن جي شڪست کان پو ٻيهر اندلس جو شيرازو بکرجي ويو۔ ۽ 1492ع ۾ ابو عبدالله ، اندلس کي عيسائين جي حوالي ڪري مراڪش اچي ويو۔
هوڏانهن مشرق طرف مملوڪن کان سلطنت غزنويه (986ع 1186ع) ۽ سلطنت غوريه (1148ع کان 1215ع) خلافت کي طوائف بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ان کان پو خلجي خاندان ۽ تغلق خاندان آيا ۽ 1526ع ۾ سلطنت دهلي سلطنت مغليه بڻجي وئي۔
جاگرافي اعتبار سان عيسايت ۽ يهوديت وانگر اسلام به انهن ئي علائقن مان دُنيا ۾ آيو جنهن کي اسان مشرقي وسطى جي نالي سان سُڃاڻون ٿا۔